مُوسيٰ ھانَ ھارُون رو فرعُون ڪڍي جاوڻ
5
اِيئي ݾون پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون مِصر مُلڪ رَي بادشاھ فرعُون ڪڍي جائي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر اِسرائيلي قوم رَي ايشوَر ٿنَي ڪھيو ھَي ڪہ، ’مھارِي قوم نَي جاوڻ ڏي، تو او رڻ پَٽ ۾ جائي مھارَي ݾارُو پَرٻ ڪرَي۔‘“ 2 فرعُون بادشاھ ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر ڪُڻ ھَي، جڪَي رِي ھُون بات منون ھانَ اِسرائيلي قوم نَي جاوڻ ڏيئون؟ ھُون پرميشوَر نَي ڪونھي اوݪکتو ھانَ نَڪو ھُون اِسرائيلي قوم نَي جاوڻ ڏيئون۔“ 3 اِيئي تي اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھورَي ايشوَر مھونَي درشن ڏينو ھَي، اِيئي رَي ڪري تُو مھربونِي ڪري مھونَي جاوڻ ڏي ڪہ مھي رڻ پَٽ ۾ تين ڏِن رو پينڏو ڪري پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرون۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او مھون تي وبا ميلَي، جون مھونَي تلوار ݾون مرائي ڇوڙَي۔“ 4 پَڇي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي اِيئون مِنکون نَي آپرَي ڪوم ݾون کوٽِي ڪيئون ڪرو ھو؟ جائو، آپرو آپرو ڪوم ڪرو۔ 5 جوئو، ٿونرِي اِسرائيلي قوم آݪا اِيئي مُلڪ ۾ تموم گھڻا ھويا ھَي ھانَ ٿي اِيئون نَي ڪوم ڪرڻ ݾون پالو ھو۔“6 اُوئيج ڏِن فرعُون بادشاھ آپرِي مِصري قوم رَي ونگار ليوَڻ آݪون ھانَ اِسرائيلي قوم رَي ڪمدارون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، 7 ”آج ݾون ٿي اِسرائيليون نَي پيل آݪِي ڪار اِيٽون ٺاوڻ رَي ݾارُو بوھ نِي ڏيا۔ او آپ جاوَي ھانَ ڪيٿ ݾون ڀِي آپرَي ݾارُو بوھ ڀيڙِي ڪري لي آوَي۔ 8 پڻ اُوئون ݾون اترَي اِيٽون ٺڙايا، جترَي او پيل ٺاوتا، ھيڪ ڀِي اِينٽ گھٽ نِي ھووَي۔ او سُست ھويا را، اِيئي رَي ڪري او رڙَي ڪرَي ھَي ڪہ، ’مھونَي جاوڻ ڏي، تو مھي جائي آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرون۔‘ 9 اِيئي رَي ڪري اِيئون ݾون وڌيڪ ڏُکيو ڪوم ڪرائو، تو اَي ووندا نِي ٻيݾَي ھانَ بيڪار باتون تي ڌھيون نِي لگاوَي۔“
10 پَڇي مِصري قوم رَي ونگار ليوَڻ آݪون ھانَ ڪمدارون جائي اِسرائيليون نَي ڪھيو ڪہ، ”بادشاھ رو حُڪم ھَي ڪہ آج ݾون پَڇي ٿونَي اِيٽون ٺاوڻ رَي ݾارُو ڪو ڀِي بوھ ڪونھي ملَي۔ 11 اِيئي رَي ڪري ٿي آپ جائو ھانَ جيٿ ڀِي ٿونَي بوھ ملَي، اوٿ ݾون لي آئو، پڻ ٿونرو پيلڪو ڪوم گھٽ نِي ھووَي۔“ 12 اِيئي تي اِسرائيلي قوم را ݾجائِي مِنک مِصر مُلڪ ۾ بوھ رِي جگھا تي پلال ڀيڙِي ڪرڻ رَي ݾارُو اِيئا اُوئا گيا۔ 13 مِصري قوم را ونگار ليوَڻ آݪا اِسرائيلي قوم ݾون زورِي ڪوم ڪراوتا ھانَ اُوئون نَي ڪيتا ڪہ، ”ٿي آپرو ڪوم اِيئوج پُورو ڪرو، جون بوھ رَي ٽيم ڪرتا۔“ 14 پَڇي فرعُون بادشاھ را ونگار ليوَڻ آݪا اِسرائيلي قوم رَي ڪمدارون نَي جڪو آپرَي مِنکون تي راکيوڙا ھتا، ماري ڪُوٽي اُوئون نَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ٿون آج ھانَ ڪالھي اترَي اِيٽون ڪيئون ڪونھي ٺڙائَي جترَي پيل ٺاوتا؟“
15 پَڇي اِسرائيلي قوم رَي ڪمدارون بادشاھ ڪڍي جائي دانھن ڏينِي ڪہ، ”بادشاھ سلامت، مھون ݾون اِيئون ڪيئون ھووَي پڙيو؟ 16 مھونَي بوھ ڀِي ڪونھي ڏيتا ھانَ مھونَي مارا ڪُوٽو ڪري ڪَي پڙيا ڪہ، ’اُترَي اِيٽون ٺائو، جترَي پيل ٺاوتا۔‘ اِيئي ۾ مھورو نا، پڻ ٿارَي مِنکون رو ڏوھ ھَي۔“ 17 فرعُون بادشاھ ڪھيو ڪہ، ”ٿي ݾجائِي سُست ھو۔ اِيئي رَي ڪري ٿي ڪو ھو ڪہ، ’مھونَي جاوڻ ڏي، تو مھي جائي آپرَي پرميشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرون۔‘ 18 ھمَي ٿي جائو ھانَ آپرو آپرو ڪوم ڪرو۔ ٿونَي بوھ ڪونھي ملَي ھانَ اِيٽون اُترَي ٺاوڻَي پڙشَي، جترَي پيل ٺاوتا۔“ 19 جڏي اِسرائيلي قوم رَي ڪمدارون ڏيٺو ڪہ فرعُون بادشاھ ڀِي اَي بات ڪِي ھَي ڪہ، ”اِيٽون اُترَي ٺاوڻَي پڙشَي، جترَي پيل ٺاوتا۔“ تو او ݾمجھا ڪہ مھي ھمَي تموم گھڻِي مُصيبت ۾ ڦاٿا ھون۔
20 پَڇي جڏي او فرعُون بادشاھ ݾون پاڇا آوتا پڙيا، تو مارگ ۾ اُوئون رَي ݾارُو مُوسيٰ ھانَ ھارُون اِنتظار ۾ ھتا۔ 21 اِيئي تي اِسرائيلي ڪمدارون مُوسيٰ ھانَ ھارُون نَي ريݾ ۾ ڪھيو ڪہ، ”پرميشوَر ڏيٺو ھَي ڪہ ٿون مھون ݾون ڪِي ڪيئو ھَي ھانَ اوج ٿونَي سزا ڏيشَي، ڪيونڪہ ٿونرَي ڪري فرعُون بادشاھ ھانَ اُوئي را نوڪر مھون ݾون نفرت ڪرَي ھَي ھانَ اِيئون لاگَي ھَي ڪہ ٿون اُوئون رَي ھاٿون ۾ تلوار ڏينِي ھَي ڪہ او مھونَي مارَي۔“
22 پَڇي مُوسيٰ اوٿ ݾون بُوئو گيو ھانَ پرميشوَر ݾون پراٿنا ڪِي ڪہ، ”اي پرميشوَر، ٿَي اِيئون مِنکون نَي ڪيئو ڏُک ڏينو ھانَ مھنَي ڪيئون ميليو؟ 23 ڪيونڪہ جڏي ݾون ھُون فرعُون بادشاھ ڪڍي ٿارَي نون ݾون باتون ڪرڻ گيو، تو اُوئي اِسرائيلي قوم تي تموم گھڻو ظُلم ڪيئو، پڻ ٿَي آپرَي مِنکون نَي بچاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي ڪيئو۔“