نُقصون رِي سزا ھانَ ڏنڊ
22
پرميشوَر اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جي ڪو مِنک ڍگَي جون رڍ رِي چورِي ڪرَي ھانَ اُوئي نَي باڍي ڇوڙي جون اُوئي نَي بيچَي، تو او ھيڪَي ڍگَي رَي بدلَي پونچ ڍگا ھانَ ھيڪِي رڍ رَي بدلَي چار رڍون ڀري ڏَي۔ 2 جي چورِي ڪرتو جھليجَي ھانَ اُوئي نَي اھڙِي مار ملَي جڪَي ݾون او مري جاوَي، تو اُوئي رِي موت رو ڪو ڀِي ڏوھي ڪونھي ھووَي۔ 3 پڻ چور ڏِن اُگڻ ݾون پَڇي جھليجَي ھانَ ماريو جاوَي، تو مارڻ آݪو ڏوھي ھوشَي۔ جي چور بچي جاوَي، تو اُوئي ݾون چورِي رو ڏنڊ ڀرائيجَي ھانَ جي چور ڪڍي ڪئين نِي ھووَي، تو پَڇي اُوئي نَي بيچي نُقصون پُورو ڪيئو جاوَي۔ 4 جي چورِي رو جِنار اُوئي ڪڍي جيتو ملَي، ڀلي او ڍگو ھووَي، گڏو ھووَي جون رڍ ٻڪرِي ھووَي، تو اُوئي رو ٻيڻو ڀري ڏَي۔5 جي ڪو مِنک آپرو مال آپرِي ٻنِي جون آپرَي انگُورون رَي باگ ۾ چرڻ رَي ݾارُو ڇوڙَي، پڻ اُوئي رو مال ڪَي ٻيجَي رِي ٻنِي ۾ جائي چرَي، تو اُوئي نَي آپرِي ٻنِي جون انگُورون رَي باگ ݾون ݾُٺَي ݾون ݾُٺِي پوک رو ڏنڊ ڀري ڏيوَڻو ھَي۔
6 جي ڪو مِنک آپرِي ٻنِي ۾ باݾڏي ٻاݪَي ھانَ باݾڏي ڀڙڪو کائي ڪَي ٻيجَي رَي ڏوڻون رَي ڍِگ جون اُڀوڙِي پوک نَي ٻاݪي راک ڪرَي، تو جڪَي باݾڏي ٻاݪيو ھووَي اُوئي رو نُقصون ضرُور ڀرَي۔
7 جي ڪو مِنک ڪَي ٻيجَي نَي رقم جون ٻيجو ڪو سيمون راکڻ رَي ݾارُو ڏَي ھانَ او رقم جون او سيمون اُوئي رَي گھر ݾون چورِي ھوئي جاوَي ھانَ او چور جھليجَي رو، تو اُوئي چور نَي ٻيڻو ڏنڊ ڀرڻو ھَي۔ 8 پڻ جي چور نِي جھليجَي، تو اُوئي گھر رَي مالڪ نَي مھارَي ݾومھو لايو جاوَي ڪہ او ݾونݾ لَي ڪہ اُوئي رقم جون سيمون نَي ھاٿ ڀِي ڪونھي لگايو۔
9 جي ڪَي ٻي مِنکون ۾ ملڪيت رو جھيڙو ھووَي ھانَ ٻيئي ڪَي ڪہ، ’اَي مھارِي ھَي۔‘ ڀلي ڪو جِنار ھووَي جون ڪو گاڀو ھووَي جون ڪو ٻيجو گُميجوڙو سيمون ھووَي، تو او ٻيئي مھَي ايشوَر ڪڍي لايا جاوَي ھانَ جڪو ڏوھي ھوشَي، او ٻيجَي نَي ٻيڻو ڀري ڏيشَي۔
10 جي ڪو مِنک ڪينَي آپرو گڏو جون ڍگو جون رڍ جون ڪو ٻيجو جِنار ݾنڀال رَي ݾارُو ڏَي ھانَ جي او جِنار مري جاوَي جون ڦَٽيجَي جون چورِي ھووَي ھانَ اِيئي رِي ڪينَي ڀِي خبر نِي ھووَي، 11 تو او مِنک مھَي پرميشوَر نَي گواھ ڪري ݾونݾ لي ڪَي ڪہ، ’مھَي اُوئي رَي جِنار نَي ھاٿ ڀِي ڪونھي لگايو‘، تو جِنار رو مالڪ اُوئي نَي ݾاچِي منَي ھانَ اُوئي ݾون ڏنڊ نِي لَي۔ 12 پڻ جي جِنار اُوئي ݾون چورِي ھوئي جاوَي، تو اُوئي رَي مالڪ نَي ڀري ڏيوَڻو ھَي۔ 13 جي ڪَي جِنار نَي ڪو جھنگلِي جِنار چيرَي ڦاڙَي، تو او اُوئي رو ثبُوت بتاوَي ھانَ اُوئي جِنار رو نُقصون ڀرَي۔
14 جي ڪو مِنک ڪَي ݾون ڪو جِنار مونگي لَي ھانَ او جِنار ڦَٽيجَي جون مري جاوَي ھانَ اُوئي ٽيم اُوئي رو مالڪ ڀيڙو نِي ھووَي، تو او ضرُور اُوئي رو نُقصون ڀرَي۔ 15 پڻ جي مالڪ ڀيڙو ھووَي، تو اُوئي رو نُقصون نِي ڀرَي۔ جي او جِنار تاريڪ تي لايوڙو ھووَي، تو اُوئي رو نُقصون اُوئي رِي تاريڪ ݾون پُورو ڪيئو جاوَي۔“
اِخلاقي حُڪم ھانَ ڌرمي ذميوارَي
16 پرميشوَر اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جي ڪو مِنک ڪَي ڪنوارِي ڇوڪرِي نَي جڪَي رو مونڱڻو ڪونھي ھويوڙو، ميٺَي ميٺَي باتون ڪري اُوئي ݾون زنا ڪرَي، تو اُوئي ڇوڪرِي رَي مائيترون نَي ڏوھ ڀري ڏيوَڻو ھَي ھانَ اُوئي ڇوڪرِي ݾون بيئان ڪرڻو ھَي۔ 17 جي اُوئي ڇوڪرِي را مائيتر ڇوڪرِي ڏيوَڻ رَي ݾارُو خُوش نِي ھووَي، تو پَڇي اُوئي مِنک نَي اُترِي رقم ڏيوَڻِي ھَي جترِي ڪنوارِي رَي بيئان رَي ݾارُو ھووَي ھَي۔
18 ٿي جادُوگرڻِي نَي جيتِي نِي ڇوڙيا۔
19 جي ڪو مِنک ڪَي جِنار ݾون زنا ڪرَي، تو او ضرُور ماريو جاوَي۔
20 جي ڪو مِنک مھَي پرميشوَر نَي ڇوڙي ڪَي ٻيجَي ڏيوتا آگھي ٻَليدون چاڙھَي، تو اُوئي نَي ضرُور ماريو جاوَي۔
21 ٿي ڪَي ڀِي پرديسي نَي تنگ نِي ڪريا ھانَ نِي اُوئي تي ظُلم ڪريا، ڪيونڪہ ٿي ڀِي مِصر مُلڪ ۾ پرديسي ھتا۔
22 ٿي ڪَي بيواھ جون يتيم نَي ڏُک نِي ڏيا۔ 23 جي ٿي اُوئون نَي ڪَي ڀِي نمُونَي ڏُک ڏيشو ھانَ او مھَي ݾون فرياد ڪرشَي، تو ھُون ضرُور اُوئون رِي فرياد ݾُڻين۔ 24 پَڇي مھارِي ريݾ بڌي جاشَي ھانَ ھُون ٿونَي تلوار ݾون مرائين، اِيئي نمُونَي ٿونرَي لُگائَي بيواھ ھانَ ٿونرا ٻاݪ يتيم ھوئي جاشَي۔
25 جي ٿي مھارَي مِنکون ۾ ڪَي مُحتاج نَي جڪو ٿون ڀيڙو ريتو ھووَي، اُوئي نَي ڪئين اوڌار ڏيئو، تو ٿي اُوئي ݾون قرضِي جھڙو سلُوڪ نِي ڪريا ھانَ نِي اُوئي ݾون بياج ليا۔ 26 جي ٿي ڪڏي ڪَي مِنک رِي چادر اَڏوڻَي راکو، تو ڏِن آٿوئڻ ݾون پيل اُوئي نَي پاڇِي ڏيا، 27 ڪيونڪہ او رات رو ݾُوئڻ رَي ٽيم اوڍَي ھَي۔ جي اَي اُوئي ڪڍي نِي ھوئِي، تو او ݾُوتي بِݪا ڪِي اوڍشَي؟ اِيئي رَي ڪري جڏي او مھنَي فرياد ڪرشَي، تو ھُون اُوئي رِي فرياد ݾُڻين ڪيونڪہ ھُون دايالُو ھون۔
28 تُو مھَي ايشوَر نَي بُرو ڀلو نِي ڪئي ھانَ نِي آپرِي قوم رَي ݾردار نَي پِٽي۔
29 ٿي آپرِي پوک ھانَ ڦلون رَي رس رو ھديو مھنَي ڏيوَڻ ۾ دير نِي ڪريا۔ ٿي آپرو موڀِي ڏيڪرو مھنَي ڏيا۔ 30 آپرَي ڍگيون ھانَ رڍون را پيلڪا نَر مھنَي ڏيا۔ جِنار رو پيلڪو نَر ݾات ڏِن آپرِي ما ڀيڙو رَي پڻ آٺوين ڏِن ٿي او مھنَي ڏيا۔
31 ٿي آپرو آپنَي مھارَي ݾارُو پويتر راکيا۔ ٿي اُوئي جِنار رو موݾ نِي کايا جڪَي نَي ڪَي جھنگلِي جِنار چيري ڦاڙي ميدون ۾ ڇوڙيو ھووَي، پڻ اھڙو موݾ ڪُتون آگھي نوکيا۔“