پيلڪِي مُصيبت
9
جڏي پونچوين فريشتَي نَر ݾِينگو بجايو، تو مھَي آڪاش ݾون ڌرتي تي ھيڪ تارو کِريوڙو ڏيٺو جڪَي نَي سزا رَي کڏَي رِي ڪُونچِي ڏينِي گئِي۔ 2 جڏي اُوئي سزا رِي کڏ کولِي، تو اُوئي ۾ اِترو تو ڌُونئو نڪريو جھڙو ڪَي موٽَي بٺَي ݾون نڪرَي ھَي۔ اُوئي ڌُونئَي ݾون ݾُورج ھانَ بائيرو لِڪي گيا ھانَ انڌارو ھوئي گيو۔ 3 پَڇي اُوئي ڌُونئَي ۾ تيڏ نڪري ڌرتي تي بِکري گيا جڪون ۾ بِڇُو جترِي طاقت ھتِي۔ 4 اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”نِي ڌرتي رَي گاݾ، نِي ڪَي پوک نَي ھانَ نِي ڪَي بَڻ نَي نُقصون ڏيا پڻ رُگو اُوئون مِنکون نَي نُقصون ڏيا جڪون رَي لِلاڙ تي ايشوَر رَي ٺَپَي رو نِشون ھائِي ڪونھي۔ 5 اُوئون نَي ٺُپ نِي ماريا پڻ پونچ مھيڻون توڻي ڏُک ڏيا۔ اُوئون رو ڏُک اھڙو ھووَي جھڙو ڪَي بِڇُو ڏنگ ھڻيو ھووَي۔ 6 اُوئون پونچ مھيڻون ۾ مِنک موت مونگشَي پڻ اُوئون نَي موت ڪونھي ملَي۔ او موت ڪڍي جاشَي پڻ موت اُوئون ݾون اݪگِي ناݾشَي۔“7 او تيڏ اھڙا ڏيکيجتا جھڙا جنگ رَي ݾارُو گھوڙا تيار ھووَي ھَي۔ اِيئون لاگتو ڪہ اُوئون آپرَي ماٿَي تي ݾونَي را تاج پيريوڙا ھووَي ھانَ اُوئون را مونڏا اِنسون جھڙا ھتا۔ 8 اُوئون را باݪ لُگايون رَي باݪون جھڙا لونٻا ھتا ھانَ اُوئون را ڏونت شينھن رَي ڏونتون جھڙا تِکا ھتا۔ 9 اُوئون را لوھ آݪا جنگِي گاڀا پيريوڙا ھتا ھانَ اُوئون رَي پونکيون رو آواز اھڙو لاگتو جھڙو تموم گھڻا گھوڙا گاڏا ھانَ گھوڙا جنگ رَي ݾارُو ناݾتا ھووَي۔ 10 اُوئون را پُوڇ بِڇُو رَي پُوڇ جھڙا ھتا ھانَ اُوئون را ڏنگ اِترا تو طاقت آݪا ھتا ڪہ او پونچ مھيڻون توڻي اِنسون نَي ڏنگ ھڻي ݾگھتا۔ 11 سزا رَي کڏ آݪو فريشتو اُوئون رو بادشاھ ھتو۔ عبراني ٻولِي ۾ اُوئي رو نون ابدُون ھانَ يُوناني ٻولِي ۾ اپليُون ھتو۔ (اپليُون رو مطلب ھَي ”برباد ڪرڻ آݪو۔“)
12 اِيئي نمُونَي پيلڪِي مُصيبت ٽَݪي گئِي پڻ جوئو اَڃون ٻي باقي ھَي۔
ٻيجِي مُصيبت
13 پَڇي جڏي ڇَوين فريشتَي نَر ݾِينگو بجايو، تو مھَي ھيڪ آواز ݾُڻيو جڪو ايشوَر آگھي ݾونَي رَي ٻَليدون رِي جگھا رَي چارون ڪُنڊون تي لاگوڙَي ݾِينگون ݾون آوتو پڙيو۔ 14 اُوئي آواز نَر ݾِينگَي جھالڻ آݪَي ڇَوين فريشتَي نَي ڪھيو ڪہ،”اُوئون چارون فريشتون نَي کول جڪو موٽَي دريا فرات ڪڍي ٻاڌوڙا ھَي۔“ 15 پَڇي اُوئون چارون فريشتون نَي کوليا جڪو اُوئي ٽيم، ڏِن، مھيڻون ھانَ ݾالون رَي ݾارُو تيار ڪيئوڙا ھتا ڪہ او اِنسون رو تيجو حِصو ماري ڇوڙَي۔ 16 مھَي ݾُڻيو ڪہ گھوڙون تي ݾَوار فوج رو تعداد بيݾ ڪروڙ ھتو۔ 17 مھَي اِيئي درشن ۾ ڏيٺو ڪہ گھوڙون ھانَ اُوئون رَي ݾَوارن رو جنگِي لِباس پيريوڙو ھتو۔ او لِباس باݾڏي آݪِي ڪار راتو، نيلم آݪِي ڪار ݾُرمائي ھانَ گندرف جھڙو پيڙَي رنگ رو ھتو۔ اُوئون گھوڙون را مونڏا شينھن رَي موڏَي جھڙا ھتا ھانَ اُوئون رَي موڏَي ݾون باݾڏي، ڌُونئو ھانَ گندرف نڪرتو پڙيو۔ 18 اَي تينئي آفتون يعني اُوئون رَي موڏَي ݾون نڪرڻ آݪو باݾڏي، ڌُونئو ھانَ گندرف، اِنسونون رو تيجو حِصو ماري ڇوڙيو۔ 19 اُوئون گھوڙون رِي طاقت اُوئون رَي موڏَي ھانَ پُوڇ ۾ ھتِي۔ اُوئون را پُوڇ ناگ رَي ماٿَي جھڙا ھتا جڪو اِنسون نَي نُقصون ڏيتا۔
20 باقي اِنسون اِيئون آفتون ݾون بچي گيا پڻ تو ڀِي اُوئون آپرَي بُڇڙَي ڪومون ݾون توبھون ڪونھي ڪِي۔ او بُڇڙَي آتمائون ھانَ ݾونَي، چوندِي، پيتل، پٿر ھانَ لڪڙِي رَي ٺاھيوڙَي مُورتيون رِي پُوجا ڪرتا رھيا جڪو نَڪو ڏيکتا، نَڪو ݾُڻتا ھانَ نَڪو بَئي ݾگھتا۔ 21 اِيئي ݾون ٽاݪ اُوئون خُون ڪرڻ، جادُو، زنا ھانَ چورِي ڪرڻ ݾون توبھون ڪونھي ڪِي۔