ھيڪي رُومِي فوج ري آفِيسر رو پرڀُو يسُوع تي ويساھ
(متِي ‏۸‏:۵‏–۱۳، لُوقا ‏۷‏:۱‏–۱۰)
7
‏1 جڏھين پرڀُو يسُوع ماڙھُوئان نا آپري سجين واتين سنڀۯائي پُورين ڪرين، تڏھين او ڪفرنحُوم شھر ۾ آيو۔ ‏2 اُٿ ھيڪ فوج رو آفِيسر ھتو۔ اُوئي رو ھيڪ نوڪر ھتو جِڪي رِي او گھڻِي عِزت ڪرتو۔ او نوڪر بِيمار ھوڻ ري ڪري مرڻ واۯو ھتو۔
‏3 جڏھين آفِيسر پرڀُو يسُوع ري باري ۾ سنڀۯيو، تڏھين اُوئي يھُوديان را ڪينهڪ اَگواڻ پرڀُو يسُوع وٽ مِنٿ ڪرڻ سارُون ميلھيا تہ، ’اَوھِين آئي مانھجي نوڪر رِي حَياتِي بچائو۔‘ ‏4 اُوئان پرڀُو يسُوع وٽ آئي ھٿ ٻڌي مِنٿ ڪرِي تہ، ’او آفِيسر ڀلو ماڙھُو اَھي۔ اُوئي رِي مدد ڪرو۔ ‏5 او آپڻِي قوم سين گھڻو پريم ڪري تو، آن اُوئي آپ اَسان نا ھيڪ مندر ٺاھرائي ڏِنو اَھي۔‘ ‏6 تو پرڀُو يسُوع اُوئان ماڙھُوئان ڀيۯو ھليو گيو۔
جڏھين پرڀُو يسُوع آفِيسر ري گھر نا نيڙو آيو، تڏھين آفِيسر آپري دوستان نا ڪھي ميلھيا تہ، ’ساڌُو جِي، اَوھِين تڪلِيف مَ ڪرو۔ ھُون اِيئي ري لائِق ڪو اَھان جو اَوھِين مانھجي گھري آئو۔ ‏7 اِيئي ڪري مين آپ نا اِيئي لائِق ڪو سمجھو تہ ھُون اَوھان وٽ آئُون۔ پڻ اَوھِين رُگو حُڪم ڏيو، تو مانھجو نوڪر سجو ٿي جاسي۔ ‏8 اي مِنا خبر اَھي، ڪِي تہ ھُون پڻ ٻِيجان ري ھٿ ھيٺ اَھان، آن مانھجي ھٿ ھيٺ فوجِي اَھين۔ جي ھُون ڪيھِي نا ڪھان تو تہ، ’جا‘، تو او جاسي، ٻِيجي نا ڪھان تو تہ، ’اُرھو آ‘، تو او آسي، آن جي ھُون نوڪر نا ڪھان تو تہ، ’اي ڪم ڪر‘، تو او ڪرسي۔‘
‏9 اي وات سنڀۯي پرڀُو يسُوع حيرانَ ٿي گيو، آن جڪو ماڙھُو پُٺيا آيا پي، اُوئان سمھون مُونھ ڦيري ڪھيانتي تہ، ’وات سنڀۯو۔ مين ايھڙو ويساھ يھُودِي قوم ۾ پڻ ڪڏھي ڪو ڏِٺو۔‘
‏10 پَڇي ميلھيَل ماڙھُوئان پَڇا آفِيسر ري گھري جائي جويو تہ نوڪر سجو ٿي گيو اَھي۔
پرڀُو يسُوع رو ھيڪِي رنڏول ڏوسِي ري ڏِڪري نا جِيتو ڪرڻ
‏11 اُوئي سين پَڇي پرڀُو يسُوع نائِينَ شھر گيو۔ اُوئي ڀيۯا آپرا چيلا آن ٻِيجا گھڻا ماڙھُو ھتا۔
‏12 جڏھين او شھر ري دروازي نا نيڙو آيو، تڏھين اُوئي ڪِي ڏِٺو تہ ماڙھُو ھيڪ لاش کڻي آئين پيا۔ جِڪي رو لاش ھتو، او آپرِي ما رو ھيڪ ئيج ڏِڪرو ھتو، آن اُوئي رِي ما رنڏول ھتِي۔ اُوئي ڏوسِي ڀيۯا شھر را گھڻا ماڙھُو ڪانڌيا ٿي آيا پي۔
‏13 جڏھين پرڀُو يسُوع ڏوسِي نا ڏِٺِي، تڏھين اُوئي نا قياس آيو، آن ڪھيانتي تہ، ’مَ رو۔‘ ‏14 پَڇي اُوئي اَگھو جائي منجڻ نا ھٿ لگايو، تو ڪانڌيا ڀِيچي رھيا۔ اُوئي ڪھيو تہ، ’اي ڇوڪرا، ھُون تِنا ڪھان تو تہ اُٺِي۔‘ ‏15 اِيئي تي مُئل ڇوڪرو جِيتو ٿي اُٺي ٻيٺو آن ٻولڻ لگو۔ پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نا آپرِي ما ري حَوالي ڪريو۔
‏16 تڏھين سجا ئي ماڙھُو ڏاڍا حيرانَ ٿي گيا، آن اِيشوَر رِي واکاڻ ڪرتي ڪھيانتي تہ، ’ھيڪ وڏو اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯو اَسان ۾ پڌرو ٿيو اَھي۔ اِيشوَر آپرِي قوم تي ڪِرپا ڪرِي اَھي۔‘ ‏17 پرڀُو يسُوع ري باري ۾ اي وات يھُوديہ ري سجي مُلڪ آن پاسي واۯان سجان مُلڪان ۾ پکڙجي گئِي۔
يُوحنا رو آپري چيلان نا پرڀُو يسُوع وٽ ميلھڻ
(متِي ‏۱۱‏:۲‏–۶، لُوقا ‏۷‏:۱۸‏–۲۳)
‏18 يُوحنا ري چيلان پرڀُو يسُوع رين سجين واتين يُوحنا نا سنڀۯائين۔ ‏19 تو يُوحنا آپري چيلان مان ٻِيان جڻان نا منگائي اُوئان نا پرڀُو يسُوع وٽ اي پُڇڻ ميلھيا تہ، ’ڪِي اَوھِين او اَھو جڪو آڻ واۯا ھتا، يا اَسِين ٻِيجي ڪيھِي رِي واٽ جوئان؟‘
‏20 تڏھين اُوئان ٻِيان جڻان پرڀُو يسُوع وٽ آئي ڪھيو تہ، ’يُوحنا پَوِيتر سِنانَ ڏيڻ واۯي اَسان نا اَوھان وٽ اي پُڇڻ ميلھيا اَھين تہ، ’ڪِي اَوھِين او اَھو جڪو آڻ واۯا ھتا، يا اَسِين ٻِيجي ڪيھِي رِي واٽ جوئان؟‘
‏21 اُوئي ئيج ٽاڻي پرڀُو يسُوع گھڻان ماڙھُوئان نا بِيماريان آن تڪلِيفان سين ٺِيڪ ڪريا، گھڻان ماڙھُوئان مان ڀُوت ڪڍيانتي، آن گھڻان اَنڌان نا سجا ڪريانتي۔ ‏22 پَڇي پرڀُو يسُوع يُوحنا ري ميلھيَل چيلان نا ڪھيو تہ، ’جين اَوھِين ڏيکو آن سنڀۯو پيا، اِين يُوحنا نا جائي سنڀۯايا تہ اَنڌا ڏيکين تا، پِنگۯا ھلين تا، ڪوڙھيَل ماڙھُو صاف ٿيئين تا، ٻوڙا سنڀۯين تا، مُئل ماڙھُو جِيتا ٿيئين تا، آن غرِيبان نا خُوشخبرِي سنڀۯائِي جائي تِي۔ ‏23 او ڪِتا ئي ڀاگواۯا اَھين، جڪو مين تي شڪ ڪو تا ڪرين۔‘
پرڀُو يسُوع رو ماڙھُوئان نا يُوحنا ري باري ۾ سنڀۯاڻ
(متِي ‏۱۱‏:۷‏–۱۹، لُوقا ‏۷‏:۲۴‏–۳۵)
‏24 جڏھين يُوحنا را ميلھيَل چيلا پَڇا گيا، تڏھين پرڀُو يسُوع سجان ماڙھُوئان نا يُوحنا ري باري ۾ ڪھڻ لگو تہ، ’اَوھِين بيابانَ ۾ ڪِي جوڻ گيا تا؟ ھَوا ۾ لُڏڻ واۯي سر نا جوڻ گيا تا ڪِي؟ ‏25 جي نہ، تو اَوھِين ڪي سارُون گيا تا؟ ڪيھِي سُٺا گڀا پھريَل ماڙھُو نا جوڻ گيا تا ڪِي؟ نہ۔ او جڪو اُونچي ۾ اُونچا گڀا پھرين تا، آن سُک آن موج ۾ رھين تا، او تہ راجان ري موحلاتان ۾ ھوئين تا۔ ‏26 تو پَڇي اَوھِين ڪِي جوڻ گيا تا؟ ڪِي ھيڪي اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯي نا؟ بِلڪُل ھوئي۔ يُوحنا ھيڪي اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯي سين وڏو اَھي۔ ‏27 يُوحنا او اَھي جِڪي ري باري ۾ شاستر ۾ اِين لِکيل اَھي تہ،
’جو، ھُون آپرو نياپو ڏيڻ واۯو تين سين اَگ ۾ ميلھان تو،
جڪو تاھجي آڻ سين اَگ ۾ تين سارُون رستو تَيار ڪرسي۔‘ ‏28 ھُون اَوھان نا سنڀۯائُون تو تہ سجِي دُنيا ري ماڙھُوئان ۾ يُوحنا سين وڏو ڪوئِي ڪو اَھي۔ توئي پڻ اِيشوَر ري راج ۾ جڪو سجان سين نِنڍو اَھي، او پڻ يُوحنا سين وڏو اَھي۔‘
‏29 سجان ماڙھُوئان آن ناڪو ليڻ واۯان پڻ جڏھين يُوحنا رين واتين اَگي سنڀۯين تين، تڏھين اُوئي وٽا پَوِيتر سِنانَ لي اِيشوَر رِي وات سچِي ڏيکاۯِي تِي۔ ‏30 پڻ فرِيسِي ٽولي واۯان آن پنڊتان يُوحنا وٽا پَوِيتر سِنانَ ڪو ليو تو، آن ايھڙي نمُوني اُوئان آپ سارُون اِيشوَر رو مقصَد رد ڪريو تو۔
‏31 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو تہ، ’ھي ھُون اِيئي زماني ري ماڙھُوئان رِي ڪي سين ڀيٽ ڪران؟ اي ڪي جيھڙا اَھين؟ ‏32 اي ماڙھُو تہ اُوئان ٻاۯيان ري جين اَھين جڪو شھر ري ميدانَ ۾ ٻيسي ٻِيجان ٻاۯيان نا سڏ ڪري اِين ڪھين تا تہ،
’اَسان اَوھان سارُون بانسلِي وجائِي، پڻ اَوھِين تہ نچيا ئي ڪو۔
اَسِين پار کڻي رويا، پڻ اَوھِين تہ رويا ئي ڪو۔‘
‏33 اَوھِين اُوئان ٻاۯيان ري جين اَھو، ڪِي تہ يُوحنا پَوِيتر سِنانَ ڏيڻ واۯو آيو اَھي، او ورت رکي تو، آن اَنگُوران رو رس ڪو تو پِيئي۔ پڻ اَوھِين ڪھو تا تہ ’اِيئي نا ڀُوت لگل اَھي۔‘ ‏34 پڻ مُنش پُتر تہ آيو اَھي، جڪو ورت ڪو تو رکي، آن اَنگُور رو رس پِيئي تو۔ توئي پڻ اَوھِين ڪھو تا تہ، ’اِيئي نا جوئو۔ اي گھڻو کاڻ واۯو آن شرابِي اَھي۔ اي تہ ناڪو ليڻ واۯان آن ايھڙان پاپِي ماڙھُوئان رو سنگتِي اَھي۔‘
‏35 توئي پڻ جِڪان ماڙھُوئان اِيشوَر ري عقل رِي وات مڃِي تِي، اُوئان سجان او وات سچِي ثابت ڪري ڏيکاۯِي اَھي۔‘
ھيڪِي ڏوسِي رو بُرو ڪم ڇڏي پرڀُو يسُوع وٽ آڻ
‏36 ھيڪِي گھوئِي فرِيسِي ٽولي ري ھيڪي ماڙھُو پرڀُو يسُوع نا آپري گھري روٽِي رِي دعوَت ڏِنِي۔ تڏھين پرڀُو يسُوع اُوئي ري گھري گيو، آن روٽِي کاڻ سارُون رَواج موجب اِرڪِي کوئي ٽيڪ ڏي ٻيٺو۔
‏37 اُوئي ئيج شھر ۾ ھيڪ ڏوسِي رھتِي جڪو بُرو ڪم ڪرتِي۔ جڏھين اُوئي نا خبر پئِي تہ پرڀُو يسُوع اُوئي فرِيسِي ري گھري روٽِي ٻيٺو کائي، تڏھين او سنگ مرمر رِي ٺھيَل عنطر رِي شِيشِي کڻي اُٿ آئِي۔ ‏38 او پرڀُو يسُوع پُٺيا پگان وٽ ڀِيچي روڻ لگِي، تو پرڀُو يسُوع را پگ اُوئي ري لُڙڪان سين ڀِنجڻ لگا۔ پَڇي ڏوسِي آپري مٿوَاۯان سين پگ لُوھيا، آن اُوئان تي چُمِي ڏي عنطر ھڻيانتِي۔
‏39 تڏھين جِڪي فرِيسِي پرڀُو يسُوع نا دعوَت ڏِنِي تِي، او اي ڏيکي سوچڻ لگو تہ، ’جي اي ماڙھُو اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯو ھونت، تو اي ڏوسِي جڪو اُوئي نا ھٿ لگائي پئِي، اِيئي نا ضرُور اوۯکِي ھونت تہ اي ڪيھڙي نمُوني رِي ڏوسِي اَھي، جڪو ھيڪ پاپڻ اَھي۔‘
‏40 تو پرڀُو يسُوع فرِيسِي نا ڪھيو تہ، ’شمعُونَ، مِنا تين سين ھيڪ وات ڪرڻِي اَھي۔‘
فرِيسِي ڪھيو تہ، ’گرُو جِي، ڀلين ڪھو۔‘
‏41 تڏھين پرڀُو يسُوع ڪھيو تہ، ’ھيڪي ماڙھُو را ٻہ قرضِي ھتا۔ ھيڪي تي پنچ سو چاندِي را سِڪا قرض ھتو، آن ٻِيجي تي پنجاھ سِڪا۔ ‏42 پڻ اُوئان ٻِيان وٽ پئِيسا پَڇا ڏيڻ سارُون ڪِينھ ڪو ھتو۔ اِيئي ڪري قرض منگڻ واۯي اُوئان نا قرض معاف ڪري ڇڏيو۔ تو پَڇي اِيئان ٻِيان مان اُوئي رو ٿورو ڪوڻ وڌِيڪ مڃسي؟‘
‏43 شمعُونَ وۯتِي ڏِنِي تہ، ’مانھجِي سمجھ ۾ اُوئي جِڪي نا گھڻو قرض معاف ڪريو۔‘
تو پرڀُو يسُوع ڪھيو تہ، ’بِلڪُل صحِيح۔‘ ‏44 پَڇي اُوئي ڏوسِي سمھون ڦِري پرڀُو يسُوع وۯي شمعُونَ نا ڪھيو تہ، ’اِيئي ٻائِي نا جو۔ ھُون تاھجي گھري آيو اَھان آن تين مِنا پگ ڌوڻ سارُون پاڻِي پڻ ڪو ڏِنو۔ پڻ اِيئي ٻائِي مانھجا پگ آپري لُڙڪان سين ڌويا آن آپري مٿوَاۯان سين لُوھيا اَھين۔ ‏45 تين مِنا چُمِي پڻ ڪو ڏِنِي۔ پڻ جڏھين ھُون اِٿ پُگو اَھان، اُوئي سين پَڇي اِيئي مانھجي پگان تي چُمين ڏيڻ بند ئي ڪو ڪرين اَھين۔ ‏46 تين مانھجي مٿي ۾ تيل پڻ ڪو گھتيو۔ پڻ اِيئي ٻائِي تہ مانھجي پگان تي عنطر ھڻيو اَھي۔ ‏47 اِيئان واتيان ري ڪري ھُون تِنا سنڀۯائُون تو تہ اِيئي جِڪي گھڻا پاپ ڪريا اَھين، او سجا ئي پاپ معاف ٿي گيا، اِيئي ڪري اِيئي گھڻو پريم ڪريو اَھي۔ پڻ جِڪي را ٿوڙھا پاپ معاف ٿيئين تا، او ٿوڙھو پريم ڪري تو۔‘
‏48 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي ڏوسِي نا ڪھيو تہ، ’تاھجا پاپ معاف ٿي گيا۔‘
‏49 تڏھين جِڪان ماڙھُوئان اُوئي دعوَت ۾ پرڀُو يسُوع ڀيۯِي روٽِي کاڌِي پي، او سوچڻ لگا تہ، ’اي ڪوڻ اَھي؟ جڪو پاپ معاف ڪري تو۔‘
‏50 پڻ پرڀُو يسُوع اُوئي ڏوسِي نا ڪھيو تہ، ’تاھجي وِشواس تِنا بچايو اَھي۔ ڀلين جا، اِيشوَر تِنا سُکِي رکي۔‘