غُلومون رَي بارَي ۾ حُڪم
21
پرميشوَر مُوسيٰ نَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”اَي او حُڪم ھَي جڪو ٿنَي اِسرائيلي قوم نَي ݾُڻاوڻا ھَي۔2 جي ٿون ۾ ڪو آپرِي عبراني قوم ݾون غُلوم مول لَي، تو او ڇَي ݾال ٿونرو غُلوم رَي ھانَ ݾاتوين ݾال اُوئي نَي مُکت ۾ آزاد ڪريا۔ 3 جي او ھيکلو آيو ھووَي، تو ھيکلو بُوئو جاوَي ھانَ جي او پرڻيجوڙو آيو ھووَي، تو اُوئي رِي لُگائِي ڀِي اُوئي ڀيڙِي جاوَي۔ 4 جي اُوئي غُلوم رَي مالڪ اُوئي رو بيئان ڪرايو ھووَي ھانَ اُوئي رِي لُگائِي ݾون ڏيڪرا ھانَ ڏيڪرَي جائَي ھووَي، تو او لُگائِي ھانَ اُوئي را ٻاݪ اُوئي رَي مالڪ را ھوشَي ھانَ او ھيکلو بُوئو جاوَي۔ 5 پڻ جي او غُلوم آپرِي مرضِي ݾون ڪَي ڪہ ھُون آپرَي مالڪ، آپرِي لُگائِي ھانَ آپرَي ٻاݪون ݾون پريم ڪرون ھون، اِيئي رَي ڪري ھُون آزاد ھوئي ڪونھي جائُون، 6 تو پَڇي اُوئي رو مالڪ اُوئي نَي مھَي آگھي لي آوَي ھانَ اُوئي نَي در ڪڍي جون در رَي چوکٺ تي لائي ݾُوئَي ݾون اُوئي رو ڪونَ بينڌَي۔ پَڇي او ھميشا اُوئي رو غُلوم ھوئي ريشَي۔
7 جي ڪو مِنک آپرِي ڏيڪرِي نَي ٻونھِي ھوئڻ رَي ݾارُو بيچَي، تو او غُلوم آڏميون آݪِي ڪار آزاد نِي ڪِي جاوَي۔ 8 جي اُوئي رو مالڪ اُوئي نَي بيئان رَي ݾارُو پسند ڪرَي، پڻ پَڇي اُوئي نَي پسند نِي آوَي، تو او اُوئي ٻونھِي رَي خاندان ݾون جائز قيمت لَي ھانَ او لُگائِي پاڇِي ڏَي۔ ڪيونڪہ او آپرِي زِبون تي پڪو ڪونھي رھيو، اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي مالڪ نَي اَي حق ڪونھي ڪہ اُوئي ٻونھِي نَي ڪَي ٻيجَي نَي بيچَي۔ 9 جي اُوئي ٻونھِي نَي آپرَي ڏيڪرَي ݾون بيئان ڪراوڻ رَي ݾارُو چُونڊَي، تو اُوئي نَي آپرِي ڏيڪرِي آݪِي ڪار راکَي۔ 10 جي اُوئي ٻونھِي ݾون بيئان ڪرڻ ݾون پَڇي، جي او ڪَي ٻيجِي لُگائِي ݾون بيئان ڪرَي، تو ڀِي پيلڪِي لُگائِي نَي کاڌو ھانَ گاڀا ڏيتو رَي ھانَ اِيئي ݾون ٽاݪ لُگائِي رو حق ڀِي پُورو ڪرتو رَي۔ 11 جي او آپرِي پيلڪِي لُگائِي را اَي تين حق پُورا نِي ڪرَي، تو اُوئي رَي خاندان ݾون ڪو ڀِي پَشا نِي لَي، پڻ اُوئي نَي آزاد ڪرَي۔“
زخمي ڪرڻ ھانَ مارڻ رِي سزا
12 پرميشوَر مُوسيٰ نَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جي ڪو مِنک ڪينَي اترِي مار ڪاڍَي ڪہ او مري جاوَي، تو بدلَي ۾ او ڀِي ماريو جاوَي۔ 13 پڻ جي اُوئي مِنک نَي مارڻ رو اِرادو ڪونھي ھتو، پڻ او مري گيو، تو اھڙَي حال ۾ ھُون اُوئي نَي ھيڪ اھڙِي جگھا بتائين جيٿ او پناھ لَي۔ 14 جي ڪو مِنک ھرُوڀرُو ھانَ چالاڪِي ݾون ڪينَي قتل ڪرَي، تو بيشڪ او ٻَليدون رِي جگھا ۾ پناھ لَي، تو ڀِي اُوئي نَي اوٿ ݾون اݪگو لي جائي ماريو جاوَي۔
15 جي ڪو مِنک آپرِي ما جون ٻاپ نَي مارَي ڪُوٽَي، تو او ڀِي ضرُور ماريو جاوَي۔
16 جي ڪو مِنک ڪينَي اغوا ڪرَي، بيشڪ اُوئي نَي بيچَي جون اُوئي ڪڍي ملَي، تو اُوئي نَي ضرُور ماريو جاوَي۔
17 جي ڪو مِنک آپرَي ما ٻاپ نَي پِٽَي، تو او ضرُور ماريو جاوَي۔
18 جي جھيڙو ھووَي ھانَ جي ڪُڻ ڪَي ٻيجَي مِنک نَي پٿر جون ڌِيڪ ھڻَي ھانَ او مرَي نِي، پڻ زخمي ھوئي موچَي تي پڙيو رَي، 19 تو جڏي او اُٺي گيڏِي رَي سھارَي ٻاھر جائي بَي، پَڇي او جڪَي اُوئي نَي ڌڪ ھڻيو ھتو، او رُگو اُوئي رو نُقصون ڀرَي ھانَ اُوئي رو پُورو علاج ڀِي ڪراوَي۔
20 جي ڪو مِنک آپرَي غُلوم جون آپرِي ٻونھِي نَي گيڏِي ݾون اِترو مارَي ڪُوٽَي جڪَي ݾون او مري جاوَي، تو اُوئي نَي ضرُور سزا ڏينِي جاوَي۔ 21 پڻ جي او ھيڪ ٻي ڏِن جيتو رَي، تو مالڪ نَي سزا نِي ڏينِي جاوَي، ڪيونڪہ او اُوئي رو مول ليئوڙو غُلوم ھَي۔
22 جي مِنک آپت ۾ جھيڙو ڪرتا ھووَي ھانَ بِڙھتا بِڙھتا ڪَي اُميدگار لُگائِي نَي اھڙو ڌڪ لاگَي جڪَي ݾون اُوئي رو ٻاݪ ضائع ھوئي جاوَي، پڻ ڪو ٻيجو نُقصون نِي ھووَي، تو اُوئي رو ڌڻِي ڏنڊ راکَي ھانَ جَج حقِي فيصلو ڪري ݾُڻاوَي ھانَ ڌڪ ھڻڻ آݪَي ݾون ڏنڊ ڀرائي لَي۔ 23 پڻ جي ڪو ٻيجو نُقصون ڀِي ھووَي، تو اُوئي رِي سزا جان رَي بدلَي جان، 24 اونک رَي بدلَي اونک، ڏونت رَي بدلَي ڏونت، ھاٿ رَي بدلَي ھاٿ، پگ رَي بدلَي پگ، 25 ٻاݪڻ رَي بدلَي ٻاݪڻ، ڦَٽ رَي بدلَي ڦَٽ ھانَ ڌڪ رَي بدلَي ڌڪ۔
26 جي ڪُڻ آپرَي غُلوم جون آپرِي ٻونھِي رِي اونک تي اھڙو ڌڪ ھڻَي، جڪَي ݾون او ڪوڻو ھوئي جاوَي، تو اُوئي نَي اونک رَي بدلَي آزاد ڪرَي۔ 27 جي ڪُڻ آپرَي غُلوم جون آپرِي ٻونھِي را ڏونت ڀونگَي، تو اُوئي رَي ڏونت رَي بدلَي اُوئي نَي آزاد ڪرَي۔
ڌڻ مال رَي مالڪ رِي ذميوارِي
28 جي ڪو ڍگو ڪَي مِنک نَي ݾِينگ ھڻَي ھانَ او مري جاوَي، تو او ڍگو ضرُور پٿر ھڻي ماريو جاوَي ھانَ اُوئي رو موݾ کاوڻ نِي کپَي، پڻ ڍگَي رَي مالڪ نَي سزا ڏينِي جاوَي۔ 29 پڻ جي او ڍگو پيل ݾون ڀيٽَي ھڻتو ھانَ اُوئي رَي مالڪ نَي ݾُڻايو ڀِي ھووَي، تو ڀِي اُوئي رَي مالڪ اُوئي نَي ٻونڌيو ڪونھي ھانَ او ڍگو ڪَي مِنک نَي ڀيٽَي ھڻي ماري ڇوڙَي، تو او ڍگو پٿر ھڻي ماريو جاوَي ھانَ اُوئي رو مالڪ ڀِي ماريو جاوَي۔ 30 پڻ جي اُوئي رَي مالڪ تي خُون رَي بدلَي ڏنڊ راکيو جاوَي، تو او آپنَي بچاوڻ رَي ݾارُو ڏنڊ ڀرَي۔ 31 بيشڪ اُوئي ڍگَي ڪيرِي ڏيڪرِي، ڪيرَي ڏيڪرَي نَي ماريو ھووَي، تو اِيئج حُڪم تي اُوئي نَي سزا ڏينِي جاوَي۔ 32 جي ڍگو ڪَي غُلوم نَي جون ڪَي ٻونھِي نَي ڀيٽَي ھڻي ماري ڇوڙَي، تو ڍگَي رو مالڪ اُوئي غُلوم جون ٻونھِي رَي مالڪ نَي ٽيھ تولا چوندِي را ݾِڪا ڏَي ھانَ ڍگَي نَي پٿر ھڻي ماريو جاوَي۔
33 جي ڪو مِنک ڪَي کڏ نَي کُلِي ڇوڙَي، جون نُوئِي کڏ کوتري اُوئي تي ڍڪ نِي ڏَي ھانَ پَڇي اُوئي ۾ ڪو ڍگو جون گڏو کِرَي، 34 تو کڏَي رو مالڪ اُوئي رو نُقصون ڀري ڏَي ھانَ جِنار رَي مالڪ نَي ڀِي مول ڀري ڏَي ھانَ مُوئوڙو جِنار آپ راکَي۔ 35 جي ڪَي مِنک رو ڍگو ڪَي ٻيجَي رَي ڍگَي نَي ڀيٽَي ھڻي ماري ڇوڙَي، تو ٻيئي مِنک جيتَي ڍگَي نَي بيچَي ھانَ اُوئي رِي قيمت آپت ۾ آڌِي آڌِي بِݪاوَي ھانَ اِيئي نمُونَي او مُوئوڙَي ڍگَي نَي ڀِي آپت ۾ بِݪاوَي۔ 36 جي خبر پڙَي ڪہ او ڍگو پيل ݾون ڀيٽَي ھڻتو ھانَ اُوئي رَي مالڪ اُوئي نَي ٻونڌيو ڪونھي، تو اُوئي رَي مالڪ نَي ضرُور ڍگَي رَي بدلَي ڍگو ڏيوَڻو ھَي ھانَ مُوئوڙو ڍگو آپ لَي۔“