جگت رِي شرُوعات
ايشوَر رو ڌرتي ھانَ آڪاش ٺاوڻ
1
ايشوَر، شرُوع شرُوع ۾ ڌرتي ھانَ آڪاش ٺاھيا۔ 2 اُوئي ٽيم ڌرتي بي ڊولِي ھتِي ھانَ اُوئي تي ڪئين ڪونھي ھتو۔ چارئي پاݾَي رُگو پوڻي ھانَ تموم گھڻو انڌارو ھتو۔ ايشوَر رِي آتما ݾجَي پوڻي ماٿَي ھر جگھا ھتِي۔پيلڪو ڏِن
ايشوَر رو اُجاݪَي نَي ٺاوڻ
3 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”اُجاݪو ھووَي۔“ ھانَ اُجاݪو ھويو۔ 4 ايشوَر ڏيٺو ڪہ اُجاݪو ݾُٺو ھَي۔ پَڇي ايشوَر اُجاݪَي نَي انڌارَي ݾون ڌار ڪيئو۔ 5 ايشوَر اُجاݪَي نَي ڏِن ھانَ انڌارَي نَي رات ڪھيو۔ پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي پيلڪو ڏِن ھويو۔
ٻيجو ڏِن
ايشوَر رو آڪاش نَي ٺاوڻ
6 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”پوڻي رَي بِچ ۾ کالِي جگھا ھووَي ڪہ اُونچلو پوڻي نيچلَي پوڻي ݾون ڌار ھووَي۔“ 7 ھانَ اِيئوج ھويو۔ ايشوَر اُونچلَي پوڻي ھانَ نيچلَي پوڻي رَي بِچ ۾ کالِي جگھا ٺائِي۔ 8 ايشوَر کالِي جگھا نَي آڪاش ڪھيو۔ پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي ٻيجو ڏِن ھويو۔
تيجو ڏِن
ايشوَر رو ݾُوڪِي ڌرتي، ݾمُوندر ھانَ بَڻ ٺاوڻ
9 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”آڪاش رو ھيٺلو پوڻي ھيڪِي جگھا تي ڀيڙو ھووَي ڪہ ݾُوڪِي جگھا ڏيکيجَي۔“ پَڇي اِيئوج ھويو۔ 10 ايشوَر ݾُوڪِي جگھا نَي ڌرتي ڪھيو ھانَ جڪو پوڻي ھيڪِي جگھا ڀيڙو ھويو ھتو، اُوئي نَي ݾمُوندر ڪھيو۔ پَڇي ايشوَر ڏيٺو ھانَ اُوئي نَي ݾُٺو لاگو۔ 11 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”ڌرتي تي ھر نمُونَي رو گاݾ، ٻيج آݪا بَڻيا ھانَ ڦل ڏيوَڻ آݪا بَڻ اُگَي، جڪو آپرِي آپرِي جِنس جھڙا ڦل ڏَي ھانَ اُوئون ۾ ٻيج ھووَي۔“ ھانَ اِيئوج ھويو۔ 12 پَڇي ڌرتي تي گاݾ ھانَ ٻيج آݪا بَڻيا ھانَ ڦل ڏيوَڻ آݪا بَڻ اُگا، جڪون را ٻيج آپرِي آپرِي جِنس جھڙا ھتا۔ پَڇي ايشوَر ڏيٺو ھانَ اُوئي نَي ݾُٺو لاگو۔ 13 پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي تيجو ڏِن ھويو۔
چوٿو ڏِن
ايشوَر رو ݾُورج، چندر ھانَ تارا ٺاوڻ
14 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”آڪاش ۾ اُجاݪو ڪرڻ رَي ݾارُو ڪئين نِشون ھووَي، جڪو ڏِن ھانَ رات نَي ڌار ڪرَي ھانَ جڪَي ݾون ڏِنون، مُندون ھانَ ݾالون رِي خبر پڙَي۔ 15 او آڪاش ۾ اُجاݪو ڏيوَڻ رَي ݾارُو ھووَي ڪہ اُوئون ݾون ڌرتي تي اُجاݪو ھووَي۔“ ھانَ اِيئوج ھويو۔ 16 اِيئي نمُونَي ايشوَر ڏِن رَي ݾارُو ݾُورج ھانَ رات رَي ݾارُو چندر ٺاھيو ھانَ اُوئي تارا ڀِي ٺاھيا۔ 17 ايشوَر اُوئون ݾجون نَي آڪاش ۾ راکيا ڪہ او ڌرتي تي اُجاݪو ڪرَي، 18 اُوئون ݾون ڏِن ھانَ رات رِي خبر پڙَي ھانَ اُجاݪو انڌارَي ݾون ڌار ڪرَي۔ ايشوَر ڏيٺو ھانَ اُوئي نَي ݾُٺو لاگو۔ 19 پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي چوٿو ڏِن ھويو۔
پونچوون ڏِن
ايشوَر رو پوڻي را جِنار ھانَ پکي ٺاوڻ
20 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”پوڻي تموم گھڻَي مڇيون ھانَ پوڻي ۾ ريوَڻ آݪون جِنارون ݾون ڀريجي جاوَي ھانَ پکي آڪاش ۾ اُڏَي۔“ 21 پَڇي ايشوَر موٽا موٽا ݾمُوندرِي جِنار، مڇَي ھانَ نمُونَي نمُونَي را پوڻي آݪا نِنيا موٽا جِنار اُوئون رِي جِنس جھڙا ٺاھيا ھانَ ھر نمُونَي را پکي اُوئون رِي جِنس جھڙا ٺاھيا۔ ايشوَر ڏيٺو ھانَ اُوئي نَي ݾُٺو لاگو۔ 22 پَڇي ايشوَر اُوئون نَي برڪت ڏي ڪھيو ڪہ، ”آپرِي نسل بڌائو ھانَ ݾمُوندرون رو پوڻي ڀري ڇوڙو ھانَ پکي ڌرتي تي تموم گھڻا ھووَي۔“ 23 پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي پونچوون ڏِن ھويو۔
ڇھُون ڏِن
ايشوَر رو ڌرتي را جِنار ھانَ اِنسون ٺاوڻ
24 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”ڌرتي تي ھر نمُونَي را جِنار، ھر نمُونَي رو مال، جھنگلِي جِنار ھانَ نِنيا موٽا ݾِرڪڻ آݪا جِنار پيدا ھووَي۔“ ھانَ اِيئوج ھويو۔ 25 پَڇي ايشوَر ھر نمُونَي رو مال، جھنگلِي جِنار ھانَ نِنيا موٽا ݾِرڪڻ آݪا جِنار ٺاھيا۔ پَڇي ايشوَر ڏيٺو ھانَ اُوئي نَي ݾُٺو لاگو۔ 26 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”ھمَي آپي اِنسون نَي آپرَي رُوپ تي ٺائُون ھانَ او مڇيون، پکيون، مال، ھر نمُونَي رَي نِنئي موٽَي جِنارون ھانَ ݾجِي ڌرتي ماٿَي حڪُومت ڪرَي۔“ 27 پَڇي ايشوَر اِنسون نَي آپرَي رُوپ تي ٺاھيو ھانَ اُوئون نَي نَر ھانَ نارِي ٺاھيا۔ 28 پَڇي ايشوَر اُوئون نَي برڪت ڏينِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”بڌتا رو ھانَ ݾجِي ڌرتي ماٿَي بِکري جائو ھانَ ݾجَي شيون، يعني مڇيون، پکيون ھانَ ݾجَي جِنارون ماٿَي حڪُومت ڪرو۔“ 29 پَڇي ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونرَي کاوڻ رَي ݾارُو ھر نمُونَي رو ڌون، ݾاگ ھانَ ڦل ڏيئون ھون 30 ھانَ ھُون ݾجائِي جِنار، يعني ݾجو مال ھانَ جھنگلِي جِنار، ݾجائِي پکي ھانَ ڌرتي تي ݾِرڪڻ آݪا ݾجائِي جيوَو، ھر نمُونَي را ڦل ھانَ ݾاگ کاوڻ رَي ݾارُو ڏيئون ھون۔“ ھانَ اِيئوج ھويو۔ 31 پَڇي ايشوَر جڪو ڪئين ٺاھيو ھتو، او ڏيٺو ڪہ تموم گھڻو ݾُٺو ھَي۔ پَڇي شام ھوئِي، ݾاڪݪي ھويو ھانَ اَي ڇھُون ڏِن ھويو۔