بابل شھر رو مينار
11
اُوئون ڏِنون ۾ ݾجِي ڌرتي تي ھيڪج ٻولِي ھتِي۔ ‏2 پَڇي اِيئون ھويو ڪہ مِنک اُوگوڻَي ڏيݾا سفر ڪرتا مُلڪ سنعار رَي ھيڪَي ميدون ۾ پُگا ھانَ اوٿ ريوَڻ لاگا۔ ‏3 اُوئون آپت ۾ ڪھيو ڪہ، ”آئو، آپي اِيٽون ٺائُون ھانَ اُوئون نَي باݾڏي ۾ ݾُٺَي نمُونَي پڪائُون۔“ اُوئون پٿر رِي جگھا اِيٽون ھانَ گارَي رِي جگھا ڏامر اِستعمال ڪيئو۔ ‏4 پَڇي اُوئون ڪھيو ڪہ، ”آئو، آپي آپڻَي ݾارُو ھيڪ شھر ٺائُون ھانَ اُوئي ۾ ھيڪ اھڙو مينار ڀِي ٺائُون، جڪَي رِي چوٽِي آڪاش توڻي پُگَي ڪہ آپڻو نون مشھُور ھووَي ھانَ آپي ݾجِي ڌرتي تي بِکري نِي جائُون۔“ ‏5 پرميشوَر او شھر ھانَ مينار، جوئڻ رَي ݾارُو اُتريو، جڪَي نَي مِنک ٺاوتا پڙيا۔ ‏6 پَڇي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”اَي ݾجِي ھيڪ قوم ھَي ھانَ ھيڪج ٻولِي ٻولَي پڙيا ھانَ جڪو ڪوم اَي ڪرَي پڙيا، اَي تو شرُوعات ھَي، پڻ آوڻ آݪَي ٽيم ۾ اَي جڪِي بات رو اِرادو ڪرشَي، اُوئي نَي اَي ضرُور پُورو ڪرشَي۔ ‏7 آئو، آپي اوٿ ھالي اُوئون رِي ٻولِي ۾ گَڙ ٻَڙ گھاتون ڪہ او ھيڪَي ٻيجَي رِي بات ݾمجھي نِي ݾگھَي۔“ ‏8 اِيئي رَي ڪري پرميشوَر اُوئون نَي اوٿ ݾون ݾجِي ڌرتي تي ٽِڙ پکڙ ڪري ڇوڙيا ھانَ اُوئون شھر ٺاوڻ ڦِٽو ڪيئو۔ ‏9 اِيئي رَي ڪري اُوئي شھر رو نون ”بابل“ ھويو، جڪَي رو مطلب ھَي ”گَڙ ٻَڙ۔“ ڪيونڪہ پرميشوَر ݾجَي مِنکون رِي ٻولِي ۾ گَڙ ٻَڙ گھاتِي ھانَ اُوئون نَي اوٿ ݾون ݾجِي ڌرتي تي ٽِڙ پکڙ ڪري ڇوڙيا۔
سِم رِي اڀرام توڻي پيڙھِي
‏10 سِم رِي پيڙھِي اَي ھَي، موٽِي ٻوڏ رَي ٻيئون ݾالون ݾون پَڇي، جڏي سِم ݾئو ݾال رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو ارفڪسد جايو۔ ‏11 اُوئي ݾون پَڇي سِم وڌيڪ پونچ ݾئو ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏12 جڏي ارفڪسد پنجٽي ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو سِلح جايو۔ ‏13 اُوئي ݾون پَڇي ارفڪسد چار ݾئو تين ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏14 جڏي سِلح ٽيھ ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو عِبر جايو۔ ‏15 اُوئي ݾون پَڇي سِلح چار ݾئو تين ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏16 جڏي عِبر چوٽِي ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو فِلج جايو۔ ‏17 اُوئي ݾون پَڇي عِبر چار ݾئو ٽيھ ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏18 جڏي فِلج ٽيھ ݾال رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو رعُو جايو۔ ‏19 اُوئي ݾون پَڇي فِلج ٻي ݾئو نَئو ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏20 جڏي رعُو ٻٽي ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو سرُوج جايو۔ ‏21 اُوئي ݾون پَڇي رعُو ٻي ݾئو ݾات ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏22 جڏي سرُوج ٽيھ ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو نحُور جايو۔ ‏23 اُوئي ݾون پَڇي سرُوج ٻي ݾئو ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏24 جڏي نحُور اُڻٽِي ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو ڏيڪرو تارح جايو۔ ‏25 اُوئي ݾون پَڇي نحُور ھيڪ ݾئو اُگڻيݾ ݾال جيتو رھيو ھانَ اُوئي رَي ٻيجَي ڀِي ڏيڪرَي ھانَ ڏيڪرا جايا۔
‏26 جڏي تارح ستر ݾالون رو ھويو، تو اُوئي رو پيلڪو ڏيڪرو جايو ھانَ اُوئي ݾون پَڇي ٻي ٻيجا ڏيڪرا جايا۔ اُوئي رَي ڏيڪرون را نون اڀرام، نحُور ھانَ حاران ھتا۔
تارح رو خاندان
‏27 تارح را تين ڏيڪرا ھتا، اڀرام، نحُور ھانَ حاران۔ تارح رو ھيڪ پوترو لُوط ڀِي ھتو، جڪو حاران رو ڏيڪرو ھتو۔ ‏28 حاران آپرَي ٻاپ تارح رَي جيتَي جِي جيٿ او جايو ھتو، يعني ڪسديون رَي شھر اُور ۾ دم ڏينو۔ ‏29 اڀرام ݾاري ݾون بيئان ڪيئو ھانَ نحُور حاران رِي ڏيڪرِي مِلڪا ݾون۔ حاران رِي ھيڪ ٻيجِي ڀِي ڏيڪرِي ھتِي، جڪَي رو نون اِسڪا ھتو۔ ‏30 ݾاري نَي ڪو ڀِي اولاد ڪونھي ھتو، ڪيونڪہ او بونجڪِي ھتِي۔ ‏31 تارح آپرَي شھر اُور ݾون ڪنعان مُلڪ ڏيݾا جاوڻ رَي ݾارُو بَئير ھويو۔ اُوئي آپرَي ڏيڪرَي اڀرام، آپرِي بوئارِي ݾاري ھانَ آپرَي پوترَي لُوط نَي جڪو حاران رو ڏيڪرو ھتو، ڀيڙو ليئو، پڻ جڏي او حاران شھر ۾ پُگا، تو اوٿج ريوَڻ لاگا۔ ‏32 تارح ٻي ݾئو پونچ ݾال رِي عُمر ۾ حاران شھر ۾ دم ڏينو۔