ايشوَر ݾون مدد رَي ݾارُو ݾاڪݪي پور رِي پراٿنا
دائُود اَي ڀجن اُوئي ٽيم ݾُڻايو جڏي او آپرَي ڏيڪرَي ابي سلُوم ݾون ناݾي گيو ھتو۔
3
اي پرميشوَر مھنَي ݾتاوڻ آݪا ڪِترا تو گھڻا ھويا را۔
ھانَ جڪو مھارَي برخلاف ھوئي ݾنڀريا ھَي او تو تموم گھڻا ھَي۔
‏2 تموم گھڻا مِنک مھارَي بارَي ۾ اِيئون ڪَي ھَي
ڪہ،
مھارِي ايشوَر ݾون ڪو ڀِي مدد ڪونھي ھووَي۔ (سِلاھ)
‏3 پڻ چارئي پاݾَي اي مھارا پرميشوَر تُو مھارِي رُکاݪِي ڪرڻ آݪو ھَي۔
تُوج مھارِي عِزت راکڻ آݪو ھَي۔
‏4 اي مھارا پرميشوَر ھُون ٿنَي زور زور ݾون ھيلا ڪري مِنٿ ڪرون ھون،
ھانَ او مھنَي آپرَي پويتر جبل ݾون بݪتِي ڏيشَي۔
‏5 جڏي ھُون ݾُوتو تو مھنَي اُونگ آئي گِي،
ھانَ پَڇي ھُون جاگيو ڪيونڪہ پرميشوَر مھارِي ݾنڀال ڪرَي ھَي۔
‏6 ھُون اُوئون ڏَݾ ھزار مِنکون ݾون ڪونھي ٻيئاجتو،
جڪو مھنَي چارئي پاݾَي گھيري ٻيٺا ھَي۔
‏7 اُٺ پرميشوَر، اي مھارا ايشوَر، تُو مھنَي بچا۔
ڪيونڪہ ٿَي مھارَي ݾجون دُشمنون رَي موڏَي تي ٿاپ ھڻِي ھَي۔
ھانَ ٿَي مھارَي دُشمنون را ڏونت ڀونگيا ھَي۔
‏8 مُگتي ايشوَر رَي طرفون ھَي۔
ٿارَي مِنکون تي اي پرميشوَر ٿارِي آشيرواد ھووَي۔ (سِلاھ)