رُکاݪِي رِي پراٿنا
اُستاد ھانَ گاوڻ آݪون رَي ݾارُو دائُود رو ڀجن
5
اي پرميشوَر مھارَي باتون تي ڪونَ ڏي،
ھانَ مھارَي من رَي ݾُڏڪون نَي ݾُڻ۔
‏2 اي مھارا بادشاھ، اي مھارا ايشوَر،
مھارِي مِنٿ رَي ھيلَي نَي ݾُڻ۔
‏3 اي مھارا پرميشوَر، تُو ݾاڪݪي پور رو مھارَي ھيلَي نَي ݾُڻَي ھَي۔
ھُون ݾاڪݪي پور رو ٿَي ݾون پراٿنا ڪري
اُوئي رِي بݪتِي رو اِنتظار ڪرين۔
‏4 ڪيونڪہ تُو اھڙو ايشوَر ھَي،
جڪو بُڇڙائي ݾون خُوش ڪونھي،
پڻ بُڇڙا مِنک ٿارَي پاݾَي ۾ ڀِي آئي ڪونھي ݾگھَي۔
‏5 پاپي مِنک ٿارَي آگھي اُڀي ڪونھي ݾگھَي۔
اي مھارا ايشوَر، ٿنَي بُڇڙائي ݾون نفرت ھَي۔
‏6 او جڪو ڪُوڙ ٻولَي ھَي،
تُو اُوئون نَي مِٽائي ڇوڙِي۔
ايشوَر نَي خُونِي ھانَ دوکو ڏيوَڻ آݪَي مِنک ݾون تموم گھڻِي نفرت ھَي۔
‏7 پڻ اي مھارا ايشوَر،
ھُون ٿارِي گھڻِي ڪِرپا رَي ڪري ٿارَي گھر ۾ آئين۔
ھُون ٿارِي عِزت ڪري،
ٿارَي پويتر ايشوَر رَي گھر ڏيݾا مونڏو ڪري
اُوئي نَي نمسڪار ڪرين۔
‏8 اي مھارا پرميشوَر، مھارا دُشمن تموم گھڻا ھويا را،
اِيئي رَي ڪري تُو مھارِي اَگووڻِي ڪر۔
‏9 ڪيونڪہ اُوئون رَي موڏَي ۾ ڪو ڀِي ݾاچِي بات ڪونھي نڪرتِي،
ھانَ او رُگو ٺٺولَي ڪرتا رَي ھَي۔
اُوئون رَي ڪيئوڙَي باتون ٻيجون رَي ݾارُو موت ھَي۔
‏10 اي مھارا ايشوَر، تُو اُوئون نَي ڏوھي ڪر
تو او آپرَي باتون ۾ ڦاݾي برباد ھوئي جاوَي۔
ايشوَر تُو اُوئون نَي اُوئون رَي پاپون رَي ڪري گيݾلي ٻاھر نوکي ڇوڙ،
ڪيونڪہ اُوئون ٿارِي نافرمونِي ڪِي ھَي۔
‏11 پڻ او جڪو ٿَي تي وِشواس راکَي ھَي،
او ݾجا خُوش ھانَ آباد ريشَي۔
او ھر ٽيم خُوشِي ݾون ٿارا گُڻ گاوتا ريشَي۔
ھانَ جڪو ٿَي ݾون پريم ڪرَي ھَي ٿَي ۾ خُوش رَي۔
‏12 اي پرميشوَر، تُو ݾاچَي مِنک نَي آشيرواد ڏئِي۔
ھانَ تُو آپرِي دايا رِي ڍال ݾون اُوئون نَي بچاوتو رئِي۔