ايشوَر رو مُوسيٰ نَي اِسرائيليون رو اَگووڻ چُونڊڻ
3
مُوسيٰ آپرَي ݾُݾرَي يِترو رَي رڍون ٻڪرَي چارتو، يِترو مديان مُلڪ رو ھيڪ پُوجاري ھتو۔ ھيڪ ڏِن مُوسيٰ مال چارتو چارتو رڻ پَٽ رَي پيلوڙَي پاݾَي حورب جبل يعني پويتر جبل رَي نيڙو گيو۔ 2 اوٿ اُوئي نَي ھيڪَي ٻُوٺَي ۾ پرميشوَر رو فريشتو باݾڏي رِي جھاݪ آݪِي ڪار ڏيکيجڻ ۾ آيو۔ اُوئي ڏيٺو ڪہ ھيڪَي ٻُوٺَي ۾ باݾڏي لاگوڙو ھَي، پڻ او ٻُوٺو ٻَݪي راک ڪونھي ھوتو۔ 3 اِيئي تي مُوسيٰ ݾوچو ڪہ، ”اَي ڪھڙِي عجيب بات ھَي؟ ھُون نيڙو جائي جوئُون تو سھي، اَي ٻُوٺو ٻَݪي راک ڪيئون ڪونھي ھوتو۔“4 جڏي پرميشوَر ڏيٺو ڪہ مُوسيٰ جوئڻ رَي ݾارُو نيڙو آوَي پڙيو، تو اُوئي ٻُوٺَي ݾون ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”مُوسيٰ، اي مُوسيٰ۔“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جِي مالڪ۔“ 5 اِيئي تي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”اِيئي ݾون وڌيڪ آگھي نِي آ، ھانَ آپرَي پگون ݾون جُتا اُتار، ڪيونڪہ جڪِي جگھا تي تُو اُڀو ھَي، او پويتر ڌرتي ھَي۔“ 6 پَڇي اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون اوج ايشوَر ھون جڪَي نَي ٿارو ٻاپ ھانَ اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب منتا۔“ اَي ݾُڻي مُوسيٰ آپرو مونڏو لِڪايو، ڪيونڪہ او ايشوَر نَي جوئي ٻيئاجتو۔
7 پَڇي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”مھَي مِصر مُلڪ ۾ آپرَي مِنکون را ڏُک ڏيٺا ھانَ اُوئون را ݾُڏڪا ݾُڻيا ھَي۔ مھنَي اُوئون رَي ݾجَي ڏُکون رِي خبر ھَي، جڪو ونگار ليوَڻ آݪون اُوئون نَي ڏينا ھَي۔ 8 ھُون اُوئون نَي مِصري قوم ݾون ڇوڙاوڻ آيو ھون ڪہ اُوئون نَي اُوئي مُلڪ ݾون ڪاڍي ھيڪَي ݾُٺَي ھانَ موٽَي مُلڪ ۾ لي جائُون، جڪو خُوشحال ھانَ آباد مُلڪ ھوشَي، يعني ڪنعاني، حِتي، اموري، فرزي، حوِي ھانَ يبُوسي قومون رَي مُلڪ ۾۔ 9 ڪيونڪہ اِسرائيلي قوم را ݾُڏڪا مھَي توڻي پُگا ھَي ھانَ مھَي ڏيٺو ھَي ڪہ مِصري قوم آݪا اُوئون تي ڪھڙو ڪھڙو ظُلم ڪرَي پڙيا۔ 10 اِيئي رَي ڪري تُو ھمَي جا، ھُون ٿنَي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ فرعُون ڪڍي ميلون ھون ڪہ تُو مھارِي اِسرائيلي قوم نَي مِصر مُلڪ ݾون ڪاڍي لي آوَي۔“ 11 پڻ مُوسيٰ، ايشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارِي اترِي حيثيت ڪونھي ڪہ ھُون فرعُون بادشاھ ڪڍي جائُون ھانَ اِسرائيلي قوم نَي مِصر مُلڪ ݾون ڪاڍي لي آئُون۔“ 12 ايشوَر ڪھيو ڪہ، ”ھُون ضرُور ٿَي ڀيڙو ھوئين۔ جڏي تُو اُوئون مِنکون نَي مِصر مُلڪ ݾون ڪاڍي ايٿ لي آئِي، تو ٿي اِيئي جبل تي مھارِي ڀگتي ڪرشو، تو اَي اِيئي بات رِي نِشونِي ھوشَي ڪہ مھَي ٿنَي ميليو ھَي۔“ 13 پَڇي مُوسيٰ ايشوَر نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ھُون اِسرائيلي قوم ڪڍي جائي اَي ڪونھ ڪہ، ’ٿونرَي ٻاپ ڏاڏَي رَي ايشوَر مھنَي ٿون ڪڍي ميليو ھَي۔‘ تو او مھَي ݾون پُوڇشَي ڪہ، ’اُوئي رو نون ڪِي ھَي؟‘ تو ھُون اُوئون نَي ڪِي ڪونھ؟“ 14 ايشوَر، مُوسيٰ نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ھون، جڪو ھون، اِيئي رَي ڪري تُو اِسرائيلي قوم نَي اَي ڪئي ڪہ، ’ھُون ھون، مھنَي ٿون ڪڍي ميليو ھَي۔ 15 تُو اِسرائيلي قوم نَي اَي ڀِي ڪئي ڪہ پرميشوَر ٿونرَي ٻاپ ڏاڏَي اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رَي ايشوَر مھنَي ٿون ڪڍي ميليو ھَي۔ مھارو اَي نون ھميشا توڻي ريشَي ھانَ ݾجَي پيڙھَي مھنَي اِيئي نون ݾون ياد ڪرشَي۔‘ 16 ھمَي تُو جا ھانَ اِسرائيلي قوم رَي اَگووڻون نَي ھيڪِي جگھا تي ڀيڙا ڪري ڪَي ڪہ پرميشوَر يعني ٿونرَي ٻاپ ڏاڏَي اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رَي ايشوَر مھنَي درشن ڏي اَي ڪھيو ھَي ڪہ، ’ٿون ݾون جڪو ڪئين مِصر مُلڪ ۾ ھووَي پڙيو، او ݾجو مھَي ڏيٺو ھَي۔‘ 17 اِيئي رَي ڪري مھَي فيصلو ڪيئو ھَي ڪہ ھُون ٿونَي مِصر مُلڪ رِي مُصيبت ݾون ڪاڍي ڪنعاني، حِتي، اموري، فرزي، حوِي ھانَ يبُوسي قومون رَي مُلڪ ۾ لي جائُون، جڪو خُوشحال ھانَ آباد مُلڪ ھَي۔ 18 او ٿارِي بات منشَي۔ تُو اِسرائيلي قوم را اَگووڻ ڀيڙا ڪري مِصر ۾ فرعُون بادشاھ ڪڍي جائي ھانَ اُوئي نَي ڪئي ڪہ پرميشوَر، مھورَي عبراني قوم رَي ايشوَر مھونَي درشن ڏي ڪھيو ھَي ڪہ رڻ پَٽ ۾ تين ڏِن رو پينڏو ڪري مھارَي ݾارُو ٻَليدون ڪرو۔ اِيئي رَي ڪري مھونَي جاوڻ ڏي ڪہ مھي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رَي ݾارُو ٻَليدون ڪرون۔ 19 مھنَي خبر ھَي ڪہ مِصر مُلڪ رو بادشاھ ٿونَي اِيئي نمُونَي جاوڻ ڪونھي ڏَي، جترِي توڻي اُوئي ݾون زور زبردستي نِي ڪِي جاوَي۔ 20 اِيئي رَي ڪري ھُون آپرِي قُدرت ھانَ حيرت آݪَي باتون ݾون مِصر مُلڪ رَي مِنکون نَي سزا ڏئين۔ اِيئي ݾون پَڇي او ٿونَي جاوڻ ڏيشَي۔ 21 ھُون ٿونَي مِصري قوم رِي نظر ۾ عِزت ڏئين ھانَ جڏي ٿي مِصر مُلڪ ݾون نڪرشو، تو کالِي ھاٿ ڪونھي نڪرو۔ 22 ٿونرَي لُگائَي آپرَي مِصري پاڙَي آݪَي لُگايون ݾون ھانَ آپرَي گھري ريوَڻ آݪَي مِصري لُگايون ݾون ݾونَي چوندِي را گيڻا ھانَ گاڀا مونگي لَي۔ ٿي او آپرَي ڏيڪرون ھانَ ڏيڪريون نَي پيرايا۔ اِيئي نمُونَي ٿي مِصري قوم نَي لُوٽي ليشو۔“