ݾاتوون ڏِن
2
اِيئي نمُونَي ڌرتي ھانَ آڪاش ھانَ ھر ھيڪ شئي رو ٺاھيجڻ پُورو ھويو۔ 2 ايشوَر آپرو ݾجو ڪوم پُورو ڪيئو ھانَ ݾاتوين ڏِن ووندو ھويو۔ 3 ايشوَر ݾاتوين ڏِن نَي برڪت ڏينِي ھانَ اُوئي نَي پويتر ڏِن ڪھيو، ڪيونڪہ اُوئي ڏِن او آپرَي ݾجَي ڪوم ݾون ووندو ھويو ھتو۔ايشوَر رو آدم ھانَ حوا نَي ٺاوڻ
4 اَي بات پرميشوَر ايشوَر رَي آڪاش ھانَ ڌرتي نَي ٺاوڻ ݾون پَڇي رِي ھَي۔ اَي بات اُوئي ٽيم شرُوع ھووَي ھَي، 5 جڏي ڌرتي تي ڪو ڀِي پوک ھانَ گاݾ ڪونھي اُگو ھتو، ڪيونڪہ پرميشوَر ايشوَر ڌرتي تي مي ڪونھي برݾايو ھتو ھانَ ٻنِي ڪرڻ رَي ݾارُو ڪو اِنسون ڀِي ڪونھي ھتو۔ 6 ڌرتي ݾون سِم نڪرتِي، جڪَي ݾون ݾجِي ٻنِي گيلِي ھوئي جاوتِي۔
7 پَڇي پرميشوَر ايشوَر ڌرتي ݾون مٽِي لِي ھانَ ھيڪ آڏمي ٺاھيو ھانَ اُوئي رَي ناڪ ۾ زندگِي رو ݾاݾ ڦُوڪيو، تو او جيتو اِنسون ھويو۔ 8 پَڇي پرميشوَر ايشوَر اُوگوڻَي پاݾَي عدن رَي علائقَي ۾ ھيڪ باگ لگايو ھانَ اُوئي باگ ۾ آڏمي نَي راکيو، جڪَي نَي اُوئي ٺاھيو ھتو۔ 9 پرميشوَر ايشوَر باگ رِي ٻنِي ݾون ھر نمُونَي را بَڻ اُگايا، جڪون را ڦل کاوڻ ھانَ جوئڻ ۾ ݾُٺا ھتا۔ باگ رَي بِچ ۾ زندگِي رو بَڻ ھانَ ڀلائي ھانَ بُڇڙائي رِي اوݪکوڻ رو بَڻ ڀِي ھتو۔
10 عدن رَي علائقَي ݾون ھيڪ دريا نڪرتو، جڪَي ݾون باگ نَي پوڻي مِلتو۔ اُوئي دريا ݾون چار ݾاکون نڪرتَي۔ 11 پيلڪِي ݾاک رو نون فيسون ھَي، جڪو حوِيلا رَي ݾجَي علائقَي ݾون ھوئي بَي ھَي۔ اُوئي علائقَي ۾ ݾونو نڪرَي ھَي۔ 12 اُوئي علائقَي رو ݾونو نِج ھَي ھانَ اوٿ گُوگݪ بَڻ رو خُوشبودار گُوند ھانَ عقيق پٿر ڀِي ملَي ھَي۔ 13 ٻيجِي ݾاک رو نون جيحون ھَي، جڪو ڪُوش رَي ݾجَي علائقَي ݾون ھوئي بَي ھَي۔ 14 تيجِي ݾاک رو نون دجلا ھَي، جڪو اسُور رَي علائقَي ݾون اُوگوڻَي پاݾَي بَي ھَي۔ چوٿِي ݾاک رو نون فرات ھَي۔
15 پَڇي پرميشوَر ايشوَر اُوئي آڏمي نَي عدن رَي باگ ۾ راکيو ڪہ او اُوئي ۾ ڪوم ڪرَي ھانَ اُوئي رِي ݾنڀال ڪرَي۔ 16 پَڇي پرميشوَر ايشوَر آڏمي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو اِيئي باگ رَي ݾجَي بَڻون را ڦل کائي ݾگھَي ھَي۔ 17 پڻ ڀلائي ھانَ بُڇڙائي رِي اوݪکوڻ آݪَي بَڻ رو ڦل نِي کائي، ڪيونڪہ جڪَي ڏِن تُو اُوئي رو ڦل کائِي، تو تُو ضرُور مرِي۔“
18 پَڇي پرميشوَر ايشوَر ݾوچو ڪہ، ”آڏمي رو ھيکلو ريوَڻ ݾُٺو ڪونھي، اِيئي رَي ڪري ھُون آڏمي رَي ݾارُو اُوئي جھڙو ھيڪ مددگار ٺائين۔“
19 پَڇي پرميشوَر ايشوَر ݾجائِي جِنار ھانَ پکي جڪو مٽِي ݾون ٺاھيا ھتا، اُوئون نَي آڏمي ڪڍي لي آيو ڪہ او جووَي ڪہ آڏمي اُوئون را نون ڪِي راکَي ھَي۔ پَڇي آڏمي جڪَي جِنار نَي جڪو ڪھيو، اوج اُوئي رو نون ھويو۔ 20 پَڇي آڏمي، جڪَي رو نون آدم ھتو، اُوئي ݾجَي مال، پکيون ھانَ جھنگلِي جِنارون را نون راکيا، پڻ آدم نَي آپ جھڙو ڪو ڀِي مددگار ڪونھي مِليو۔ 21 پَڇي پرميشوَر ايشوَر آدم تي تموم گھڻِي اُونگ ميلِي ھانَ جڏي او ݾُوئي رھيو، تو ايشوَر اُوئي رَي پاݾݪيون ۾ ھيڪ پاݾڙِي ڪاڍِي ھانَ اُوئي جگھا تي موݾ ڀري ڇوڙيو۔ 22 پَڇي پرميشوَر ايشوَر اُوئي پاݾڙِي ݾون ھيڪ لُگائِي ٺائِي ھانَ اُوئي نَي آدم ڪڍي لي آيو۔ 23 پَڇي آدم ڪھيو ڪہ، ”اَي تو مھارَي ھاڏکيون مئيلِي ھاڏکِي ھانَ مھارَي موݾ مئيلو موݾ ھَي، اِيئي رَي ڪري اَي نارِي ڪھيجشَي، ڪيونڪہ او نَر ݾون نڪرِي ھَي۔“ 24 اِيئي رَي ڪري آڏمي آپرَي ما ٻاپ نَي ڇوڙي آپرِي لُگائِي ڀيڙو ريشَي ھانَ او ٻيئي ھيڪ تن ھوشَي۔ 25 آدم ھانَ اُوئي رِي لُگائِي ٻيئي اُگھاڙا ھتا، پڻ شرماوتا ڪونھي۔