پرڀُو يسُوع پَوِيتر ڏِينھ رو مالِڪ اَھي
(متِي ۱۲:۱–۸، مرقس ۲:۲۳–۲۸، لُوقا ۶:۱–۵)
6
1 ھيڪي پَوِيتر ڏِينھ پرڀُو يسُوع آپري چيلان ڀيۯو کيتران مان گيو پي۔ اُوئي را چيلا سِرا جھوري مسۯي کاتا پي گيا۔2 تڏھين فرِيسِي ٽولي ري ڪينهڪ ماڙھُوئان چيلان سين پُڇيو تہ، ’اَوھِين اج اي ڪم ڪي ري ڪري ڪرو پيا؟ پَوِيتر ڏِينھ تي شاستر ري جين اِين ڪرڻ نہ کپي۔‘
3 پرڀُو يسُوع اُوئان نا وۯتِي ڏِنِي تہ، ’ڪِي اَوھان ڪڏھي شاستر ۾ ڪو پڙھيو اَھي تہ دائُود آن اُوئي را ماڙھُو جڏھين بُکيا ھتا، تڏھين دائُود ڪِي ڪريو؟ 4 او وڏي مندر ۾ گيو، آن جڪو روٽين اِيشوَر ري نان تي ڏِنل ھتين، او کڻي کاڌين آن آپري ماڙھُوئان نا پڻ ڏِنين۔ پڻ شاستر ري جين پُوجاريان سَوا ٻِيجو ڪوئِي او روٽين کائي ڪو تو سگھي۔‘
5 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئان نا ڪھيو تہ، ’مُنش پُتر پَوِيتر ڏِينھ رو مالِڪ اَھي۔‘
پرڀُو يسُوع رو پَوِيتر ڏِينھ تي ھيڪي ماڙھُو نا سجو ڪرڻ
(متِي ۱۲:۹–۱۴، مرقس ۳:۱–۶، لُوقا ۶:۶–۱۱)
6 ٻِيجي ڪيھِي پَوِيتر ڏِينھ تي پرڀُو يسُوع ھيڪي مندر ۾ جائي ماڙھُوئان نا سِکاڻ لگو۔ اُٿ ھيڪ ماڙھُو ھتو جِڪي رو سُبتو ھٿ سُڪل ھتو۔ 7 تو ڪينهڪ پنڊت آن فرِيسِي ٽولي را ماڙھُو پرڀُو يسُوع نا چِٽائي جوئي دِل ۾ ڪھڻ لگا تہ، ’اي پَوِيتر ڏِينھ تي ڪيھِي نا سجو ڪرسي ڪِي؟‘ اُوئان اِيئي تي پَوِيتر ڏِينھ ري ڪم ڪرڻ رو ڏوھ لگاڻ چاھيو تي۔
8 پڻ پرڀُو يسُوع نا اُوئان ري من رِي وات رِي خبر ھتِي۔ تو اُوئي سُڪل ھٿ واۯي نا ڪھيو تہ، ’اُونچو اُٺِي، آن وِچ ۾ آئي ڀِيچ۔‘ او اُٺي وِچ ۾ آئي ڀِيٽو۔
9 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئان نا ڪھيو تہ، ’ھُون اَوھان نا اي پُڇان تو تہ شاستر ري جين پَوِيتر ڏِينھ رو ڀلائِي ڪرڻ ٺِيڪ اَھي يا بُرائِي ڪرڻ؟ حَياتِي بچاڻ يا ناس ڪرڻ؟‘ 10 پَڇي سجان سمھون جوئي پرڀُو يسُوع سُڪل ھٿ واۯي نا ڪھيو تہ، ’تاھجو ھٿ ڊِگھو ڪر۔‘ اُوئي اِين رو اِين ڪريو، آن ھٿ سجو ٿي گيو۔
11 پڻ او ماڙھُو ڪاوَڙ مان ڀرجي گيا، آن آپت ۾ ڪھڻ لگا تہ، ’ھي پرڀُو يسُوع سين ڪِي ڪرڻ کپي؟‘
پرڀُو يسُوع رو آپري چيلان مان ٻارھي خاص چيلا چُنڊڻ
(متِي ۱۰:۱–۴، مرقس ۳:۱۳–۱۹، لُوقا ۶:۱۲–۱۶)
12 پَڇي اُوئان ڏِينھان ۾ ڪِي ٿيو تہ پرڀُو يسُوع جبل مٿي دُعا منگڻ سارُون گيو، آن سجِي رات اِيشوَر وٽا دُعا منگتو رھيو۔
13 جڏھين ڏِينھ اُگو، تڏھين اُوئي آپري چيلان نا آپ وٽ سڏ ڪريو۔ پَڇي اُوئان مان ٻارھي جڻا چُنڊي ليانتي، آن اُوئان نا آپرا خاص چيلا ٺاھيانتي۔ 14 اُوئان را نان اي اَھين:
شمعُونَ، جِڪي رو پرڀُو يسُوع ٻِيجو نان پَطرس رکيو،
اُوئي رو ڀائِي اَندرياس،
يعقُوب،
يُوحنا،
فِلپُس،
برتُلمائِي،
15 متِي،
توما،
حلفِي رو ڏِڪرو يعقُوب،
شمعُونَ، جِڪي نا وطن دوست ڪھتا،
16 يعقُوب رو ڏِڪرو يھُوداہ،
آن يھُوداہ اِسڪريوتِي، جِڪي پَڇي پرڀُو يسُوع نا جھلايو۔
پرڀُو يسُوع رو گھڻان ماڙھُوئان نا سِکاڻ آن ٺِيڪ ڪرڻ
(متِي ۴:۲۳–۲۵، لُوقا ۶:۱۷–۱۹)
17 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئان چيلان ڀيۯو جبل تا ھيٺو اُتري ھيڪي پوٺي تي آئي ڀِيٽو۔ اُٿ اُوئي ري چيلان رو ھيڪ وڏو ٽولو ھتو، آن ٻِيجا تمام گھڻا ماڙھُو آيَل ھتا۔ او سجي يھُوديہ مُلڪ، يرُوشلم شھر، آن صُور شھر آن صيدا شھر ري سامُونڊِي ڪپ سين آيا تا۔ او ماڙھُو اِيئي سارُون اُٿ آيا تا تہ پرڀُو يسُوع رين واتين سنڀۯين آن آپري بِيماريان سين سجا ٿيئين۔ 18 ٻِيجو تہ جِڪان نا ڀُوت لگل ھتا، او پڻ ٺِيڪ ٿيتا گيا۔ 19 سجان ئي ماڙھُوئان پرڀُو يسُوع نا ھٿ لگاڻ رِي ڪوشِش پي ڪرِي، ڪِي تہ اِيشوَر رِي طاقت اُوئي مان نِسري سجان نا ٺِيڪ پي ڪريانتي۔
سِڀاگان آن نِڀاگان رِي اوۯکاڻ
(متِي ۵:۳–۱۲، لُوقا ۶:۲۰–۲۳)
20 پَڇي پرڀُو يسُوع آپري چيلان سمھون جوئي ڪھڻ لگو تہ،
’ڀاگواۯا اَوھِين اَھو جڪو غرِيب اَھو،
ڪِي تہ اِيشوَر رو راج اَوھان تي اَھي۔
21 ڀاگواۯا اَوھِين اَھو جڪو ھِيڻا بُکيا اَھو،
ڪِي تہ اَوھِين ڍاپسو۔
ڀاگواۯا اَوھِين اَھو جڪو ھِيڻا روئو تا،
ڪِي تہ اَوھِين خُوش ٿي ھسسو۔
22 ڀاگواۯا اَوھِين ھوسو، جڏھين ماڙھُو اَوھان سين مُنش پُتر را چيلا ھوڻ ري ڪري وير رکسين، اَوھان سين ناتا ٽوڙسين، اَوھانجِي بي عِزتِي ڪرسين، آن اَوھان نا بُرا سمجھي ڇڏي ڏيسين۔
23 اُوئي ڏِينھ اَوھِين خُوش ٿيا آن خُوشِي ۾ نچيا، ڪِي تہ آڪاس ۾ اَوھانجو اُجُورو گھڻو اَھي۔ اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯان سين پڻ اُوئان را ٻاپ ڏاڏا اِين رو اِين ڪرتا۔
24 پڻ ڏُک اَھي اَوھان سارُون جڪو ھِيڻا شاھُوڪار اَھو،
ڪِي تہ اَوھان موج ڪري لئِي اَھي۔
25 ڏُک اَھي اَوھان سارُون جڪو ھِيڻا ڍاپيَل اَھو،
ڪِي تہ اَوھِين بُک مرسو۔
ڏُک اَھي اَوھان سارُون جڪو ھِيڻا خُوشِي ۾ ھسو تا،
ڪِي تہ اَوھِين مٿو ڪُٽي روسو۔
26 ڏُک اَھي اَوھان سارُون جڏھين سجا ئي ماڙھُو اَوھانجِي واکاڻ ڪرين تا،
ڪِي تہ اِيشوَر ري ڪُوڙان نياپو ڏيڻ واۯان سين پڻ اُوئان را ٻاپ ڏاڏا اِين رو اِين ڪرتا۔‘
دُشمنان سين پريم رکڻ
(متِي ۵:۳۸–۴۸، ۷:۱۲، لُوقا ۶:۲۷–۳۶)
27 ’پڻ اَوھِين جڪو مانھجين واتين سنڀۯو پيا، ھُون اَوھان نا ڪھان تو تہ آپري دُشمنان سين پريم رکو۔ جڪو ماڙھُو اَوھان سين وير رکي تو، اُوئي سين ڀلائِي ڪرو۔ 28 جڪو اَوھان نا پِٽي تو، اَوھِين اُوئي سارُون آسِيس منگو، آن جڪو اَوھانجِي بي عِزتِي ڪري تو، اُوئي سارُون دُعا منگو۔ 29 جڪو اَوھانجي ھيڪي گل تي چنبو ھڻي تو، اُوئي نا ٻِيجو گل پڻ ڦيري ڏيو۔ آن جڪو اَوھانجِي شال ڦُۯي لي تو، اُوئي نا آپرِي کمِيس پڻ ڏي ڇڏو۔ 30 جڪو اَوھان وٽا منگي تو، اُوئي نا ڏيو۔ آن جڪو اَوھانجين شئين کڻي جائي تو، اُوئي وٽا پڇين مَ منگو۔
31 جيھڙي نمُوني اَوھانجِي مرضِي اَھي تہ ماڙھُو اَوھان سين ھلين، ايھڙي نمُوني اَوھِين پڻ اُوئان سين ھلو۔
32 جي اَوھِين رُگو اُوئان سين پريم رکو تا جڪو اَوھان سين پڻ پريم رکين تا، تو اَوھِين ڪيھڙِي مھربانِي تا ڪرو؟ ڪِي تہ پاپِي پڻ آپ سين پريم ڪرڻ واۯان سين پريم ڪرين تا۔ 33 جي اَوھِين رُگو اُوئان سين ڀلائِي ڪرو تا جڪو اَوھان سين پڻ ڀلائِي ڪرين تا، تو پَڇي اَوھِين ڪيھڙِي مھربانِي تا ڪرو؟ ڪِي تہ پاپِي پڻ اِين رو اِين ڪرين تا۔ 34 جي اَوھِين رُگو اُوئان نا اُڌارو تا ڏيو جِڪان وٽا پَڇو جڙڻ رو آسرو اَھي، تو پَڇي اَوھِين ڪيھڙِي مھربانِي تا ڪرو؟ ڪِي تہ پاپِي پڻ پاپيان نا اُڌارو ڏيئين تا، تہ جين او سجو ئي پَڇو لي سگھين۔
35 پڻ اَوھِين آپري دُشمنان سين پريم ڪرو، آن اُوئان سين ڀلائِي ڪرو۔ اُوئان نا اُڌارو ڏيو، پڻ پَڇو ليڻ رو آسرو مَ رکو۔ پَڇي اَوھان نا گھڻو اُجُورو جُڙسي، آن اَوھِين پرميشوَر را ٻاۯيا ھوسو، ڪِي تہ او ٿورا نہ مڃڻ واۯان تي آن بُران ماڙھُوئان تي پڻ مھربانِي ڪري تو۔ 36 جين اَوھانجو آڪاسِي پِتا قياس ڪرڻ واۯو اَھي، تِين اَوھِين پڻ قياس ڪرڻ واۯا ٿيو۔‘
ٻِيجان تي ڏوھ نہ ڏيڻ
(متِي ۷:۱–۵، لُوقا ۶:۳۷–۴۲)
37 اَوھِين ٻِيجان تي ڏوھ مَ ڏيو، تو اَوھان تي پڻ ڏوھ ڪِنھِي ڏِنو جائي۔ ٻِيجان رِي گِلا مَ ڪرو، تو اَوھانجِي گِلا پڻ ڪِنھِي ڪرِي جائي۔ ٻِيجان نا معافِي ڏيو، تو اَوھان نا پڻ معافِي ڏِنِي جاسي۔
38 ٻِيجان نا ڏيو، تو اَوھان نا پڻ ڏِنو جاسي۔ ماڙھُو ٺان ۾ ڏپي ڌنڌُوڻي ڇِلائي اَوھانجِي جھوۯِي ۾ تمام گھڻو گھتسين۔ ڪِي تہ جِڪي ماپ سين اَوھِين ڏيو تا، اَوھان نا پڻ اُوئي ئيج ماپ ري جين ڏِنو جاسي۔‘
39 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئان نا اي مِثال سنڀۯايو تہ، ’ڪِي ھيڪ اَنڌو ٻِيجي اَنڌي نا رستو ڏيکاۯي سگھي تو؟ اِين ڪرڻ سين ٻئِي جڻا کڏ ۾ جائي کِرسين۔ 40 ڪوئِي چيلو آپري گرُو سين وڏو ڪو اَھي۔ پڻ جڏھين ھر چيلو سجين واتين سِکي جاسي، تڏھين آپري گرُو جيھڙو ٿي جاسي۔
41 اَوھِين آپري ڀائِي رِي اَنک ۾ جڪو ڪک پيو اَھي، او ڪِي تا جوئو؟ پڻ اَوھانجِي آپرِي اَنک ۾ جڪو لڪڙ پيو اَھي، اُوئي رو اَوھان نا ڪوئِي خيال ڪو اَھي۔ 42 جڏھين اَوھِين آپرِي اَنک ۾ لڪڙ ڪو تا ڏيکو، تو پَڇي آپري ڀائِي نا اي وات اَوھِين ڪِين تا ڪھي سگھو؟ تہ، ’ڀائِي ڀِيچ۔ تاھجِي اَنک مان ڪک ڪڍان۔‘ اي ڪُوڙان ماڙھُوئان، پھلڪيا آپرِي اَنک مان لڪڙ ڪڍو، پَڇي آپري ڀائِي رِي اَنک مان ڪک سُٺي نمُوني جوئي ڪڍي سگھسو۔‘
جيهڙو وڻ تيھڙو ميوو
(متِي ۷:۱۶–۲۰، ۱۲:۳۳–۳۵، لُوقا ۶:۴۳–۴۵)
43 ڪوئِي سُٺو وڻ خراب ميوو ڪو تو ڏي، نِڪو ئي خراب وڻ سُٺو ميوو ڏي۔ 44 ھر ھيڪ وڻ آپري آپري ميوي سين اوۯکجي تو، ڪِي تہ ماڙھُو نِڪو کيجڙِي مان اَنجِير رو ميوو تا ٽوڙين، نِڪو ئي ڪانڊيران مان اَنگُور۔
45 ايھڙي نمُوني سُٺو ماڙھُو آپرِي دِل ۾ جڪو سُٺين واتين رکيَل اَھين، اُوئان مان سُٺين واتين ٻاھر ڪڍسي۔ آن بُڇڙو ماڙھُو آپرِي دِل ۾ رکيَل بُڇڙيان واتيان مان بُڇڙين واتين ٻاھر ڪڍسي۔ ڪِي تہ جِڪي سين ماڙھُو رو من ڀريَل اَھي، او ايھڙين واتين ڪرسي۔
ٻہ گھر ٺاھڻ واۯان رو مِثال
(متِي ۷:۲۴–۲۷، لُوقا ۶:۴۶–۴۹)
46 ’اَوھِين مِنا پرڀُو تہ ڪھو تا، تو پَڇي مانھجي ڪھيَل واتيان تي ڪِي ڪو تا ھلو؟
47 جڪو پڻ ماڙھُو مين وٽ آئي تو، آن مانھجين واتين سنڀۯي اُوئان تي ھلي تو، ھُون اَوھان نا سنڀۯائُون تو تہ او ماڙھُو ڪي جيھڙو اَھي۔ 48 او ماڙھُو اِيئي جيھڙو اَھي، جِڪي آپرو گھر ٺاھيو۔ گھر ٺاھتي اُوئي رو بُنياد اُونڏو کوتري پٿر تي رکيانتي۔ پَڇي جڏھين دريا رِي ٻوڏ آئِي، تڏھين ٻوڏ رو پاڻِي اُوئي گھر نا زور سين لگو، پڻ لوڏي ڪو سگھيو، ڪِي تہ او مضبُوط اَڏيل ھتو۔
49 پڻ جڪو ماڙھُو مانھجين واتين سنڀۯي اُوئان تي ڪو تو ھلي، او ماڙھُو اِيئي جيھڙو اَھي، جِڪي آپرو گھر ڪچِي زمِينَ تي بِنا بُنياد ٺاھيو۔ پَڇي جڏھين ٻوڏ رو پاڻِي آئي اُوئي نا زور سين لگو، تڏھين او يڪدم کِري بِلڪُل ناس ٿي گيو۔‘