ايشوَر رو سينا جبل تي اُترڻ
19
پَڇي اِسرائيلي قوم رو مِصر مُلڪ ݾون نڪرڻ ݾون پَڇي او تيجَي مھيڻَي رَي پيلڪَي ڏِن سينا رَي رڻ پَٽ ۾ آيا۔ ‏2 جڏي او رفيديم جگھا ݾون بَئير ھوئي سينا رڻ پَٽ ۾ آيا، تو اُوئون اوٿ جبل رَي ݾومھو آپرا تنٻُو لگايا۔
‏3 پَڇي مُوسيٰ ايشوَر ݾون باتون ڪرڻ رَي ݾارُو جبل تي گيو۔ پرميشوَر اُوئي نَي جبل ݾون ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”تُو يعقُوب رَي خاندان يعني اِسرائيلي قوم نَي اَي ڪَي ڪہ، ‏4 ’ٿون ڏيٺو ڪہ مھَي مِصري قوم نَي ڪھڙَي ڪھڙَي سزائون ڏينَي ھانَ ٿونَي اِيئون بچائي لي آيو، جھڙَي نمُونَي باز آپرَي ٻچيون نَي آپرَي پونکيون تي کڻي لي آوَي ھَي۔ ‏5 ݾجِي ڌرتي مھارِي ھَي، پڻ جي ٿي مھارَي باتون منو ھانَ مھَي ݾون ڪيئوڙَي وچن تي بو، تو ٿي ݾجَي قومون ۾ مھارِي خاص قوم ھوشو۔ ‏6 ٿي مھارَي ݾارُو پويتر قوم ھانَ خاص پُوجاري ھوشو۔‘ تُو اَي باتون اِسرائيلي قوم نَي ݾُڻا۔“
‏7 پَڇي مُوسيٰ آئي اِسرائيلي قوم رَي اَگووڻون نَي ھيلو ڪرائو ھانَ اُوئون نَي پرميشوَر رَي ڪھيوڙَي ݾجَي باتون ݾُڻائَي۔ ‏8 پَڇي ݾجَي مِنکون ڀيڙا ھوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جڪو ڪئين پرميشوَر ڪھيو ھَي، مھي اوج ڪرشون۔“ پَڇي مُوسيٰ جائي مِنکون رَي باتون پرميشوَر نَي ݾُڻائَي۔
‏9 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، ھُون ڪاݪَي باڏݪون ۾ ٿَي ڪڍي آئين ڪہ جڏي مِنک مھنَي ٿَي ݾون ٻولتو ݾُڻَي، تو او ھميشا ٿارو ڀروسو ڪرَي۔“ پَڇي مُوسيٰ او ݾجَي باتون پرميشوَر نَي ݾُڻائَي جڪو مِنکون ݾُڻائَي ھتَي۔ ‏10 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مِنکون ڪڍي جائي ݾُڻا ڪہ او آج ھانَ ݾووارَي آپرا گاڀا ڌوئَي ھانَ آپرو آپنَي پويتر ڪرَي۔ ‏11 او تيجَي ڏِن تيار رَي، ڪيونڪہ ھُون ݾجَي مِنکون رَي رُوبرو سينا جبل تي اُترين۔ ‏12 تُو مِنکون رَي ݾارُو جبل رَي چوڌاري حد ٺائي ھانَ اُوئون نَي ڪئي ڪہ خبردار، ٿي اِيئي جبل ماٿَي نِي چڙھيا ھانَ نِي اِيئي نَي ھاٿ لگايا، ڪيونڪہ جڪو ڀِي اِيئي جبل نَي ھاٿ لگاشَي، تو او ضرُور ماريو جاشَي۔ ‏13 ڀلي او اِنسون ھووَي جون جِنار، اُوئي نَي جيتو نِي ڇوڙيا، اُوئي نَي ھاٿ نِي لگايا، پڻ پٿر جون تير ھڻي ماري ڇوڙيا۔ جڏي نَر ݾِينگو باجَي، تو پَڇي ݾجَي مِنکون نَي جبل تي آوڻ رِي موڪل ھَي۔“
‏14 پَڇي مُوسيٰ جبل ݾون اُتريو ھانَ جائي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرا گاڀا ڌوئو ھانَ آپرو آپنَي پويتر ڪرو۔“ پَڇي مِنکون اِيئوج ڪيئو۔ ‏15 پَڇي اُوئي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي تيجَي ڏِن تيار رھيا ھانَ لُگايون رَي نيڙا نِي جايا۔“
‏16 تيجَي ڏِن ݾاڪݪي تارھي جبل تي ڪاݪا باڏݪ آيا۔ کيوَڻ چمڪڻ لاگِي، باڏݪ گرجڻ لاگا ھانَ نَر ݾِينگَي رو آواز زور ݾون ݾُڻيجڻ ۾ آيو، جڪَي ݾون ݾجائِي مِنک تنٻُوئون ۾ ٻِي ۾ ڏڪڻ لاگا۔ ‏17 پَڇي مُوسيٰ مِنکون نَي ايشوَر ݾون مِلاوڻ رَي ݾارُو تنٻُوئون ݾون ٻاھر ڪاڍي آيو ھانَ او جبل رَي ھيٺا آئي اُڀا۔ ‏18 سينا جبل اُونچا ݾون لي ھيٺا توڻي ڌُونئَي ݾون ڍڪيجي گيو، ڪيونڪہ پرميشوَر باݾڏي رِي جھاݪ آݪِي ڪار جبل تي اُتريو ھانَ ڌُونئو جبل ݾون اِيئون نڪرتو پڙيو، جھڙو ڪَي بٺَي ݾون ڌُونئو نڪرتو ھووَي ھانَ ݾجو جبل زور ݾون ھِلڻ لاگو۔ ‏19 پَڇي جڏي نَر ݾِينگو تموم گھڻو تيز باجڻ لاگو، تو مُوسيٰ باتون ڪرتو ھانَ ايشوَر اُوئي نَي گاج آݪِي ڪار موٽَي آواز ݾون بݪتِي ڏيتو۔ ‏20 اِيئي نمُونَي پرميشوَر، سينا جبل رِي چوٽِي تي اُتريو، پرميشوَر مُوسيٰ نَي جبل رِي چوٽِي ماٿَي اَڻايو ھانَ مُوسيٰ اوٿ گيو۔ ‏21 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھيٺا جائي مِنکون نَي ݾُٺَي نمُونَي ݾمجھا، اِيئون نِي ھووَي ڪہ او مھنَي جوئڻ رَي ݾارُو حد توڙي مھَي ڏيݾا آوَي ھانَ اُوئون ۾ تموم گھڻا مِنک مري جاوَي۔ ‏22 مھارا پُوجاري جڪو مھَي ڪڍي آوَي ھَي، او آپرو آپنَي پويتر ڪرَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ مھارو ڪھر اُوئون تي آئي پڙَي۔“ ‏23 پَڇي مُوسيٰ پرميشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”مِنک سينا جبل تي ڪونھي چڙھَي، ڪيونڪہ ٿَي مھونَي ݾُٺَي نمُونَي ݾمجھايا ھَي ڪہ جبل رَي چوڌاري ٿارِي حد ھَي ھانَ اُوئي نَي پويتر راکڻِي ھَي۔“
‏24 پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ھيٺا جا ھانَ ھارُون نَي اُونچو لي آ، پڻ مھارا پُوجاري ھانَ ٻيجا مِنک حد ٽِپي اُونچا مھَي ڪڍي نِي آوَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ مھارو ڪھر اُوئون تي آئي پڙَي۔“ ‏25 اِيئي تي مُوسيٰ جبل ݾون ھيٺو اُتري مِنکون ڪڍي گيو ھانَ پرميشوَر رَي باتون اُوئون نَي ݾُڻائَي۔