مُوسيٰ ھانَ ھارُون فرعُون آگھي
7
پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، مھَي ٿنَي فرعُون بادشاھ رَي ݾارُو ايشوَر آݪِي ڪار ٺاھيو ھَي ھانَ ٿارو ڀائي ھارُون ٿنَي نياپو ڏيوَڻ آݪو ھوشَي۔ 2 ھُون ٿنَي جڪو ڀِي حُڪم ڏئين، تُو او آپرَي ڀائي ھارُون نَي ݾُڻائي۔ جڏي ٿي فرعُون بادشاھ ڪڍي جائو، تو ھارُون اُوئي نَي ڪَي ڪہ، ’تُو اِسرائيلي قوم نَي آپرَي مُلڪ ݾون جاوڻ ڏي۔‘ 3 ھُون فرعُون بادشاھ رو من ڪاٺو ڪرين ھانَ ھُون مِصر مُلڪ ۾ تموم گھڻا نِشون ھانَ پرچا بتائين۔ 4 تو ڀِي فرعُون بادشاھ ٿونرِي بات ڪونھي منَي۔ پَڇي ھُون مِصر مُلڪ رَي مِنکون نَي آپرِي موٽِي قُدرت ݾون سزا ڏي آپرِي اِسرائيلي قوم نَي اُوئون رَي خاندان ݾُوڌا مِصر مُلڪ ݾون ٻاھر ڪاڍي لي آئين۔ 5 جڏي ھُون مِصر مُلڪ ۾ آپرِي قُدرت بتائين ھانَ اِسرائيلي قوم نَي اوٿ ݾون ڪاڍي لي آئين، تو پَڇي مِصري قوم نَي خبر پڙشَي ڪہ ھُون پرميشوَر ھون۔“ 6 پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئون نَي حُڪم ڏينو ھتو۔ 7 جڏي او فرعُون بادشاھ ݾون مِليا ھانَ بات ڪِي، تو اُوئي ٽيم مُوسيٰ رِي عُمر اسِي ݾال ھانَ ھارُون رِي عُمر ٽياسِي ݾال ھتِي۔8 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي ڪھيو ڪہ، 9 ”جڏي فرعُون بادشاھ ٿونَي پرچو بتاوڻ رو ڪَي، تو تُو ھارُون نَي ڪئي ڪہ آپرِي گيڏِي، فرعُون بادشاھ آگھي نوکَي، تو او ناگ ھوئي جاشَي۔“
10 تو مُوسيٰ ھانَ ھارُون اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئون نَي حُڪم ڏينو ھتو۔ پَڇي او فرعُون بادشاھ ڪڍي گيا ھانَ ھارُون آپرِي گيڏِي فرعُون بادشاھ ھانَ اُوئي رَي وزيرون آگھي نوکِي، تو او ناگ ھوئي گئِي۔ 11 اِيئي تي فرعُون بادشاھ آپرَي ڏاھون ھانَ جادُوگرون نَي اَڻايا۔ مِصر مُلڪ رَي جادُوگرون ڀِي آپرَي جادُو ݾون اِيئوج ڪيئو۔ 12 اُوئون ڀِي آپرَي آپرَي گيڏَي نيچَي نوکيئَي، تو او ڀِي ناگ ھوئي گئَي۔ پَڇي اِيئون ھويو ڪہ ھارُون رِي گيڏِي جڪو ناگ ھوئِي ھتِي، اُوئي ݾجَي ناگون نَي کائي گئِي۔ 13 پَڇي جون پرميشوَر ڪھيو ھتو، اُوئيج نمُونَي فرعُون بادشاھ رو من ڪاٺو ھويو ھانَ اُوئي مُوسيٰ ھانَ ھارُون رِي بات ڪونھي منِي۔
مِصر مُلڪ تي پيلڪِي آفت
14 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”فرعُون بادشاھ رو من ڪاٺو ھويو رو ھانَ او مِنکون نَي جاوڻ ڪونھي ڏيتو۔ 15 ݾاڪݪي تارھي فرعُون بادشاھ دريا ڏيݾا جاشَي ھانَ تُو اُوئي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو دريا رَي ڪپ تي اُڀو رئي ھانَ جڪو گيڏِي ناگ ھوئِي ھتِي، تُو او آپ ڀيڙِي لي جائي۔ 16 تُو اُوئي نَي ڪئي ڪہ، ’پرميشوَر جڪَي نَي مھي عبراني قوم آݪا آپرو ايشوَر منون ھون۔‘ اُوئي مھنَي ٿَي ڪڍي اَي بات ڪرڻ رَي ݾارُو ميليو ھَي ڪہ، ’مھارا مِنک جاوڻ ڏي، تو او جائي رڻ پَٽ ۾ مھارِي ڀگتي ڪرَي، پڻ ٿَي اَڃون توڻي مھارِي بات ڪونھي منِي۔ 17 ھمَي ٿنَي خبر پڙشَي ڪہ ھُون پرميشوَر ھون۔‘ تُو بادشاھ نَي اَي ڀِي ڪئي ڪہ، ’ھُون آپرِي گيڏِي دريا ۾ ھڻين، تو دريا رو پوڻي لوئِي ھوئي جاشَي 18 ھانَ اُوئي دريا رَي ݾجَي مڇَي مري جاشَي۔ دريا ݾون ڌپ آشَي ھانَ مِصري قوم نَي دريا رو پوڻي پيئڻ ݾون نفرت آشَي۔‘“
19 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ھارُون نَي ڪَي ڪہ، ’آپرِي گيڏِي ھاٿ ۾ لَي ھانَ مِصر مُلڪ رَي دريائون، واٽرون، ݾاکون ھانَ ڊنڍون ڏيݾا ڪرَي، تو اُوئون رو ݾجو پوڻي لوئِي ھوئي جاوَي ھانَ ݾجَي مِصر مُلڪ رَي پٿرون ھانَ لڪڙِي رَي ٺيڪرون ۾ ڀِي پوڻي لوئِي ھوئي جاوَي۔‘“
20 پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئون نَي حُڪم ڏينو ھتو۔ اُوئي گيڏِي نَي فرعُون بادشاھ ھانَ اُوئي رَي وزيرون آگھي دريا رَي پوڻي ۾ ھڻِي ھانَ دريا رو ݾجو پوڻي لوئِي ھوئي گيو۔ 21 دريا رَي ݾجَي مڇَي مري گئَي ھانَ دريا ݾون ڌپ آوڻ لاگِي، مِصري قوم را مِنک دريا رو پوڻي پيئي ڪونھي ݾگھيا ھانَ مِصر مُلڪ رو ݾجو پوڻي لوئِي لوئِي ھوئي گيو۔ 22 اِيئي تي مِصر مُلڪ رَي جادُوگرون ڀِي آپرَي جادُو ݾون اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر ڪھيو ھتو، فرعُون رو من ڪاٺو ھويو ھانَ اُوئي اُوئون رِي بات ڪونھي منِي۔ 23 فرعُون بادشاھ رَي من تي ڪو ڀِي اَثر ڪونھي ھويو ھانَ او پاڇو آپرَي گھري گيو۔ 24 پَڇي مِصري قوم رَي مِنکون دريا رَي آݾَي پاݾَي پيئڻ رَي پوڻي رَي ݾارُو کُوھ کوتريا، ڪيونڪہ او دريا رو پوڻي پيئي ڪونھي ݾگھتا۔
25 جڏي پرميشوَر دريا رو پوڻي لوئِي ڪيئو ھتو، تو اِيئي بات نَي ݾات ڏِن ھويا ھتا۔