پرڀُو يسُوع را پھلڪا چيلا
(متِي ۴:۱۸–۲۲، مرقس ۱:۱۶–۲۰، لُوقا ۵:۱–۱۱)
5
1 ھيڪ ڏِينھ پرڀُو يسُوع گنيسرت ڍنڍ ري ڪپ تي ڀِيٽو تو۔ اُٿ اِيشوَر رو وچن سنڀۯڻ سارُون اِتا ماڙھُو آئي ڀيۯا ٿيا تا جڪو پرڀُو يسُوع سوڙ ۾ آئي گيو۔ 2 تڏھين پرڀُو يسُوع ڍنڍ ري ڪپ تي ٻہ ٻيڙين ڀِيٽل ڏِٺين۔ مڇين مارڻ واۯان ٻيڙين ڇڏي آپرا جاۯ پي ڌويا۔ 3 اُوئان ٻيڙيان مان ھيڪ شمعُونَ رِي ٻيڙِي ھتِي۔ پرڀُو يسُوع اُوئي ۾ چڙھي شمعُونَ نا ڪھيو تہ، ’اِيئي نا ڪپ سين ٿوڙھِي اَگھِي لي ھل۔‘ پَڇي پرڀُو يسُوع ٻيڙِي ۾ ٻيسي ماڙھُوئان نا اِيشوَر رو وچن سنڀۯاڻ لگو۔4 جڏھين اُوئي وچن پُورو ڪريو، تڏھين شمعُونَ نا ڪھيانتي تہ، ’ھي ٻيڙِي نا اُونڏي پاڻِي ۾ لي ھل۔ پَڇي تُون آن تاھجا ساٿِي مڇيان سارُون آپرا جاۯ پاڻِي ۾ ھڻو۔‘
5 تڏھين شمعُونَ ڪھيو تہ، ’گرُو جِي، اَسان سجِي رات جاۯ ھڻيا اَھين، پڻ ھٿ ڪِينھ ڪو آيو۔ پڻ اَوھانجي ڪھڻ تي ھُون جاۯ ھڻان تو۔‘
6 تڏھين اُوئان جاۯ ھڻيا، آن اِتين مڇين ڦاٿين جو جاۯ ٽُٽڻ لگا۔ 7 تو جڪو ٻِيجي ٻيڙِي ۾ اُوئان را ساٿِي ھتا، اُوئان نا مدد سارُون ھوۯو ڪريانتي۔ او آيا، آن ڀيۯا ٿي ٻئِي ٻيڙين مڇيان سين ايھڙين ڀريانتي جو ٻُڏڻ لگين۔
8 اي رنگ ڏيکي شمعُونَ، جِڪي نا پرڀُو يسُوع پَطرس پڻ ڪھتو، اُوئي پرڀُو يسُوع ري پگان تي کِري ڪھيو تہ، ’اي پرڀُو، اِٿ مَ ڀِيچو، ڪِي تہ ھُون پاپِي اَھان۔‘ 9 اُوئي اِيئي ڪري اِين ڪھيو، ڪِي تہ او آن اُوئي را ساٿِي اِتين مڇين ڏيکي حيرانَ ٿي گيا تا۔ 10 زبدِي را ڏِڪرا يعقُوب آن يُوحنا، جڪو شمعُونَ ڀيۯا مڇين جھلتا، او پڻ عجب ۾ پئي گيا تا۔
اِيئي تي پرڀُو يسُوع شمعُونَ نا ڪھيو تہ، ’ٻِيھاج مَ۔ اج سين پَڇي تُون ماڙھُوئان نا ھٿ ڪري مانھجا چيلا ٺاھِيس۔‘
11 پَڇي او ٻيڙين لي ڪپ تي گيا، آن سڀ ڪُجھ ڇڏي پرڀُو يسُوع پُٺيا ھلڻ لگا۔
پرڀُو يسُوع رو ھيڪي ڪوڙھيَل ماڙھُو نا سجو ڪرڻ
(متِي ۸:۱–۴، مرقس ۱:۴۰–۴۵، لُوقا ۵:۱۲–۱۶)
12 ھيڪِي گھوئِي پرڀُو يسُوع ھيڪي شھر ۾ ھتو۔ اُٿ ھيڪ ماڙھُو ھتو جڪو ڪوڙھ ۾ گۯيَل ھتو۔ جڏھين اُوئي پرڀُو يسُوع نا ڏِٺو، تڏھين آئي پگان تي کِري مِنٿ ڪري ڪھيانتي تہ، ’ساڌُو جِي، جي اَوھانجِي مرضِي ھوئي، تو اَوھِين مِنا ٺِيڪ ڪري صاف ڪري سگھو تا۔‘
13 تڏھين پرڀُو يسُوع ھٿ ڊِگھو ڪري اُوئي نا لگايو، آن ڪھيانتي تہ، ’ھوئي، اي مانھجِي مرضِي اَھي۔ تُون صاف ٿي جا۔‘ يڪدم اُوئي نا ڪوڙھ ڇڏي گئِي۔
14 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نا حُڪم ڏِنو تہ، ’اي وات ڪيھِي نا متان سنڀۯائي۔ پڻ جائي آپرِي طبِيعت پُوجارِي نا ڏيکاۯ۔ پَڇي جين مُوسيٰ شاستر ۾ حُڪم ڏِنو اَھي، تِين جائي قُربانِي چاڙھ، تہ ماڙھُوئان نا پڪ ٿي، تہ تُون صاف ٿي گيو اَھين۔‘
15 پڻ پرڀُو يسُوع ري باري ۾ اي وات پھلڪي سين گھڻِي پکڙجي گئِي، آن گھڻا ماڙھُو اُوئي رين واتين سنڀۯڻ آن آپري بِيماريان سين ٺِيڪ ٿيڻ سارُون آئي ڀيۯا ٿيتا رھيا۔ 16 پڻ پرڀُو يسُوع آپ بيابانَ ۾ جائي دُعا منگتو رھيو۔
پرڀُو يسُوع رو ھيڪي اَڌرنگ ري بِيمار ماڙھُو نا سجو ڪرڻ
(متِي ۹:۱–۸، مرقس ۲:۱–۱۲، لُوقا ۵:۱۷–۲۶)
17 ھيڪ ڏِينھ پرڀُو يسُوع ماڙھُوئان نا سِکايو پي۔ فرِيسِي ٽولي را ماڙھُو آن پنڊت پڻ اُٿ ٻيٺا تا، جڪو گلِيل آن يھُوديہ صُوبان ري ھر گان آن يرُوشلم شھر سين آيَل ھتا۔ پرڀُو يسُوع ۾ بِيماران نا سجا ڪرڻ سارُون پرڀُو اِيشوَر رِي طاقت ھتِي۔
18 اُوئي ٽاڻي ڪينهڪ ماڙھُو ھيڪي اَڌرنگ ري بِيمار ماڙھُو نا جھوۯِي ۾ کڻي آيا۔ او ڪوشِش ڪرڻ لگا تہ اَسِين اِيئي نا گھر مھِين لي جائي پرڀُو يسُوع ري اَگ ۾ رکان۔ 19 پڻ ماڙھُو تمام گھڻا ھوڻ ري ڪري اُوئان نا مھِين جاڻ رِي گھٽِي ڪو جُڙِي۔ تو اُوئان ڇِت مٿي چڙھي اُوئي را چونڪا کوليا، آن اُوئي گھٽِي وِچيا اَڌرنگ واۯي نا جھوۯِي سميت ھيٺو اُتاري ماڙھُوئان ري وِچ ۾ پرڀُو يسُوع ري اَگ ۾ رکيانتي۔ 20 جڏھين پرڀُو يسُوع اُوئان ماڙھُوئان رو آپ تي اِتو ويساھ ڏِٺو، تڏھين اُوئي اَڌرنگ واۯي نا ڪھيو تہ، ’ڀائِي، تاھجا پاپ معاف ٿي گيا اَھين۔‘ 21 اِيئي تي فرِيسِي آن پنڊت دِل ۾ ڪھڻ لگا تہ، ’اي ڪوڻ اَھي؟ جڪو آپ نا اِيشوَر تو سمجھي۔ اِيشوَر سَوا ڪوئِي ڪو اَھي جڪو پاپ معاف ڪري سگھي تو۔‘
22 پڻ پرڀُو يسُوع اُوئان ري من رين واتين سمجھي گيو، آن ڪھيانتي تہ، ’اَوھِين ايھڙين واتين ڪِي تا سوچو؟ 23 مِنا سنڀۯائو تہ ڪِي سَولو اَھي؟ اِين ڪھڻ سَولو اَھي تہ ’تاھجا پاپ معاف ٿي گيا اَھين‘؟ يا اِين ڪھڻ تہ ’اُٺي گھُم ڦِر‘؟ 24 ھُون اَوھان نا ھِيڻا ثابت ڪري ڏيکاۯِيس تہ دُنيا ۾ مُنش پُتر نا پاپ معاف ڪرڻ رو حق اَھي۔‘ اِين ڪھي پرڀُو يسُوع اَڌرنگ واۯي نا ڪھيو تہ، ’ھُون تِنا ڪھان تو تہ اُونچو اُٺِي، آن آپرِي جھوۯِي کڻي گھري ھليو جا۔‘ 25 يڪدم او ماڙھُو اُوئان سجان ري اَگ ۾ اُٺي ڀِيٽو، آن جِڪي جھوۯِي مٿي اَگي سُتو تو، اُوئي نا کڻيانتي، آن اِيشوَر رِي واکاڻ ڪرتو آپري گھري گيو۔
26 اِيئي تي سجا ئي ماڙھُو تمام گھڻي عجب ۾ پئي گيا، آن حيرانَ ٿي اِيشوَر رِي واکاڻ ڪرتا اِين ڪھڻ لگا تہ، ’اَج اَسان عجب رنگ ڏِٺو اَھي۔‘
لاوِي رو پرڀُو يسُوع رو چيلو ٿيڻ
(متِي ۹:۹–۱۳، مرقس ۲:۱۳–۱۷، لُوقا ۵:۲۷–۳۲)
27 اُوئي سين پَڇي پرڀُو يسُوع اُوھا ٻاھر نِسريو، تو اُوئي ھيڪ ناڪو ليڻ واۯو ڏِٺو جڪو ناڪي تي ٻيٺو تو۔ اُوئي رو نان لاوِي ھتو۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نا جوئي ڪھيو تہ،’مين پُٺيا ھل۔‘ 28 تو لاوِي اُٺيو آن سڀ ڪُجھ ڇڏي اُوئي پُٺيا ھلڻ لگو۔
29 پَڇي لاوِي آپري گھري پرڀُو يسُوع رِي ھيڪ وڏِي دعوَت ڪرِي۔ اُوئي دعوَت ۾ ناڪي ليڻ واۯا گھڻا ھتا۔ آن ٻِيجا ماڙھُو پڻ ڀيۯا ھتا۔
30 پَڇي جڪو فرِيسِي ٽولي را ماڙھُو آن اُوئان را پنڊت اُٿ ھتا، اُوئان پرڀُو يسُوع ري چيلان نا اِعتراض ڪري ڪھيو تہ، ’اَوھِين ناڪي ليڻ واۯان آن پاپيان ڀيۯا ڪِي تا کائو؟‘
31 تڏھين پرڀُو يسُوع اُوئان نا وۯتِي ڏِنِي تہ، ’جڪو سجا سارا ھوئين تا، اُوئان نا ڊاڪٽر رِي ضرُورت ڪو تِي ھوئي، پڻ رُگو بِيماران نا ھوئي تِي۔ 32 ھُون ڌرمِي ماڙھُوئان نا نہ، پڻ پاپِي ماڙھُوئان نا توڀان ڪرڻ رو ڪھڻ سارُون آيو اَھان۔‘
ورت ري باري ۾ سَوال
(متِي ۹:۱۴–۱۷، مرقس ۲:۱۸–۲۲، لُوقا ۵:۳۳–۳۹)
33 پَڇي ڪينهڪ ماڙھُوئان پرڀُو يسُوع نا ڪھيو تہ، ’يُوحنا را چيلا تہ گھڻا ورت رکين تا آن ڏاڍين دُعائين منگين تا۔ فرِيسيان را چيلا پڻ اِين رو اِين ڪرين تا۔ پڻ اَوھانجا چيلا ڪي ري ڪري کائين پِيئين تا؟‘
34 تڏھين پرڀُو يسُوع اُوئان نا ڪھيو تہ، ’جڏھين تہ لاڏو جانَ ڀيۯو اَھي، تڏھين پڻ اَوھِين جانيان نا ورت رکائي سگھسو ڪِي؟ 35 پڻ ايھڙا ڏِينھ آسين جڏھين لاڏو اُوئان سين ڌار ڪريو جاسي۔ اُوئان ڏِينھان ۾ جانِي پڻ ورت رکسين۔‘
36 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئان نا وۯي اي مِثال ڏِنو تہ، ’ڪوئِي پڻ ماڙھُو نَوي گڀي مان ٽُڪر ڦاڙي پُراڻي نا ڪارِي ڪِنھِي ڏي۔ جي اِين ڪرسي، تو نَوو گڀو ڦاٽل ھوسي، آن او ٽُڪر پُراڻي گڀي ۾ سُٺو پڻ ڪِنھِي لگي۔
37 ساگِي نمُوني ڪوئِي ماڙھُو اَنگُور رو تازو رس پُراڻيان ڏِيڙيان ۾ ڪِنھِي رکي، ڪِي تہ جي اِين ڪرسي، تو تازو رس ڏِيڙيان نا ڦاڙي ڇڏسي۔ پَڇي رس اِڙي جاسي، آن ڏِيڙين پڻ ڪيھِي ڪم رين ڪِنھِي ٿيئين۔ 38 پڻ تازو رس نَويان ڏِيڙيان ۾ رکڻ کپي۔
39 ٻِيجو تہ جِڪي ماڙھُو رو پُراڻو رس پِيتل اَھي، او تازو رس پِيئڻ ڪو تو چاھي، ڪِي تہ او ڪھسي تہ جڪو پُراڻو اَھي او سُٺو اَھي۔‘