مِصر مُلڪ تي آٺوين آفت
10
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو فرعُون بادشاھ ڪڍي جا، ڪيونڪہ ھُون ھون، جڪَي اُوئي رو ھانَ اُوئي رَي وزيرون را من ڪاٺو ڪيئا ھَي ڪہ ھُون اُوئون ۾ آپرا اَي پرچا بتائُون۔ ‏2 مھَي اَي اِيئي رَي ڪري ڪيئو ڪہ تُو پَڇي آپرِي پيڙھِي نَي ݾُڻاوَي ڪہ مھَي مِصر مُلڪ رَي مِنکون ۾ ڪھڙا ڪھڙا پرچا بتايا ھانَ ڪھڙا ڪھڙا ڪوم ڪيئا ڪہ ٿونَي خبر پڙَي ڪہ ھُون پرميشوَر ھون۔“
‏3 پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون فرعُون بادشاھ ڪڍي جائي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر جڪَي نَي مھي عبراني قوم آݪا منون ھون، اُوئي ڪھيو ھَي ڪہ، ’تُو ڪترِي توڻي مھارَي آگھي جُھڪَي ڪونھي؟ ھمَي مھارَي مِنکون نَي جاوڻ ڏي، تو او جائي مھارِي ڀگتي ڪرَي۔ ‏4 جي تُو مھارَي مِنکون نَي جاوڻ ڪونھي ڏَي، تو تُو جوئي، ݾووارَي ھُون ٿارَي مُلڪ ۾ تيڏ ميلين۔ ‏5 او ݾجِي ڌرتي نَي اھڙِي ڍڪشَي ڪہ او ڏيکيجڻ ۾ ڀِي ڪونھي آوَي ھانَ جڪو پوک ھانَ بَڻ گَڙون ݾون بچا ھَي، او اُوئون ݾجون نَي کائي ڇوڙشَي۔ ‏6 او ٿارَي، ٿارَي وزيرون ھانَ ݾجَي مِصري قوم رَي گھرون ۾ ڀريجي جاشَي، ٿارَي ٻاپ ڏاڏون آپرِي ݾجِي حياتِي ۾ اِيئون ڪڏي ڀِي ڪونھي ڏيٺو ھوشَي۔‘“ پَڇي مُوسيٰ فرعُون بادشاھ ݾون بُوئو گيو۔
‏7 پَڇي فرعُون بادشاھ را نوڪر اُوئي نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”آپي اِيئي مِنک رَي ڪري ڪترِي توڻي مُصيبت ۾ ڦاٿوڙا ريشون؟ اِيئون مِنکون نَي جاوڻ ڏي، تو او پرميشوَر آپرَي ايشوَر رِي ڀگتي ڪرَي۔ ڪِي ٿنَي خبر ڪونھي ڪہ مِصر برباد ھويو رو؟“
‏8 اِيئي تي فرعُون بادشاھ مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي آپ ڪڍي ڀڙي اَڻايا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”جائو، پرميشوَر آپرَي ايشوَر رِي ڀگتي ڪرو۔ پڻ او ڪيا ڪيا ھَي جڪو جاشَي؟“ ‏9 مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”مھي آپرَي نوجوانون، ڏوڪرون، آپرَي ڏيڪرون ھانَ ڏيڪريون، رڍون ٻڪريون ھانَ آپرَي ڍگون، ڍگيون ݾُوڌا جاشون، ڪيونڪہ مھونَي آپرَي پرميشوَر رو پَرٻ ڪرڻو ھَي۔“ ‏10 پَڇي فرعُون بادشاھ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”بيشڪ، پرميشوَر ٿون ڀيڙو ھووَي، تو ڀِي ھُون ٿونَي ٿونرَي ٻاݪون ݾُوڌو جاوڻ ڪونھي ڏيئون، ڪيونڪہ مھنَي ٿونرِي نيت خراب لاگَي ھَي۔ ‏11 اِيئون ھوئي ڪونھي ݾگھتو۔ اِيئي رَي ڪري رُگو آڏمي جائي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرَي، ڪيونڪہ ٿونرِي ڀِي اَي مرضِي ھَي۔“ پَڇي فرعُون بادشاھ مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي آپ ݾون ٻاھر ڪڍائي ڇوڙيا۔
‏12 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”مِصر مُلڪ تي آپرو ھاٿ بڌا، تو مِصر مُلڪ ۾ تيڏ آوَي ھانَ ھر نمُونَي رِي پوک ھانَ بَڻ کائي ڇوڙَي، جڪو اِيئي مُلڪ ۾ گَڙون ݾون بچا ھَي۔“ ‏13 اِيئي تي مُوسيٰ مِصر مُلڪ تي آپرِي گيڏِي اُونچا ڪِي ھانَ پرميشوَر اُوگوڻَي ݾون جونک ميلِي، جڪو ݾجو ڏِن ھانَ ݾجِي رات بيتِي رئِي۔ جڏي ڏِن اُگو، تو اُوگوڻَي آݪِي جونک آپ ڀيڙِي تيڏ لي آئِي۔ ‏14 پُورَي مِصر مُلڪ ۾ تيڏ ئِي تيڏ ھتا۔ او تيڏ اِترا تو گھڻا ھتا ڪہ اِيئي ݾون پيل اھڙا تيڏ ڪڏي ڀِي ڪونھي آيا ھانَ نَڪو ڪڏي اِيئي ݾون پَڇي آوَي۔ ‏15 اُوئون تيڏون پُورَي مِصر مُلڪ رِي ڌرتي نَي اِيئون ڍڪي ڇوڙِي ڪہ پُورَي مُلڪ ۾ انڌارو ئِي انڌارو ھوئي گيو۔ تيڏون مُلڪ رِي ݾجِي پوک، بَڻ ھانَ ميوات کائي ڇوڙِي، جڪو گَڙون ݾون بچا ھتا ھانَ مِصر مُلڪ ۾ ݾجِي ڌرتي تي بَڻون ھانَ بَڻيون تي ڪو ڀِي ݾاوڪ ڪونھي رئِي۔
‏16 پَڇي فرعُون بادشاھ ڇيڪائِي ڪري مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ھُون پرميشوَر ٿونرَي ايشوَر رو ھانَ ٿونرو ڏوھي ھون۔ ‏17 اِيئي رَي ڪري رُگو ٿي مھنَي اِيئي گُھمرَي معاف ڪرو ھانَ پرميشوَر آپرَي ايشوَر نَي مِنٿ ڪرو ڪہ ھمَي او مھَي ݾون اَي مُصيبت ٽاݪي ڇوڙَي۔“ ‏18 پَڇي مُوسيٰ فرعُون بادشاھ ݾون بُوئو گيو ھانَ پرميشوَر نَي مِنٿ ڪِي۔ ‏19 پَڇي پرميشوَر آٿوڻَي ݾون جونک ميلِي جڪَي تيڏ اُڏائي قُلزم ݾمُوندر ۾ نوکيا ھانَ مِصر مُلڪ ۾ ھيڪ ڀِي تيڏ ڪونھي رھيو۔ ‏20 پرميشوَر فرعُون بادشاھ رَي من نَي ڪاٺو ڪيئو ھانَ اُوئي اِسرائيلي مِنکون نَي جاوڻ ڪونھي ڏينا۔
مِصر مُلڪ تي نوين آفت، گھور انڌارو
‏21 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ھاٿ آڪاش ڏيݾا ڪر، تو پُورَي مِصر مُلڪ ۾ انڌارو ھوئي جاوَي، اھڙو گھور انڌارو جڪَي ݾون ڪئين نظر نِي آوَي۔“ ‏22 اِيئي تي مُوسيٰ آپرو ھاٿ آڪاش ڏيݾا ڪيئو ھانَ تينون ڏِنون توڻي پُورَي مِصر مُلڪ ۾ گھور انڌارو رھيو۔ ‏23 تينون ڏِنون توڻي ڪَي ڀِي ھيڪَي ٻيجَي نَي ڏيٺو ڪونھي ھانَ نَڪو ڪيئا جائي ݾگھيا، پڻ جيٿ اِسرائيلي ريتا، اوٿ اُجاݪو ھتو۔
‏24 پَڇي فرعُون بادشاھ مُوسيٰ نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي ٻاݪون ٻچون ݾُوڌا جائي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرو، رُگو آپرَي رڍون ٻڪرَي ھانَ ڍگَي ڍگا ايٿ ڇوڙي جائو۔“ ‏25 مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”مھونَي ٻَليدون ھانَ ٻاݪڻ آݪَي ٻَليدون رَي ݾارُو جِنار ضرُور لي جاوڻا پڙشَي ڪہ مھي پرميشوَر آپرَي ايشوَر آگھي ٻَليدون ڪرون۔ ‏26 اِيئي رَي ڪري مھي آپرو مال ڀِي آپ ڀيڙو لي جاشون ھانَ اُوئون رو ھيڪ ڀِي کُر لاري ڪونھي ڇوڙون، ڪيونڪہ مھونَي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رِي ڀگتي رَي ݾارُو اُوئون ۾ جِنار ليوَڻا پڙشَي۔ جترِي توڻي مھي اوٿ نِي پُگون، اُترِي توڻي مھونَي خبر ڪونھي ڪہ مھونَي ڪِي ڪِي لي پرميشوَر رِي ڀگتي ڪرڻِي ھَي۔“
‏27 پڻ پرميشوَر فرعُون بادشاھ رو من ڪاٺو ڪيئو ھانَ اُوئي اِسرائيليون نَي جاوڻ ڪونھي ڏينا۔ ‏28 پَڇي فرعُون بادشاھ مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي نظرون ݾون ٽَݪي جا ھانَ خبردار، ڀڙي مھنَي آپرو مونڏو ڪڏي ڀِي نِي بتائي، ڪيونڪہ جي تُو مھارَي ݾومھو آيو، تو تُو ماريو جائِي۔“
‏29 اِيئي تي مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”تُو صحيح ڪَي ھَي، تُو آج ݾون پَڇي مھارو مونڏو ڪڏي ڀِي ڪونھي ڏيکَي۔“