اڀرام ھانَ لُوط رو ڌار ھوئڻ
13
پَڇي اڀرام مِصر مُلڪ ݾون آپرِي لُگائِي، آپرَي ڀاتريجَي لُوط ھانَ جڪو ڪئين اُوئي ڪڍي ھتو، او ڀيڙو لي ڪنعان مُلڪ رَي ڏکڻ علائقَي ڏيݾا پاڇو آيو۔ ‏2 ݾونو چوندِي ھانَ ڍور ڍگا مِلڻ ݾون پَڇي، اڀرام پيل ݾون ڀِي وڌيڪ مالُوند ھوئي گيو ھتو۔ ‏3 پَڇي اڀرام ڪنعان رَي ڏکڻ علائقَي ݾون بيتو بيتو پاڇو بيت ايل علائقَي ۾ اُوئي جگھا تي پُگو، جيٿ پيل بيت ايل شھر ھانَ عئي شھر رَي بِچ ۾ اُوئي آپرا تنٻُو لگايا ھتا، ‏4 يعني او جگھا جيٿ اُوئي پيل ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي ھتِي۔ اوٿ جائي اُوئي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪِي۔
‏5 لُوط ڀِي اڀرام ڀيڙو ھتو ھانَ اُوئي ڪڍي رڍون، ٻڪرَي، ڍگَي ڍگا ھانَ تنٻُو ھتا۔ ‏6 اڀرام ھانَ لُوط ڪڍي تموم گھڻا ڍور ڍگا ھتا ھانَ اُوئي علائقَي ۾ مال چارڻ رَي ݾارُو اِترو گاݾ ڀِي ڪونھي ھتو، اِيئي رَي ڪري او ڀيڙا رئي ڪونھي ݾگھتا۔ ‏7 اُوئون ڏِنون ۾ اُوئي مُلڪ ۾ ڪنعاني ھانَ فرزي قومون ڀِي ريتَي۔ پَڇي اڀرام ھانَ لُوط رَي ڌراڙون ۾ جھيڙو شرُوع ھويو۔
‏8 پَڇي اڀرام لُوط نَي ڪھيو ڪہ، ”آپڻو ھيڪج خاندان ھَي۔ آپون ۾ ھانَ ٿارَي ھانَ مھارَي ڌراڙون ۾ جھيڙو نِي ھوئڻ کپَي۔ ‏9 اَي ݾجو مُلڪ ٿارَي ݾومھو ھَي، اِيئي رَي ڪري ڀلو اَي ھَي ڪہ آپي ڌار ھوئي جائُون۔ جي تُو ڏکڻ جائِي، تو ھُون اُتر جائين ھانَ جي تُو اُتر جائِي، تو ھُون ڏکڻ جائين۔“ ‏10 اِيئي تي لُوط چارئي پاݾَي جويو ھانَ اُوئي نَي يردن دريا رو ݾجو علائقو پسند آيو، جڪو ضُغر شھر توڻي ھتو۔ ضُغر شھر سدُوم شھر ھانَ عمُورا شھر رَي نيڙو ھتو۔ اَي شھر پَڇي پرميشوَر برباد ڪيئا ھتا، پيل اَي علائقو عدن باگ ھانَ مِصر مُلڪ جھڙو ݾاوڪ آݪو ھتو۔ ‏11 اِيئي رَي ڪري لُوط يردن دريا رو ݾجو علائقو آپرَي ݾارُو چُونڊيو، جڪو اُوگوڻَي پاݾَي ھتو۔ پَڇي او اُوئا گيو ھانَ او ٻيئي ھيڪَي ٻيجَي ݾون ڌار ھويا۔ ‏12 اڀرام ڪنعان مُلڪ رَي علائقَي ۾ رھيو، پڻ لُوط يردن دريا رَي پاݾَي آݪَي شھرون رَي نيڙو رھيو ھانَ نيٺ سدُوم شھر رَي نيڙو آپرا تنٻُو لگايا۔ ‏13 سدُوم شھر را مِنک پرميشوَر رِي نظر ۾ تموم گھڻا بُڇڙا ھانَ پاپي ھتا۔
‏14 لُوط رَي ڌار ھوئڻ ݾون پَڇي، پرميشوَر اڀرام نَي ڪھيو ڪہ، ”جيٿ تُو اُڀو ھَي، اوٿ ݾون چارئي پاݾَي جو، ‏15 ڪيونڪہ اَي ݾجو مُلڪ جڪو تُو ڏيکَي پڙيو، ھُون ٿنَي ھانَ ٿارَي اولاد نَي ھميشا رَي ݾارُو ڏئين۔ ‏16 ھُون ٿنَي اِترا تو اولاد ڏئين ڪہ اُوئون نَي بيݪُو رَي ذرون آݪِي ڪار ڪو ڀِي گِڻي ڪونھي ݾگھَي۔ ‏17 جا، ݾجَي مُلڪ را چارئي پاݾا ڦِري جو، ڪيونڪہ اَي مُلڪ ھُون ٿنَي ڏئين۔“ ‏18 پَڇي اڀرام آپرا تنٻُو کڻيا ھانَ جائي ممري رِي ٻنِي تي بلُوط رَي بَڻون رَي پاݾَي ۾ ريوَڻ لاگو، جڪو حبرُون شھر رَي نيڙا ھَي ھانَ اوٿ پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون رِي جگھا ٺائِي۔