فريشتون رو لُوط نَي بچاوڻ
19
او ٻيئي فريشتا شام رَي ٽيم سدُوم شھر ۾ آيا۔ اُوئي ٽيم لُوط شھر رَي در ڪڍي ٻيٺو ھتو۔ لُوط اُوئون ميموڻون نَي ڏيکي اُوئون ݾون مِلڻ گيو ھانَ زمين توڻي جُھڪي اُوئون ݾون مِليو۔ ‏2 پَڇي لُوط اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مھارَي مالڪون، ٿي مھارَي گھري ھالو، آپرا ھاٿ پگ ڌوئو ھانَ مھارَي گھري رات رو ھانَ پَڇي ݾاڪݪي تارھي بُوئا جايا۔“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”نا، مھي چوڪ تي رات ريشون۔“ ‏3 جڏي لُوط گھڻَي مِنٿون ڪيئَي، تو او اُوئي رَي گھري آيا۔ پَڇي اُوئي اُوئون رَي ݾارُو بِنا کَمير ٻاٽِي ھانَ ݾُٺو طعوم تيار ڪرايو ھانَ اُوئون کاڌو۔
‏4 پَڇي اُوئون رَي ݾُوئڻ ݾون پيل، سدُوم شھر را ݾجائِي نوجوان ھانَ ڏوڪرا آيا، اُوئون لُوط رَي گھر رَي چوڌاري گھيرو ڪيئو۔ ‏5 اُوئون لُوط نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”جڪو آڏمي آج رات ٿارَي گھري آيا ھَي، او ڪيٿ ھَي؟ اُوئون نَي مھون ڪڍي ٻاھر لي آ، تو مھي اُوئون ݾون بُرو ڪوم ڪرون۔“ ‏6 لُوط اُوئون ݾون ٻولڻ رَي ݾارُو گھر ݾون ٻاھر نڪريو ھانَ لاري در بند ڪيئو۔ ‏7 لُوط اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڀايون، ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ اَي بُڇڙو ڪوم نِي ڪرو۔ ‏8 جوئو، مھارَي ٻي ڪنوارَي ڏيڪرَي ھَي، ھُون اُوئون نَي ٿون ڪڍي ٻاھر لي آئُون ھون، پَڇي جون وڻَي اُوئون ݾون ڪرو، پڻ اِيئون نَي ڪئين نِي ڪو، ڪيونڪہ اَي مھارَي گھري ميموڻ ھوئي آيا ھَي۔“ ‏9 اُوئون لُوط نَي ڪھيو ڪہ، ”مھورَي مارگ ݾون پرھو ھو۔ تُو پرديسي ھوئي مھون ڪڍي آيو ھانَ ھمَي تُو مھونَي ݾُڻائِي ڪہ مھونَي ڪِي ڪرڻو ھَي؟ مھي اُوئون ميموڻون ݾون ڀِي وڌيڪ ٿارِي حالت خراب ڪرشون۔“ پَڇي او لُوط نَي ڌِڪو ڏي در ڀونگڻ رَي ݾارُو آگھي بڌيا۔ ‏10 پڻ اُوئون ميموڻون لُوط نَي گھر ۾ ڇِڪي در بند ڪري ڇوڙيو۔ ‏11 پَڇي ميموڻون ٻاھر اُڀوڙَي ݾجَي نوجوانون ھانَ ڏوڪرون نَي اونڌا ڪري ڇوڙيا ھانَ او در جوتا رھيا، پڻ در اُوئون نَي ڪونھي لاڌو۔
‏12 اِيئي تي اُوئون ميموڻون لُوط نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿارو ايٿ ڪو ٻيجو ڀِي ھَي؟ ڏيڪرا، ڏيڪرَي، جوئين، جون ڪو ٻيجو عزيز، جڪو اِيئي شھر ۾ رَي ھَي۔ ݾجون نَي اِيئي شھر ݾون ٻاھر ڪاڍي لي جا۔ ‏13 مھي اَي شھر برباد ڪرشون، ڪيونڪہ ايٿ رَي مِنکون را ݾُڏڪا پرميشوَر توڻي پُگا ھَي ھانَ اُوئي مھونَي اَي شھر برباد ڪرڻ رَي ݾارُو ميليا ھَي۔“ ‏14 پَڇي لُوط ٻاھر نڪريو ھانَ آپرَي جويون ڪڍي گيو، جڪون ݾون اُوئي رَي ڏيڪريون را ݾگپڻ ھويوڙا ھتا۔ اُوئي آپرَي جويون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڇيڪائِي ڪرو، ايٿ ݾون نڪرو، ڪيونڪہ پرميشوَر اَي شھر برباد ڪرڻ آݪو ھَي۔“ پڻ اُوئي رَي جويون ݾمجھو ڪہ او مھون ݾون ھاݾا ڪرَي پڙيو۔
‏15 ݾاڪݪي تارھي فريشتون لُوط ݾون ڇيڪائِي ڪرائِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اُٺِي آپرِي لُگائِي ھانَ آپرَي ٻي ڏيڪرَي لي ايٿ ݾون نڪري جا۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ شھر برباد ھوتي بِݪا، ٿي ڀِي مري جائو۔“ ‏16 لُوط تو ڀِي دير ڪرتو رھيو، پڻ پرميشوَر لُوط تي مھربون ھتو، اِيئي رَي ڪري فريشتا، لُوط اُوئي رِي لُگائِي ھانَ اُوئي رَي ٻيئون ڏيڪريون نَي آپرَي ھاٿون ݾون ڪاڍي شھر ݾون ٻاھر لي گيا۔ ‏17 اُوئون نَي شھر ݾون ٻاھر ڪاڍڻ ݾون پَڇي، ھيڪَي فريشتَي ڪھيو ڪہ، ”آپرِي جان بچاوڻ رَي ݾارُو ايٿ ݾون ناݾي جا۔ لاري نِي جوئي ھانَ نِي اِيئي ميدون ۾ ڪيٿ اُڀي، پڻ اُوئي جبلون ڏيݾا ناݾي جا ڪہ ٿي اِيئي آفت ۾ مرڻ ݾون بچي جائو۔“ ‏18 لُوط اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اي مھارا مالڪ، اِيئون نِي ڪرو۔ ‏19 ٿون آپرَي ٻونھَي تي مھربونِي ڪري مھارِي جان بچائي ھَي، پڻ او جبل تو تموم گھڻا اݪگا ھَي، اِيئون نِي ھووَي ڪہ اُوئون توڻي پُگڻ ݾون پيل، او آفت آوَي ھانَ ھُون مري جائُون۔ ‏20 او جوئو، نيڙو ھيڪ شھر ھَي، جڪو تموم نِنيو ھَي ھانَ ھُون اوٿ ڇيڪو ناݾي پُگي ݾگھون ھون۔ جي موڪل ڏيئو، تو ھُون اوٿ ناݾي جائُون۔ اِيئي نمُونَي ھُون بچي جائين۔“ ‏21 فريشتَي ڪھيو ڪہ، ”ٺيڪ ھَي، ھُون ٿارِي اَي بات ڀِي منون ھون۔ ھُون اُوئي شھر نَي برباد ڪونھي ڪرون۔ ‏22 پڻ ھمَي جِترو ڇيڪو ھووَي، اوٿ نڪري جا، ڪيونڪہ ھُون اُترِي توڻي ڪئين ڪونھي ڪرون، جترِي توڻي تُو اوٿ ڪونھي پُگتو۔“ اُوئي ڏِن ݾون اُوئي شھر رو نون ضُغر ھويو، جڪَي رو مطلب ھَي، ”نِنيو“ ڪيونڪہ لُوط اُوئي نَي نِنيو ڪھيو ھتو۔
سدُوم ھانَ عمُورا شھرون رِي بربادي
‏23 پَڇي ڏِن اُگتي ئِي لُوط ضُغر شھر ۾ پُگو۔ ‏24 پَڇي پرميشوَر سدُوم ھانَ عمُورا شھرون تي آڪاش ݾون گندرف رو باݾڏي برݾايو، ‏25 جڪَي ݾون او شھر، آݾَي پاݾَي رو ݾجو علائقو ھانَ اوٿ را ݾجائِي مِنک ھانَ ڌرتي ݾون اُگڻ آݪَي ݾجَي شيون ٻَݪي راک ھوئي گئَي۔ ‏26 پڻ لُوط رِي لُگائِي لاري پاڇل ڦوري جويو، تو او اُوئيج ٽيم لُوڻ رو ٿونڀو ھوئي گئِي۔
‏27 اڀراھيم ݾاڪݪي تارھي اُٺي جبل تي اُوئي جگھا گيو، جيٿ پيل اُوئي پرميشوَر ݾون باتون ڪيئَي ھتَي۔ ‏28 اُوئي جگھا ݾون اڀراھيم، سدُوم ھانَ عمُورا شھرون ھانَ آݾَي پاݾَي رَي ݾجَي علائقون ڏيݾا ڏيٺو، تو اوٿ ݾون بٺَي رَي ڌُونئَي آݪِي ڪار ڌُونئو نڪرتو پڙيو۔ ‏29 جڏي ايشوَر اُوئي علائقَي رَي شھرون نَي برباد ڪيئا، جيٿ پيل لُوط ريتو، تو اُوئي اڀراھيم نَي ياد ڪري لُوط نَي اُوئي آفت ݾون بچايو۔
لُوط ھانَ اُوئي رَي ڏيڪرَي
‏30 لُوط ضُغر شھر ۾ ريوَڻ ݾون ٻيئاجتو، اِيئي رَي ڪري او ھانَ اُوئي رَي ٻيئي ڏيڪرَي اُوئي شھر ݾون نڪري جبلون ڏيݾا گيا ھانَ ھيڪِي چُر ۾ ريوَڻ لاگا۔ ‏31 ھيڪ ڏِن موٽِي ٻين نِنڪِي ٻين نَي ڪھيو ڪہ، ”آپڻو اَبا تو ڏوڪرو ھوتو جاوَي پڙيو ھانَ آپڻَي آݾَي پاݾَي ٻيجو ڪو ڀِي مڙد ڪونھي، جڪو آپون ݾون بيئان ڪرَي ھانَ آپڻا اولاد ھووَي۔ ‏32 اِيئي رَي ڪري آ، تو آپي آپڻَي اَبا نَي انگُورون رو رس پياڙون ھانَ اُوئي ڀيڙَي ݾُوئون ڪہ آپڻا اولاد ھووَي۔“ ‏33 اُوئون اُوئيج رات آپرَي ٻاپ نَي انگُورون رو رس پياڙيو ھانَ موٽِي ڏيڪرِي جائي اُوئي ڀيڙِي ݾُوتِي، پڻ لُوط نَي اِترو تو نشو ھتو ڪہ اُوئي نَي خبر ڀِي ڪونھي پڙِي ڪہ او ڪڏي ݾُوتِي ھانَ ڪڏي اُٺِي۔ ‏34 ٻيجَي ڏِن موٽِي ٻين نِنڪِي ٻين نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪالھي راتي ھُون آپڻَي اَبا ڀيڙِي ݾُوتِي ھتِي ھانَ آج رات ڀِي آپي اُوئي نَي انگُورون رو رس پياڙون ھانَ تُو اُوئي ڀيڙِي ݾُوئي ڪہ اُوئي ݾون آپون ٻيئون را اولاد ھووَي۔“ ‏35 اِيئي رَي ڪري اُوئون اُوئي رات ڀِي آپرَي ٻاپ نَي انگُورون رو رس پياڙيو ھانَ نِنڪِي ڏيڪرِي جائي آپرَي ٻاپ ڀيڙِي ݾُوتِي، پڻ لُوط نَي ڀڙي اِترو تو نشو ھتو ڪہ اُوئي نَي خبر ڀِي ڪونھي رئِي ڪہ او ڪڏي ݾُوتِي ھانَ ڪڏي اُٺِي۔ ‏36 اِيئي نمُونَي لُوط رَي ٻيئي ڏيڪرَي آپرَي ٻاپ ݾون اُميد ݾون ھوئَي۔ ‏37 موٽِي ڏيڪرِي نَي ھيڪ ڏيڪرو جايو ھانَ اُوئي آپرَي ڏيڪرَي رو نون موآب راکيو۔ اُوئي رِي پيڙھِي نَي موآبي قوم ڪَي ھَي، جڪو آج توڻي موجُود ھَي۔ ‏38 نِنڪِي ڏيڪرِي نَي ڀِي ڏيڪرو جايو ھانَ اُوئي آپرَي ڏيڪرَي رو نون بن عمي راکيو۔ اُوئي رِي پيڙھِي نَي عمُوني قوم ڪَي ھَي، جڪو آج توڻي موجُود ھَي۔