اِسرائيليون نَي سينا جبل ݾون جاوڻ رو حُڪم
33
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”اِسرائيلي قوم، جڪون نَي تُو مِصر مُلڪ ݾون ڪاڍي لي آيو ھَي، آپ ڀيڙا لَي ھانَ اُوئي مُلڪ ڏيݾا لي جا، جڪَي رو واعدو مھَي، اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب ݾون ݾونݾ لي ڪيئو ھتو ڪہ، ’او مُلڪ ھُون ٿونرِي نسل نَي ڏئين۔‘ 2 ھُون ٿارَي آگھي ھيڪ فريشتو ميلين ھانَ ھُون ڪنعاني، اموري، حِتي، فرزي، حوِي ھانَ يبُوسي قومون نَي اُوئي مُلڪ ݾون ڪاڍي ڇوڙين۔ 3 ٿي اُوئي خُوشحال ھانَ آباد مُلڪ ۾ جائو، ڪيونڪہ ٿي ضدي قوم ھو، اِيئي رَي ڪري ھُون ٿون ڀيڙو ڪونھي ھالون، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ ھُون ٿونَي مارگ ۾ ماري ڇوڙون۔“ 4 جڏي مِنکون اَي ريݾ آݪِي بات ݾُڻِي، تو اُوئون نَي تموم گھڻو ڏُک ھويو ھانَ ڪَي ڀِي آپرا گيڻا ڪونھي پيريا، 5 ڪيونڪہ پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ھتو ڪہ، ”تُو اِسرائيلي قوم نَي ڪئي ڪہ، ’ٿي ضدي قوم ھو۔ جي ھُون ھيڪ گھڙِي ڀِي ٿون ڀيڙو ھالون، تو ٿونَي ماري ڇوڙين۔ ٿي آپرا گيڻا اُتارو، پَڇي ھُون جوئين ڪہ ٿون ݾون ڪِي ڪرڻ کپَي۔‘“ 6 اِيئي نمُونَي اِسرائيلي قوم حورب يعني سينا جبل ڪڍي آپرا گيڻا اُتاريا۔پرميشوَر ݾون مُلاقات آݪو پويتر تنٻُو
7 مُوسيٰ پويتر تنٻُو کڻائي، مِنکون رَي ريوَڻ آݪَي تنٻُوئون ݾون اݪگو لگاوتو۔ مُوسيٰ اُوئي رو نون ”پرميشوَر ݾون مُلاقات آݪو تنٻُو“ راکيو۔ جڪَي رو ڀِي من ڪرتو ڪہ او پرميشوَر ݾون بات ڪرَي، تو او ٻاھر اُوئي پويتر تنٻُو ڏيݾا جاوتو۔ 8 جڏي مُوسيٰ پويتر تنٻُو ڏيݾا جاوتو، تو ݾجائِي مِنک آپرَي آپرَي تنٻُو رَي در تي اُڀا ريتا ھانَ اُوئي ٽيم توڻي مُوسيٰ نَي جوتا، جترِي توڻي او تنٻُو ۾ ڪونھي جاوتو۔ 9 جڏي مُوسيٰ پويتر تنٻُو ۾ جاوتو، تو باڏݪ رو ٿونڀو اُتري پويتر تنٻُو رَي در تي اُڀي ريتو ھانَ پرميشوَر مُوسيٰ ݾون باتون ڪرتو۔ 10 جڏي ݾجائِي مِنک باڏݪ رَي ٿونڀَي نَي پويتر تنٻُو رَي در تي اُڀوڙو ڏيکتا، تو ݾجائِي مِنک اُٺي آپرَي آپرَي تنٻُو رَي در تي شيش نِماوتا۔ 11 پرميشوَر مُوسيٰ ݾون اِيئون رُوبرو باتون ڪرتو، جھڙو ڪو دوست آپرَي دوست ݾون باتون ڪرَي ھَي۔ پَڇي مُوسيٰ آپرَي تنٻُو ۾ پاڇو آوتو۔ اُوئي رو نوڪر نُونَ رو ڏيڪرو يشُوع نوجوان ھتو ھانَ او پويتر تنٻُو ۾ ريتو۔
پرميشوَر رو آپرَي مِنکون ڀيڙو ريوَڻ رو واعدو
12 پَڇي مُوسيٰ پرميشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، تُو مھنَي ڪَي ھَي ڪہ، ’اِيئون مِنکون نَي ڀيڙا لي بَي۔‘ پڻ ٿَي مھنَي اَي ڪونھي ݾُڻايو ڪہ تُو ڪينَي مھَي ڀيڙو ميلِي۔ ٿَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ’ھُون ٿنَي ٿارَي نون ݾون اوݪکون ھون ھانَ مھارِي دايا رِي نظر ٿَي ماٿَي ھَي۔‘ 13 ھمَي جي مھَي تي ٿارِي دايا رِي نظر ھَي، تو تُو مھنَي آپرو مارگ بتا، جڪَي ݾون ھُون ٿنَي اوݪکون ڪہ مھَي تي ٿارِي دايا رِي نظر ھووَي ھانَ اَي خيال راک، اَي مِنک ٿارِي قوم ھَي۔“ 14 اِيئي تي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿَي ڀيڙو ھالين ھانَ ٿنَي آروم ڏئين۔“ 15 پَڇي مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”جي تُو ڀيڙو ڪونھي ھالَي، تو مھونَي ايٿ ݾون آگھي نِي لي ھال۔ 16 پَڇي ڪيڪر خبر پڙشَي ڪہ مھَي تي ھانَ ٿارَي مِنکون تي ٿارِي دايا رِي نظر ھَي؟ ڪِي اِيئون ڪونھي ھوئي ݾگھتو ڪہ تُو مھون ڀيڙو ڀيڙو ھالَي ڪہ ھُون ھانَ ٿارا مِنک ڌرتي رَي ݾجَي قومون ݾون فرق ڏيکيجون۔“ 17 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون اَي ڀِي ڪرين جڪو ٿَي ڪھيو ھَي، ڪيونڪہ ٿَي تي مھارِي دايا رِي نظر ھَي ھانَ ھُون ٿنَي ٿارَي نون ݾون اوݪکون ھون۔“ 18 اِيئي تي مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو مھنَي آپرو مونڏو بتا۔“ 19 پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”ھُون آپرِي ݾجِي ڀلائي ٿارَي آگھي ظاھر ڪرين ھانَ ٿارَي ݾومھو آپرَي نون پرميشوَر رو ايلون ڪرين۔ ھُون جڪَي تي مھربون ھوئون، اُوئي تي مھربونِي ڪرون ھون ھانَ جڪَي تي دايا رِي مرضِي ھووَي، اُوئي تي دايا ڪرون ھون۔ 20 تُو مھارو مونڏو جوئي ڪونھي ݾگھَي، ڪيونڪہ اِنسون مھنَي ڏيکي جيتو رئي ڪونھي ݾگھَي۔“ 21 پَڇي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”جو، مھارَي نيڙو ھيڪ جبل ھَي۔ تُو جائي اُوئي ماٿَي اُڀ۔ 22 جڏي ھُون آپرَي جلوو ݾون اوٿ ݾون لنگھين، تو ھُون ٿنَي اُوئي جبل رِي چُر ۾ لِڪائي ڇوڙين ھانَ جترِي توڻي ھُون بُوئو نِي جائُون، اُترِي توڻي ھُون ٿنَي آپرَي ھاٿ ݾون ڍڪي راکين۔ 23 اِيئي ݾون پَڇي ھُون آپرو ھاٿ پرھو ڪرين ھانَ تُو مھارِي پُٺ ڏيکِي، پڻ مھارو مونڏو جوئي ڪونھي ݾگھَي۔“