پرميشوَر رِي بڏائي رو ڀجن
15
پَڇي مُوسيٰ ھانَ اِسرائيلي قوم پرميشوَر رَي ݾارُو اَي ڀجن گايو،”ھُون پرميشوَر رِي بڏائي ۾ گائين،
ڪيونڪہ او قُدرت ݾون کٽي گيو ھَي۔
اُوئي گھوڙون ھانَ اُوئي رَي ݾَوارون نَي ݾمُوندر ۾ ٻوڙيا۔
2 پرميشوَر مھارِي طاقت ھانَ مھارو راگ ھَي۔
اوج مھارو بچاوڻ آݪو ھَي۔
ھُون اُوئي رِي بڏائي ڪرين، ڪيونڪہ او مھارو ايشوَر ھَي
ھانَ او مھارَي ٻاپ ڏاڏَي رو ڀِي ايشوَر ھَي۔
ھُون اُوئي رِي مھما را گُڻ گائين۔
3 اُوئي رو نون پرميشوَر ھَي ھانَ او جنگ ۾ طاقت آݪو ھَي۔
4 اُوئي فرعُون بادشاھ رِي فوج ھانَ اُوئي را گھوڙا گاڏا ݾمُوندر ۾ نوکيا
ھانَ اُوئي را چُونڊيوڙا فوجي آفيسر قُلزم ݾمُوندر ۾ گرڪ ھويا۔
5 ݾمُوندر رَي اُونڏَي پوڻي اُوئون نَي ٻوڙي ڇوڙيا
ھانَ او پٿر آݪِي ڪار ݾمُوندر رَي تَݪ ۾ جائي ٻُوڏا۔
6 اي پرميشوَر، ٿارو ݾاجو ھاٿ قُدرت ھانَ مھما آݪو ھَي۔
اي پرميشوَر، ٿارو ݾاجو ھاٿ دُشمن را ڦُوندا ڦُوندا ڪري ڇوڙَي ھَي۔
7 تُو آپرِي موٽِي قُدرت ݾون آپرَي دُشمنون رو نون نِشون مِٽائي ڇوڙَي ھَي۔
تُو آپرِي ريݾ ݾون اُوئون نَي اِيئي نمُونَي مِٽاوَي ھَي،
جھڙَي نمُونَي باݾڏي بوھ نَي ٻاݪي راک ڪرَي ھَي۔
8 ٿارِي ڦُونڪ ݾون پوڻي بِچ ݾون ڌار ڌار ھويو،
بيتو پوڻي ڀيت آݪِي ڪار اُڀو ھوئي گيو
ھانَ اُونڏو پوڻي ݾمُوندر رَي تَݪ ۾ جِمي گيو۔
9 دُشمن اَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’ھُون لارو ڪري اُوئون نَي جھالين۔
ھُون اُوئون ݾون ڌن کوݾي آپرَي مِنکون ۾ بِݪائين۔
اُوئون رِي بربادي ݾون مھارو من ٺرشَي۔
ھُون آپرَي ھاٿون ݾون تلوار ڪاڍي اُوئون نَي مارين۔‘
10 پڻ اي پرميشوَر، ٿَي ڦُونڪ ڏينِي، تو طُوفون آيو
ھانَ ݾمُوندر مِصري فوج نَي گِٽي گيو۔
او اُونڏَي پوڻي ۾ پٿر آݪِي ڪار ٻُوڏي گيا۔
11 اي پرميشوَر، ٿَي ݾون موٽو ڪو ڀِي ڏيوتا ڪونھي۔
ٿَي جھڙو پويتر ھانَ مونَ آݪو ڪو ڀِي ڪونھي
ھانَ مِنک ٿارَي پرچون ھانَ موٽَي موٽَي ڪومون رَي ڪري،
ٿارِي جَئي جَئي ڪار ڪرشَي۔
12 ٿَي آپرو ݾاجو ھاٿ بڌايو،
تو ڌرتي مھورا دُشمن گِٽي گئِي۔
13 پڻ ٿَي آپرِي دايا ݾون مھونَي ڇوڙايا
ھانَ مھورِي اَگووڻِي ڪِي۔
تُو آپرِي قُدرت ݾون مھونَي آپرَي پويتر مُلڪ ڏيݾا لي جاوَي پڙيو۔
14 اَي ݾُڻي ٻيجَي قومون ڏڪشَي
ھانَ فلستِي قوم را مِنک ٻياجشَي۔
15 ادُومي قوم را ݾردار ٻياجشَي۔
موآبي قوم را اَگووڻ ڏڪشَي۔
اترِي توڻي ڪہ ڪنعان مُلڪ رَي ݾجَي قومون،
ٻِي رَي ڪري پريشون ھوئي جاشَي۔
16 ٻِي ھانَ پريشونِي اُوئون رَي من ۾ ٻيݾي ريشَي۔
اي پرميشوَر، او مِنک ٿارِي قُدرت رَي ڪري
اُوئي ٽيم توڻي پٿر آݪِي ڪار ھوئي جاشَي،
جترِي توڻي مھي، جڪون نَي ٿَي ڇوڙايا ھَي، لنگھي نِي جائُون۔
17 تُو مھونَي اُوئي چُونڊيوڙَي جبل تي لي جائي ٻيݾاڙِي،
جڪَي نَي ٿَي آپرَي ريوَڻ رَي ݾارُو ٺاھيو ھَي۔
اي پرميشوَر، او ٿارِي پويتر جگھا ھَي،
جڪَي نَي ٿَي آپرَي ھاٿ ݾون ٺائِي ھَي۔
18 اي پرميشوَر، تُو ھميشا بادشاھي ڪرِي۔“
19 پَڇي اِسرائيلي قوم آݪا ݾمُوندر رَي بِچ ۾ ݾُوڪِي جگھا ݾون بَئي نڪري گيا، پڻ جڏي فرعُون بادشاھ رِي فوج گھوڙون گاڏون ݾُوڌا اُوئون لاري گيا، تو پرميشوَر اُوئون نَي ݾمُوندر ۾ نوکي ڇوڙيا۔
مريم رو ڀجن
20 مريم مُوسيٰ ھانَ ھارُون رِي ٻين ھتِي، جڪو نبيوڻِي ھتِي، اُوئي دفلِي ھاٿ ۾ لِي ھانَ ݾجَي لُگايون ڀِي آپرَي ھاٿون ۾ دفلَي ليئَي ھانَ ناچتَي ناچتَي مريم لاري بيوَڻ لاگَي۔ 21 مريم اُوئون رَي ݾارُو اَي ڀجن گاوڻ لاگِي ڪہ،
”پرميشوَر رِي بڏائي ۾ گائو،
ڪيونڪہ او قُدرت ݾون جيتي گيو ھَي۔
اُوئي گھوڙون ھانَ اُوئون را ݾَوار ݾمُوندر ۾ گرڪ ڪيئا۔“
کارَي پوڻي رو ميٺو ھوئڻ
22 پَڇي مُوسيٰ اِسرائيليون نَي آپ ڀيڙا لي قُلزم ݾمُوندر ݾون بُوئو ھانَ او ݾجائِي شُور علائقَي رَي رڻ پَٽ ۾ پُگا، رڻ پَٽ ۾ بيتا بيتا تينون ڏِنون توڻي اُوئون نَي ڪيٿ ڀِي پوڻي ڪونھي مِليو۔ 23 پَڇي او ھيڪِي جگھا تي پُگا، پڻ اوٿ رو پوڻي پيئي ڪونھي ݾگھيا، ڪيونڪہ او پوڻي کارو ھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئي جگھا رو نون مارا پڙيو، جڪَي رو مطلب ھَي ”کارو۔“ 24 پَڇي او مُوسيٰ تي ڪُرڪي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مھي ڪِي پيئون؟“ 25 اَي ݾُڻي مُوسيٰ پرميشوَر نَي مِنٿ ڪِي، تو پرميشوَر اُوئي نَي ھيڪ بَڻ بتايو، جڪَي رِي لڪڙِي مُوسيٰ کارَي پوڻي ۾ گھاتِي، تو او پوڻي ميٺو ھوئي گيو۔
مارا جگھا تي پرميشوَر اُوئون رَي ريوَڻ رَي ݾارُو قانُون ھانَ اصُول ٺاھيا ھانَ اوٿج اُوئون نَي آزمايا 26 پرميشوَر اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿي دِل لگائي مھارِي بات ݾُڻو ھانَ اوج ڪوم ڪرو، جڪو مھارِي نظر ۾ ڀلا ھَي ھانَ ٿي مھارا حُڪم منو ھانَ مھارَي قانُون تي عمل ڪرو، تو ھُون ٿون تي او بيمارَي ڪونھي ميلون، جڪو مھَي مِصري قوم تي ميلئَي ھتَي، ڪيونڪہ ھُون پرميشوَر ٿونرو ايشوَر ھون، جڪو ٿونَي شفا ڏيئون ھون۔“
27 پَڇي اِسرائيلي قوم آݪا ايليم جگھا تي پُگا، جيٿ پوڻي رَي ٻارھَي ندَي ھانَ کجيون را ستر بَڻ ھتا۔ اوٿ نديون ڪڍي اُوئون آپرا تنٻُو لگايا۔