قومون رِي شرُوعات
10
ٻوڏ ݾون پَڇي نُوح رَي ڏيڪرون سِم، حام ھانَ يافت را اولاد جايا، جڪون رَي پيڙھَي اَي ھَي۔يافت رِي پيڙھِي
2 يافت را ڏيڪرا اَي ھَي۔ جُمر، ماجوج، مادائي، ياوان، توبل، ميسڪ ھانَ تيراس۔
3 جُمر را ڏيڪرا اَي ھَي۔ اشڪناز، ريفات ھانَ توجرما۔
4 ياوان را ڏيڪرا اَي ھَي۔ اليشا، ترسيس، ڪِتيم ھانَ دودانيم۔
5 اِيئون را اولاد ݾمُوندر رَي ڪپ آݪَي علائقون ھانَ ٻيٽون ۾ ريوَڻ لاگا۔ اِيئون ݾون ڌار ڌار قومون ھانَ قبيلا ھويا ھانَ ھر ھيڪ رِي آپرِي آپرِي ٻولِي ھانَ علائقا ھتا۔
حام رِي پيڙھِي
6 حام را ڏيڪرا اَي ھَي۔ ڪُوش، مِصر، فُوط ھانَ ڪنعان۔
7 ڪُوش را ڏيڪرا اَي ھَي۔ سِبا، حوِيلا، سبتا، رعماھ ھانَ سبتيڪا۔
رعماھ را ڏيڪرا اَي ھَي۔ شِبا ھانَ دِدان۔
8 نِمرُود ڀِي ڪُوش رِي پيڙھِي ݾون ھتو ھانَ او ھيڪ موٽو طاقت آݪو پھلوون ھتو۔ 9 او پرميشوَر رِي مرضِي ݾون موٽو شڪارِي ھويو۔ اِيئي بات ݾون اَي ڪيتوڻو ٺھيو ڪہ، ”پرميشوَر ٿنَي نِمرُود آݪِي ڪار موٽو شڪارِي ٺاوَي۔“ 10 نِمرُود رِي بادشاھي رِي شرُوعات سنعار مُلڪ رَي بابل، ارڪ، اڪاد ھانَ ڪلنا شھرون ݾون ھوئِي۔ 11 پَڇي او اُوئي مُلڪ ݾون نڪري اسُور مُلڪ ۾ آيو ھانَ نينوا، رحوبوت عير ھانَ ڪلح شھر ٺڙايا۔ 12 اُوئي ھيڪ موٽو شھر ٺڙائو، جڪَي رو نون رسن راکيو، جڪو نينوا ھانَ ڪلح شھرون رَي بِچ ۾ ھتو۔
13 مِصر رَي ڏيڪرون رَي نون ݾون اَي قومون ھوئَي، لُودي، عنامي، لُھابي، نفتوحي، 14 فتروسي، ڪسلوحي ھانَ ڪفتوري۔ فلستِي قوم ڪسلوحي رِي پيڙھِي ݾون ھَي۔
15 ڪنعان رو موڀِي ڏيڪرو صيدا ھتو۔ ڪنعان رَي ڏيڪرون رَي نون ݾون اَي قومون ھوئَي۔ حِتي، 16 يبُوسي، اموري، جرجاسي، 17 حوِي، عرقي، سيني، 18 اروادي، صماري ھانَ حماتي۔ او ڪنعاني قوم ڪھيجڻ لاگا ھانَ پِکڙي گيا۔
19 ڪنعانيون رَي علائقون رَي حدون اَي ھَي، صيدا شھر ݾون لي ڏکڻ ڏيݾا جرار شھر ݾون ھوئي غزا شھر توڻي۔ اوٿ ݾون اُتر ڏيݾا سدُوم، عمُورا، اَدما ھانَ ضبوئيم شھر ݾون ھوئي لسع شھر توڻي۔ 20 حام رَي اولادون ݾون ڌار ڌار قومون ھانَ قبيلا ھويا ھانَ ھر ھيڪ رو آپرو آپرو علائقو ھانَ ٻولِي ھتِي۔
سِم رِي پيڙھِي
21 سِم، يافت رو موٽو ڀائي ھتو۔ سِم را اولاد ھويا ھانَ سِم عِبر رِي اولاد، يعني عبراني قوم رو ڏاڏو ھتو۔
22 سِم را ڏيڪرا اَي ھَي۔ عيلام، اسُور، ارفڪسد، لُود ھانَ ارام۔
23 ارام را ڏيڪرا اَي ھَي۔ عُوض، حُول، جتر ھانَ مَس۔
24 ارفڪسد ݾون سِلح جايو ھانَ سِلح ݾون عِبر جايو۔
25 عِبر را ٻي ڏيڪرا ھويا۔ ھيڪَي رو نون فِلج، يعني ”بِݪائيجڻ“ ھانَ ٻيجَي رو نون يُقطان ھتو۔ فِلج رَي ڏِنون ۾ مِنک بِݪائيجي گيا۔
26 يُقطان را ڏيڪرا اَي ھَي۔ الموداد، سلف، حصارماوت، اِراخ، 27 ھدورام، اوزال، دِقلا، 28 عوبل، ابي مائيل، شِبا، 29 اوفير، حوِيلا ھانَ يوباب۔ اَي ݾجائِي يُقطان را اولاد ھتا۔ 30 او ميسا شھر ݾون لي سفار شھر ھانَ اُوگوڻَي پاݾَي جابلُو علائقَي توڻي ريتا۔ 31 سِم رَي اولادون ݾون ڌار ڌار قومون ھانَ قبيلا ھويا ھانَ ھر ھيڪ رو آپرو آپرو علائقو ھانَ ٻولِي ھتِي۔
32 ٻوڏ ݾون پَڇي نُوح رَي ڏيڪرون رَي اولادون ݾون ڌار ڌار قومون ھانَ قبيلا ھويا، جڪو ݾجِي ڌرتي تي پِکڙي گيا۔