مُوسيٰ نَي پرچون رو اِختيار ڏيوَڻ
4
جڏي مُوسيٰ پرميشوَر رَي باتون ݾُڻئَي، تو ڪھيو ڪہ، ”جي او مھارو ڀروسو نِي ڪرَي ھانَ مھارِي بات نِي ݾُڻَي ھانَ ڪَي ڪہ، ’پرميشوَر ٿنَي درشن ڪونھي ڏينو۔‘ تو پَڇي ھُون ڪِي ڪرون؟“ 2 اِيئي تي پرميشوَر مُوسيٰ ݾون پُوڇو ڪہ، ”اَي ٿارَي ھاٿ ۾ ڪِي ھَي؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”گيڏِي۔“ 3 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي نَي زمين تي اُڇلا۔“ اُوئي گيڏِي نَي زمين تي اُڇلائِي، تو او ناگ ھوئي گئِي۔ اَي جوئي مُوسيٰ ٻيئاجو ھانَ ناٺو۔ 4 اِيئي تي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ھاٿ آگھي بڌا ھانَ اُوئي نَي پُوڇ ݾون جھال۔“ جڏي اُوئي آپرو ھاٿ آگھي ڪري ناگ نَي پُوڇ ݾون جھاليو، تو او ڀڙي اُوئي رَي ھاٿ ۾ گيڏِي ھوئي گيو۔ 5 پَڇي پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي اِيئي رَي ڪري ھَي ڪہ او ڀروسو ڪرَي ڪہ پرميشوَر يعني اُوئون رَي ٻاپ ڏاڏَي، اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رَي ايشوَر ٿنَي درشن ڏينو ھَي۔ 6 ھمَي تُو آپرو ھاٿ آپرَي سينَي تي راکي ڍڪ۔“ اُوئي آپرو ھاٿ آپرَي سينَي تي راکي ڍڪيو ھانَ جڏي اُوئي ھاٿ ٻاھر ڪاڍيو، تو اُوئي رو ھاٿ ڪوڙھ ݾون برف جھڙو آڇو ھتو۔ 7 پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”تُو ڀڙي آپرو ھاٿ سينَي تي راکي ڍڪ۔“ اُوئي آپرو ھاٿ ڀڙي سينَي تي راکي ڍڪيو۔ جڏي اُوئي آپرو ھاٿ ٻاھر ڪاڍيو، تو او ݾاگي جھڙو صحيح ھويو۔ 8 پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”جي او ٿارو ڀروسو نِي ڪرَي ھانَ او پيلڪو پرچو نِي منَي، تو او ٻيجَي پرچَي رَي ڪري ڀروسو ڪرشَي۔ 9 جي او اِيئون ٻيئون پرچون رو ڀروسو نِي ڪرَي ھانَ ٿارِي نِي منَي، تو تُو نيل دريا رو پوڻي لي ݾُوڪِي زمين تي ڍوڙي، تو دريا رو پوڻي ݾُوڪِي زمين تي لوئِي لوئِي ھوئي جاشَي۔“ 10 پَڇي مُوسيٰ پرميشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”اي ايشوَر، ھُون ٿارو ٻونھون ݾُٺَي نمُونَي ٻولي ڀِي ڪونھي ݾگھتو۔ نَڪو ھُون پيل ٻولتو ھانَ نَڪو ھمَي ٻولي ݾگھتو۔ ھُون ٿَي ݾون ٻولون پڙيو، تو ٻاتائي ٻولون پڙيو۔“ 11 اِيئي تي پرميشوَر اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مِنک رو مونڏو ڪَي ٺاھيو ھَي؟ ڪُڻ گُونگو، ٻوڙو، اونڌو جون ݾاجو ڪرَي ھَي؟ ڪِي ھُون جڪو پرميشوَر ھون، اَي ݾجو ڪئين ڪونھي ڪرتو؟ 12 اِيئي رَي ڪري ھمَي تُو جا۔ ھُون ٿارِي زِبون رو ذمو ليئون ھون ھانَ ٿنَي ݾيکاوتو رئين ڪہ ٿنَي ڪِي ڪِي ٻولڻو ھَي۔“ 13 اِيئي تي مُوسيٰ ڪھيو ڪہ، ”اي ايشوَر ھُون ٿنَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو اوٿ ڪَي ٻيجَي نَي ميل۔“ 14 پَڇي پرميشوَر نَي مُوسيٰ تي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”لاوِي قبيلَي ݾون ھارُون جڪو ٿارو ڀائي ھَي، مھنَي خبر ھَي ڪہ او ݾُٺَي نمُونَي ٻولي ݾگھَي ھَي ھانَ او ٿَي ݾون مِلڻ آوَي پڙيو، او ٿنَي ڏيکي تموم گھڻو خُوش ھوشَي۔ 15 اِيئي رَي ڪري تُو اُوئي نَي ݾجو ڪئين ݾُڻائي ھانَ اَي ݾجَي باتون اُوئي نَي ݾيکائي، ھُون ٿارو ھانَ ٿارَي ڀائي رَي زِبون رو ذمو ليئون ھون۔ ھُون ٿونَي ݾيکاوتو رئين ڪہ ٿونَي ڪِي ڪِي ڪرڻو ھَي۔ 16 ٿارو ڀائي ھارُون ٿارَي طرفون مِنکون ݾون باتون ڪرشَي ھانَ او ٿارِي زِبون ھوشَي ھانَ تُو اُوئي رَي ݾارُو ايشوَر آݪِي ڪار ھوئِي۔ 17 تُو اَي گيڏِي آپرَي ھاٿ ۾ لي جا ھانَ اِيئي ݾون پرچا بتائي۔“مُوسيٰ رو مِصر مُلڪ ۾ پاڇو جاوڻ
18 پَڇي مُوسيٰ آپرَي ݾُݾرَي يِترو ڪڍي پاڇو گيو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھربونِي ڪري مھنَي موڪل ڏي، تو ھُون پاڇو آپرَي ڀايون ڪڍي جائُون، جڪو مِصر مُلڪ ۾ رَي ھَي۔ اوٿ جائي جوئُون ڪہ او اَڃون توڻي جيتا ھَي، جون نا۔“ يِترو، مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ڀلي بات ھَي تُو خيريت ݾون جا۔“
19 پَڇي پرميشوَر مديان مُلڪ ۾ مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھمَي تُو مِصر مُلڪ ڏيݾا پاڇو جا، ڪيونڪہ او جڪو ٿنَي مارڻ رَي ݾارُو ڪرتا، او ݾجائِي مُوئا را۔“ 20 اِيئي تي مُوسيٰ آپرِي لُگائِي ھانَ آپرَي ڏيڪرون نَي گڏَي تي ٻيݾاڙيا ھانَ مِصر مُلڪ ڏيݾا بَئير ھويو ھانَ اُوئي ايشوَر رِي گيڏِي آپرَي ھاٿ ۾ لِي۔
21 پَڇي پرميشوَر مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، جڏي تُو مِصر مُلڪ ۾ پُگَي، تو جڪو پرچا بتاوڻ رو اِختيار مھَي ٿنَي ڏينو ھَي، او ݾجائِي پرچا فرعُون بادشاھ نَي بتائي۔ ھُون فرعُون رو من ڪاٺو ڪرين ھانَ او اِسرائيلي قوم نَي جاوڻ ڪونھي ڏَي۔ 22 تُو فرعُون نَي ڪئي ڪہ، ’پرميشوَر اِيئون ڪھيو ھَي ڪہ اِسرائيلي قوم مھارَي موڀِي ڏيڪرَي آݪِي ڪار ھَي، 23 ھُون ٿنَي ڪونھ ھون ڪہ تُو مھارَي ڏيڪرَي نَي جاوڻ ڏي، تو او جائي مھارِي ڀگتي ڪرَي۔ ٿَي اَڃون توڻي اُوئي نَي جاوڻ ڪونھي ڏينو۔ اِيئي رَي ڪري جو، ھُون ٿارو موڀِي ڏيڪرو ماري ڇوڙين۔‘“
24 مُوسيٰ مِصر مُلڪ ڏيݾا جاوتي بِݪا ھيڪِي جگھا تي اُڀو۔ اوٿ پرميشوَر مُوسيٰ ݾون مِليو ھانَ اُوئي نَي مارڻ رِي ڪوشش ڪِي۔ 25 اِيئي تي اُوئي رِي لُگائِي صفُورا ھيڪ تِکو پٿر ليئو ھانَ آپرَي ڏيڪرَي رو کَتنو ڪيئو ھانَ کال مُوسيٰ رَي پگون تي لگائي ڪھيو ڪہ، ”تُو ݾاچيلي مھارَي ݾارُو خُونِي ڌڻِي ھَي۔“ 26 صفُورا کَتنَي رَي ڪري اِيئون ڪھيو ڪہ، ”تُو خُونِي ڌڻِي ھَي۔“ اِيئي تي پرميشوَر مُوسيٰ نَي جيتو ڇوڙيو۔
27 پَڇي پرميشوَر ھارُون نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو رڻ پَٽ ۾ جائي مُوسيٰ ݾون مِل۔“ اِيئي تي ھارُون گيو ھانَ ايشوَر رَي جبل تي مُوسيٰ ݾون مِليو ھانَ اُوئي نَي ميٺکِي ڏينِي۔ 28 مُوسيٰ ھارُون نَي ݾُڻايو ڪہ پرميشوَر مھَي ݾون ڪھڙَي ڪھڙَي باتون ڪري مھنَي ميليو ھَي ھانَ اُوئي نَي ڪھڙا پرچا ڪرڻ رو حُڪم ڏينو ھَي۔
29 پَڇي مُوسيٰ ھانَ ھارُون جائي اِسرائيل قوم را ݾجائِي اَگووڻ ھيڪِي جگھا تي ڀيڙا ڪيئا۔ 30 ھارُون او ݾجَي باتون اُوئون اَگووڻون نَي ݾُڻائَي، جڪو پرميشوَر مُوسيٰ ݾون ڪيئَي ھتَي۔ مُوسيٰ اُوئون مِنکون آگھي پرچا ڀِي بتايا۔ 31 اِيئي تي مِنکون اُوئون تي ڀروسو ڪيئو ھانَ اَي ݾُڻي ڪہ پرميشوَر اِسرائيلي قوم نَي ياد راکيو ھانَ اُوئون را ڏُک ڏيٺا۔ پَڇي اُوئون آپرا شيش نِمايا ھانَ پرميشوَر آگھي جُھڪيا۔