مِصر مُلڪ تي ٻيجِي آفت
8
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”فرعُون بادشاھ ڪڍي جائي اُوئي نَي ڪَي ڪہ، ’پرميشوَر اِيئون ڪَي ھَي ڪہ مھارا مِنک جاوڻ ڏي، تو او جائي مھارِي ڀگتي ڪرَي۔ ‏2 جي تُو اُوئون نَي جاوڻ ڪونھي ڏَي، تو پَڇي تُو جوئي، تو ھُون ٿارَي ݾجَي مُلڪ نَي ڏيڏرون ݾون ڀري ڇوڙين۔ ‏3 پَڇي اِيئون ھوشَي ڪہ دريا ڏيڏرون ݾون اِترو تو ڀريجشَي ڪہ ڏيڏر دريا ݾون نڪري ٿارَي گھر ۾، ٿارَي پلنگ تي، ٿارَي وزيرون رَي گھرون ۾، ٿارَي مِنکون تي، ٿارَي تندُورون ھانَ آٽو گوئڻ آݪَي ٺيڪرون ۾ ڏيڏر ئِي ڏيڏر ھوئي جاشَي۔ ‏4 ڏيڏر ٿَي تي، ٿارَي مِنکون ھانَ ٿارَي وزيرون تي چڙھي جاشَي۔‘“
‏5 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھارُون نَي ڪَي ڪہ او آپرِي گيڏِي ھاٿ ۾ لَي ھانَ دريائون، واٽرون ھانَ ڊنڍون ڏيݾا ڪرَي، تو ڏيڏر پوڻي ݾون نڪري ݾجَي مُلڪ مِصر مُلڪ ۾ بِکري جاوَي۔“ ‏6 پَڇي ھارُون آپرِي گيڏِي ھاٿ ۾ لي مِصر مُلڪ رَي پوڻي ڏيݾا ڪِي، تو ڏيڏر پوڻي ݾون نڪري ݾجَي مِصر مُلڪ ۾ بِکري گيا۔ ‏7 اِيئي تي مِصر مُلڪ رَي جادُوگرون ڀِي آپرَي جادُو ݾون اِيئوج ڪيئو ھانَ مِصر مُلڪ ۾ ڏيڏر بِکري گيا۔
‏8 پَڇي فرعُون بادشاھ، مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي پرميشوَر نَي مِنٿ ڪرو ڪہ او اِيئون ڏيڏرون ݾون مھارِي ھانَ مھارَي مِنکون رِي جان ڇوڙاوَي، تو پَڇي ھُون اِيئون مِنکون نَي جاوڻ ڏئين ڪہ او جائي آپرَي پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرَي۔“ ‏9 مُوسيٰ فرعُون بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿارِي ڪھڙِي مرضِي ھَي ڪہ اَي ڪڏي ھووَي۔ پَڇي تُو جون ڪئِي، او ھُون خُوشِي ݾون ڪرين۔ ھُون ٿارَي ݾارُو، ٿارَي وزيرون ھانَ ٿارَي مِنکون رَي ݾارُو پرميشوَر نَي مِنٿ ڪرين ڪہ ڏيڏر ٿَي ݾون ھانَ ٿونرَي گھرون ݾون ختم ھوئي جاوَي ھانَ او رُگو دريا ۾ رَي۔“ ‏10 پَڇي فرعُون بادشاھ ڪھيو ڪہ، ”ݾووارَي اِيئوج ڪري۔“ تو مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”جون ٿَي ڪھيو ھَي، ھُون اِيئوج ڪرين ڪہ ٿنَي خبر پڙَي ڪہ پرميشوَر مھورَي ايشوَر جھڙو ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھَي۔ ‏11 ٿَي ݾون، ٿارَي گھرون ݾون، ٿارَي وزيرون ݾون ھانَ ٿارَي مِنکون ݾون ڏيڏر ختم ھوئي جاشَي، او رُگو دريا ۾ ريشَي۔“
‏12 پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون فرعُون بادشاھ ݾون بُوئا گيا۔ مُوسيٰ پرميشوَر نَي مِنٿ ڪِي ڪہ او ڏيڏر جڪو فرعُون بادشاھ تي ميليوڙا ھَي، او ختم ڪرَي۔ ‏13 پرميشوَر مُوسيٰ رِي مِنٿ ݾُڻِي۔ اِيئي تي جڪو ڏيڏر مِنکون رَي گھرون ۾، بِرونڊون ۾ ھانَ جڪو ٻنِي ۾ ھتا، او ݾجائِي مري گيا۔ ‏14 پَڇي مِنکون مُوئوڙا ڏيڏر ڀيڙا ڪري اُوئون رو ڍِگ ڪيئو، تو اُوئون رَي ڪري ݾجَي مُلڪ ۾ ڌپ آوڻ لاگِي۔ ‏15 پڻ جڏي فرعُون بادشاھ ڏيٺو ڪہ ڏيڏرون ݾون بچي گيا ھون، تو جون پرميشوَر ڪھيو ھتو، فرعُون بادشاھ آپرو من ڪاٺو ڪيئو ھانَ اُوئي مُوسيٰ ھانَ ھارُون رِي بات ڪونھي منِي۔
مِصر مُلڪ تي تيجِي آفت
‏16 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھارُون نَي ڪَي ڪہ، ’آپرِي گيڏِي زمين تي ھڻَي، تو مِصر مُلڪ رِي ݾجِي مٽِي ماڇر ھوئي جاوَي۔‘“ ‏17 اُوئون اِيئوج ڪيئو۔ پَڇي ھارُون آپرِي گيڏِي زمين تي ھڻِي، تو مِصر مُلڪ رِي ݾجِي مٽِي ماڇر ھوئي گئِي ھانَ ماڇرون ݾجَي اِنسونون ھانَ جِنارون تي حملو ڪيئو۔ ‏18 مِصر مُلڪ رَي جادُوگرون ڪوشش ڪِي ڪہ او آپرَي جادُو ݾون ماڇر ٺاوَي، پڻ او اِيئون ڪري ڪونھي ݾگھيا، ماڇر اِنسونون ھانَ جِنارون تي حملو ڪرتا رھيا۔ ‏19 اِيئي تي جادُوگرون فرعُون بادشاھ نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڪوم ايشوَر رِي قُدرت ݾون ھويو ھَي۔“ پڻ جون پرميشوَر ڪھيو ھتو، فرعُون رو من ڪاٺو ھويو ھانَ اُوئي اُوئون رِي بات ڪونھي منِي۔
مِصر مُلڪ تي چوٿِي آفت
‏20 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”فرعُون بادشاھ ݾاڪݪي تارھي دريا ڏيݾا جاشَي، اِيئي رَي ڪري تُو ݾاڪݪي تارھي اُوئي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو دريا رَي ڪپ تي جائي اُڀي۔ تُو اُوئي نَي ڪئي ڪہ، ’پرميشوَر اِيئون ڪَي ھَي ڪہ، ”مھارا مِنک جاوڻ ڏي، تو او جائي مھارِي ڀگتي ڪرَي۔ ‏21 جي تُو اُوئون نَي جاوڻ ڪونھي ڏَي، تو تُو جوئي، ھُون ٿَي تي، ٿارَي وزيرون تي، ٿارَي مِنکون تي ھانَ ٿارَي گھرون ۾ ماکيون را ڌڻ ميلين ھانَ مِصري قوم رَي گھرون ھانَ ݾجِي زمين تي جيٿ جيٿ او رَي ھَي، ماکيون رَي ڌڻ ݾون ڀريجي جاشَي۔ ‏22 اُوئي ڏِن ھُون جشن رَي علائقَي نَي جڪَي ۾ مھارا مِنک رَي ھَي ڌار ڪرين، مھارَي مِنکون ۾ ماکيون را ڌڻ ڪونھي ھووَي، تو پَڇي ٿنَي خبر پڙشَي ڪہ ھُون پرميشوَر ھون، جڪو ݾجِي دُنيا رو مالڪ ھون۔ ‏23 ھُون آپرَي مِنکون ھانَ ٿارَي مِنکون ۾ فرق ڪرين ھانَ ݾووارَي اَي نِشون ڏيکجشَي۔“‘“ ‏24 پرميشوَر اِيئوج ڪيئو ھانَ فرعُون بادشاھ رو گھر، اُوئي رَي وزيرون را گھر ھانَ ݾجَي مِصر مُلڪ ۾ ماکَي ماکَي ھوئي گئَي۔ اِيئون ماکيون رَي ڪري مُلڪ رو ھال خراب ھوئي گيو۔
‏25 پَڇي فرعُون بادشاھ مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي جائو، جائي آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو اِيئج مُلڪ ۾ ٻَليدون ڪرو۔“ ‏26 مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”اِيئون ڪرڻ ݾُٺو ڪونھي، ڪيونڪہ مھي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو جِنارون رو ٻَليدون ڪرشون، جڪَي ݾون مِصري قوم آݪا نفرت ڪرَي ھَي۔ ھمَي جي مھي مِصري مِنکون رَي اونکيون آگھي ٻَليدون ڪرشون، تو ڪِي او مھونَي پٿر ھڻي ٺُپ مارَي ڪونھي؟ ‏27 اِيئي رَي ڪري ضرُوري ھَي ڪہ مھي رڻ پَٽ ۾ تين ڏِن رو پينڏو ڪري پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو جون اُوئي مھونَي حُڪم ڏينو ھَي، ٻَليدون ڪرون۔“ ‏28 پَڇي فرعُون بادشاھ ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي جاوڻ ڏئين ڪہ ٿي جائي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو رڻ پَٽ ۾ ٻَليدون ڪرو، پڻ ٿي اݪگا نِي جايا ھانَ مھارَي ݾارُو پراٿنا ڪريا۔“ ‏29 مُوسيٰ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، ھُون ٿَي ݾون ٻاھر جاوتِي ئِي پرميشوَر نَي مِنٿ ڪرين ڪہ او ماکيون نَي ٿَي ݾون، ٿارَي وزيرون ھانَ ٿارَي مِنکون ݾون ݾووارَي اݪگَي ڪرَي۔ پڻ تُو مھونَي ڀڙي دوکو نِي ڏئي، پڻ مھونَي جاوڻ رِي موڪل ڏئي ڪہ مھي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرون۔“
‏30 پَڇي مُوسيٰ فرعُون بادشاھ ݾون ھوئي پرميشوَر نَي مِنٿ ڪِي۔ ‏31 پرميشوَر مُوسيٰ رِي مِنٿ ݾُڻِي ھانَ ماکيون را ڌڻ فرعُون بادشاھ ݾون، اُوئي رَي وزيرون ھانَ اُوئي رَي مِنکون ݾون اݪگا ڪيئا، اترِي توڻي ڪہ ھيڪ ڀِي ماکِي ڪونھي رئِي۔ ‏32 پڻ فرعُون بادشاھ ڀڙي آپرو من ڪاٺو ڪيئو ھانَ اُوئون مِنکون نَي جاوڻ ڪونھي ڏينا۔