اڀرام رو لُوط نَي ڇوڙاوڻ
14
اُوئون ڏِنون ۾ سنعار مُلڪ رو بادشاھ امرافل ھتو، الاسر مُلڪ رو بادشاھ اريوڪ ھتو، عيلام مُلڪ رو بادشاھ ڪِدرلاعُمر ھتو ھانَ جوئيم مُلڪ رو بادشاھ تدعال ھتو۔ ‏2 اِيئون چارون موٽَي بادشاھون اُوئون پونچ شھرون رَي بادشاھون ݾون جنگ ڪِي، جڪون رَي نيڙو لُوط ريتو، يعني سدُوم شھر رو بادشاھ بَرع، عمُورا شھر رو بادشاھ برشع، اَدما شھر رو بادشاھ سنياب، ضبوئيم شھر رو بادشاھ شميبر ھانَ بالع شھر رو بادشاھ جڪَي شھر نَي ضُغر شھر ڀِي ڪَي ھَي۔ ‏3 اَي پونچ بادشاھ آپرِي آپرِي فوج ݾُوڌا سديم رِي وادِي ۾ ڀيڙا ھويا، (جيٿ آج مُردار ݾمُوندر ھَي۔) ‏4 او پونچ ئِي بادشاھ ٻارھَي ݾالون توڻي مجبُورِي ۾ ڪِدرلاعُمر بادشاھ رو حُڪم منتا رھيا، پڻ تيروين ݾال اُوئون اُوئي رو حُڪم ڪونھي منيو ھانَ اُوئي رَي خلاف ھويا۔ ‏5 اِيئي رَي ڪري چئوڏوين ݾال ڪِدرلاعُمر بادشاھ ھانَ اُوئي ڀيڙا تين ٻيجا بادشاھ جنگ رَي ݾارُو بَئير ھويا ھانَ يردن دريا رَي اُوگوڻَي پاݾَي رَي ݾجَي قومون ھانَ شھرون تي قبضو ڪيئو۔ اِيئي نمُونَي او اُتر ݾون ڏکڻ ڏيݾا بڌتا بڌتا رفائي قوم نَي عستارات قرينم شھر ۾، زوزي قوم نَي ھام شھر ۾، ايمي قوم نَي سوِي قرتيم شھر ۾ ‏6 ھانَ حوري قوم نَي شعير رَي جابلُو علائقَي ۾ ھرايو ھانَ ايل فاران شھر نَي جيتي رڻ پَٽ رِي حد توڻي پُگا۔ ‏7 پَڇي اوٿ ݾون پاڇا بَݪيا ھانَ عين مصفات، يعني قادس شھر ۾ جائي عماليقي قوم رَي ݾجَي علائقَي تي قبضو ڪيئو ھانَ پَڇي حصيصون تمر شھر ۾ ريوَڻ آݪِي اموري قوم نَي ڀِي ھرايو۔
‏8 اِيئي نمُونَي او چار بادشاھ سدُوم، عمُورا، اَدما، ضبوئيم ھانَ بالع، يعني ضُغر شھر رَي نيڙا پُگا۔ پَڇي اُوئون پونچ شھرون را بادشاھ نڪريا ھانَ سديم رِي وادِي ۾ آپرِي آپرِي فوج جنگ رَي ݾارُو ڀيڙِي ڪِي۔ ‏9 او چارئي موٽا بادشاھ، يعني عيلام مُلڪ رو بادشاھ ڪِدرلاعُمر، جوئيم مُلڪ رو بادشاھ تدعال، سنعار مُلڪ رو بادشاھ امرافل ھانَ الاسر مُلڪ رو بادشاھ اريوڪ اُوئون پونچون بادشاھون ݾون جنگ ڪرڻ رَي ݾارُو آپرِي آپرِي فوج ڀيڙِي ڪِي۔ ‏10 سديم رِي اُوئي وادِي ۾ ڏامر را تموم گھڻا کڏا ھتا۔ جڏي سدُوم ھانَ عمُورا شھر رَي بادشاھون اُوئون موٽَي بادشاھون رِي فوج ڏيٺِي، تو او آپرِي آپرِي فوج ڀيڙا جنگ رَي ميدون ݾون ناٺا ھانَ تموم گھڻا فوجي اُوئون کڏون ۾ کِريا ھانَ جڪو بچا او جبلون ڏيݾا ناݾي گيا۔ ‏11 پَڇي او چارئي بادشاھ سدُوم شھر ھانَ عمُورا شھر ݾون مال ملڪيت ھانَ کاوڻ پيئڻ رو ݾجو سيمون کوݾي لي گيا۔ ‏12 اُوئي ٽيم اڀرام رو ڀاتريجو لُوط سدُوم شھر ۾ ريتو۔ او اُوئي نَي ڀِي ٻيجَي مِنکون ڀيڙو اُوئي رِي مال ملڪيت ݾُوڌو لي گيا۔
‏13 پڻ ناٺوڙَي مِنکون ۾ ھيڪ آپرِي جان بچائي اڀرام ڪڍي گيو ھانَ اُوئي نَي لُوط رَي بارَي ۾ ݾُڻايو۔ اُوئي ٽيم اڀرام بلُوط رَي بَڻون ڪڍي ريتو، جڪو ممري نون رَي مِنک رِي ٻنِي ۾ ھتا۔ اڀرام جڪو عبراني قوم رو ھتو ھانَ ممري ھانَ اُوئي را ڀائي اشڪال ھانَ عانير جڪو اموري قوم را ھتا، اُوئون آپت ۾ ھيڪ ٻيجَي رو ݾاٿ ڏيوَڻ رو وچن ڪيئو ھتو۔ ‏14 جڏي اڀرام اَي بات ݾُڻِي ڪہ ڪِدرلاعُمر بادشاھ ھانَ اُوئي را ساٿِي اُوئي رَي ڀاتريجَي لُوط نَي جھالي گيا ھَي، تو اڀرام آپرَي گھر را تين ݾئو اڍارَي جنگ بِڙھڻ آݪا ڪاريگر مِنک لي اُوئون تين اموري ڀايون ھانَ اُوئون رَي مِنکون ڀيڙو بَئير ھويو۔ اُوئون تي مارگ ۾ حملو ڪرڻ رَي ݾارُو ٻيجَي مارگ ݾون بيتا بيتا نيٺ جائي دان شھر رَي نيڙا اُوئون ڪڍي پُگا۔ ‏15 رات رو اڀرام آپرَي مِنکون نَي ڌار ڌار ٽولون ۾ ڪري اُوئون تي حملو ڪيئو ھانَ اُوئون نَي ھرايا ھانَ دمشق شھر رَي اُتر ڏيݾا خُوبا علائقَي توڻي اُوئون رو لارو ڪيئو۔ ‏16 اڀرام آپرَي ڀاتريجَي لُوط نَي ھانَ ٻيجَي ݾجَي آڏميون ھانَ لُگايون نَي اُوئون رِي مال ملڪيت ݾُوڌو ڇوڙائي پاڇو لي آيو۔
‏17 جڏي اڀرام ڪِدرلاعُمر بادشاھ ھانَ اُوئي ڀيڙو ٻيجون بادشاھون نَي ھرائي پاڇو آيو، تو سدُوم رو بادشاھ سوِي رِي وادِي، يعني بادشاھي وادِي توڻي اُوئي رَي اِستقبال رَي ݾارُو آيو۔ ‏18 ساليم شھر رو بادشاھ مَلڪ صدق ٻاٽِي ھانَ انگُورون رو رس لي آيو۔ او مھانَ ايشوَر رو خاص پُوجاري ھتو۔ ‏19 مَلڪ صدق بادشاھ، اڀرام نَي ڪھيو ڪہ، ”آڪاش ھانَ ڌرتي رَي ٺاوڻ آݪَي مھانَ ايشوَر رِي برڪت ٿَي تي ھووَي۔ ‏20 مھانَ ايشوَر رِي بکوڻ ھووَي، جڪَي ٿارَي دُشمنون نَي ھراوڻ ۾ ٿارِي مدد ڪِي۔“ پَڇي اڀرام ݾجَي شيون رو ڏھون حِصو مَلڪ صدق بادشاھ نَي ڏينو۔ ‏21 پَڇي سدُوم رَي بادشاھ اڀرام نَي ڪھيو ڪہ، ”ݾجو مال ملڪيت تُو آپرَي ݾارُو راک، پڻ مھارا مِنک مھنَي پاڇا ڏي۔“ ‏22 اِيئي تي اڀرام سدُوم رَي بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي آڪاش ھانَ ڌرتي رَي ٺاوڻ آݪَي پرميشوَر، مھانَ ايشوَر رو ݾونݾ ليئو ھَي ‏23 ڪہ ھُون ٿارِي ڪو ڀِي شئي اترِي توڻي ڪہ ھيڪ ڪک ڀِي ڪونھي ليئون، پَڇي تُو مھنَي اِيئون نِي ڪَي ڪہ مھَي اڀرام نَي ڌن آݪو ڪيئو ھَي۔ ‏24 ھُون آپرَي ݾارُو ڪئين ڪونھي ليئون، رُگو جڪو ڪئين مھارَي مِنکون ٻاٽِي کاڌِي۔ پڻ عانير، اشڪال ھانَ ممري آپرو آپرو حِصو لَي، ڪيونڪہ او مھَي ڀيڙا جنگ ۾ ھتا۔“