مُوسيٰ رو جنم
2
لاوِي قبيلَي رو ھيڪ مِنک ھتو، جڪَي آپرَي قبيلَي رِي ھيڪِي لُگائِي ݾون بيئان ڪيئو۔ ‏2 او لُگائِي اُميد ݾون ھوئِي ھانَ اُوئي ڏيڪرو جِڻيو۔ جڏي اُوئي ڏيٺو ڪہ ڇوڪرو ڦُوٽرو ھَي، تو اُوئي تين مھيڻا لِڪائي راکيو۔ ‏3 پڻ جڏي او اُوئي نَي وڌيڪ لِڪائي ڪونھي ݾگھِي، تو اُوئي تيلون رو ھيڪ ٽوڪرو ٺاھيو ھانَ اُوئي تي چيڪڻِي مٽِي ھانَ ڏامر لگايو۔ پَڇي اُوئي آپرَي ڏيڪرَي نَي اُوئي ۾ ݾُوئاݪيو ھانَ اُوئي نَي دريا رَي ڪپ تي پوڻي ۾ اوٿ ڇوڙيو، جيٿ پَن ھتِي۔ ‏4 ڇوڪرَي رِي ٻين اݪگِي اُڀي جوئڻ لاگِي ڪہ اُوئي ݾون ڪِي ھوشَي۔
‏5 اُوئي ٽيم فرعُون بادشاھ رِي ڏيڪرِي دريا تي جھيلڻ آئِي ھانَ اُوئي رَي ٻونھَي جڪو اُوئي ڀيڙَي آئَي ھتَي، او دريا رَي ڪپ تي ڦِرڻ لاگَي۔ جڏي بادشاھ رِي ڏيڪرِي پَن ۾ او ٽوڪرو ڏيٺو، تو اُوئي آپرِي ٻونھِي نَي ڪھيو ڪہ، ”جا، او لي آ۔“ ‏6 جڏي اُوئي ٽوڪرَي نَي کولي ڏيٺو، تو اُوئي ۾ ھيڪ ٻاݪ روتو پڙيو۔ اُوئي نَي ٻاݪ تي دايا آئِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اَي ڪَي عبراني رو ٻاݪ ھَي۔“
‏7 پَڇي اُوئي رِي ٻين جائي فرعُون رِي ڏيڪرِي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ھُون جائي ڪَي عبراني لُگائِي نَي لي آئُون، جڪو ٿارَي ݾارُو اِيئي ٻاݪ نَي ڏُوڌ پياڙَي؟“ ‏8 فرعُون رِي ڏيڪرِي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڀلي جا۔“ پَڇي او ڇوڪرِي گئِي ھانَ اُوئي رِي ما نَي لي آئِي۔ ‏9 فرعُون رِي ڏيڪرِي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو اَي ٻاݪيو لي جا ھانَ اِيئي نَي مھارَي ݾارُو ڏُوڌ پياڙتِي رَي۔ ھُون ٿنَي اِيئي رو پگھار ڏئين۔“ پَڇي او لُگائِي اُوئي ٻاݪ نَي لي گئِي ھانَ ڏُوڌ پياڙڻ لاگِي۔ ‏10 جڏي او ٻاݪ ڪئين موٽو ھويو، تو او لُگائِي اُوئي نَي فرعُون رِي ڏيڪرِي ڪڍي لي گئِي۔ اُوئي ٻاݪ نَي اُوئي آپرو ڏيڪرو ڪري راکيو ھانَ اُوئي رو نون مُوسيٰ راکيو، جڪَي رو مطلب ھَي ”پوڻي ݾون ڪاڍيوڙو“ ڪيونڪہ ٻاݪ نَي اُوئي پوڻي ݾون ڪاڍيو ھتو۔
مُوسيٰ رو مديان مُلڪ ناݾي جاوڻ
‏11 جڏي مُوسيٰ موٽو ھويو، تو او گھر ݾون ٻاھر نڪريو ھانَ آپرِي قوم رَي مِنکون ڪڍي گيو۔ اُوئي ڏيٺو ڪہ مِصري قوم آݪا اُوئون ݾون زورِي ڪوم ڪراوَي پڙيا۔ اُوئي رَي ݾومھو ھيڪ مِصري قوم آݪو اُوئي رِي عبراني قوم رَي ھيڪَي مِنک ݾون بِڙھيجَي پڙيو۔ ‏12 مُوسيٰ اِيئا اُوئا نظر ڪِي ھانَ ڏيٺو ڪہ ايٿ ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي، تو اُوئي مِصري قوم آݪَي نَي ٺُپ ماري بيݪُو ۾ ٻُوري ڇوڙيو۔ ‏13 پَڇي ٻيجَي ڏِن مُوسيٰ ڀڙي ٻاھر گيو ھانَ ڏيٺو ڪہ عبراني قوم آݪا، ٻي مِنک آپت ۾ بِڙھيجَي پڙيا۔ تو مُوسيٰ اُوئي نَي جڪَي رو ڏوھ ھتو ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرِي قوم آݪَي ݾون ڪيئون بِڙھيجَي پڙيو؟“ ‏14 اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو مھورو اَگووڻ جون جَج ھَي؟ جھڙَي نمُونَي ٿَي مِصري قوم آݪَي نَي ماريو ھَي، ڪِي اُوئيج نمُونَي تُو مھنَي ڀِي مارِي؟“ مُوسيٰ اَي ݾُڻي ٻيئاجو ھانَ ݾوچو ڪہ اَي بات تو کُلِي رِي۔ ‏15 جڏي فرعُون نَي خبر پڙِي، تو اُوئي مُوسيٰ نَي مراوڻ رِي ڪوشش ڪرائِي، پڻ او ناݾي جائي مديان مُلڪ ۾ ھيڪَي کُوھ رَي پاݾَي ۾ ريوَڻ لاگو۔
‏16 مديان مُلڪ ۾ يِترو نون رو ھيڪ پُوجاري ھتو، جڪَي نَي رعوايل ڀِي ڪيتا، اُوئي رَي ݾات ڏيڪرَي ھتَي۔ ھيڪ ڏِن او اُوئي کُوھ تي آئَي ھانَ پوڻي ڀري ڀري ھوديون ۾ نوئڻ لاگَي ڪہ او آپرَي ٻاپ رَي رڍون ٻڪريون نَي پياڙَي۔ ‏17 اُوئي ٽيم ڪئين ڌراڙ آيا ھانَ اُوئون نَي کُوھ ݾون ھٽاوڻ لاگا۔ اَي جوئي مُوسيٰ اُٺيو ھانَ اُوئون ڌراڙون نَي اݪگا ڪيئا ھانَ اُوئون ڇوڪريون رَي رڍون ٻڪريون نَي پوڻي پياڙيو۔
‏18 پَڇي او ڇوڪرَي آپرَي گھري گئَي، تو اُوئون رَي ٻاپ رعوايل اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”آج ٿي اترَي ڇيڪَي ڪيڪر آئَي ھو؟“ ‏19 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مِصري قوم رَي ھيڪَي مِنک مھورِي مدد ڪِي ھانَ ڌراڙون نَي کُوھ ݾون اݪگا ڪيئا۔ پَڇي اُوئي مِنک مھورَي ݾارُو پوڻي ڀري ڀري رڍون ٻڪريون نَي پياڙيو۔“ ‏20 اُوئي آپرَي ڏيڪريون نَي ڪھيو ڪہ، ”او مِنک ڪيٿ ھَي؟ ٿي اُوئي نَي ڪيئون ڇوڙي آئَي ھو؟ جائو، اُوئي نَي ھيلو ڪري آئو، تو او آپون ڀيڙو ٻاٽِي کاوَي۔“ ‏21 پَڇي مُوسيٰ جائي اُوئون ڀيڙِي ٻاٽِي کاڌِي ھانَ اُوئون رَي گھري ريوَڻ رَي ݾارُو خُوش ھويو۔ پَڇي رعوايل آپرِي ڏيڪرِي صفُورا رو بيئان مُوسيٰ ݾون ڪرايو۔ ‏22 صفُورا رو ھيڪ ڏيڪرو جايو ھانَ مُوسيٰ اُوئي رو نون جيرسُوم راکيو جڪَي رو مطلب ھَي ”ڌارئَي مُلڪ ۾ پرديسي“ ڪيونڪہ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ڌارئَي مُلڪ ۾ پرديسي ھون۔“
ايشوَر رو اِسرائيلي قوم رو روئڻ ݾُڻڻ
‏23 تموم گھڻَي ݾالون ݾون پَڇي اِيئون ھويو ڪہ مِصر مُلڪ رو بادشاھ فرعُون مري گيو۔ اَڃون توڻي اِسرائيلي قوم آݪا مِصري قوم رِي غُلومي ۾ ھتا ھانَ او اُوئون رَي ظُلم رَي ڪري مدد رَي ݾارُو زار زار روتا ھانَ ݾُڏڪا ڀرتا۔ اُوئون را ݾُڏڪا ھانَ روئڻ ايشوَر توڻي پُگو۔ ‏24 ايشوَر اُوئون رِي دانھن ݾُڻِي ھانَ اُوئي اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب ݾون ڪيئوڙو آپرو وچن ياد ڪيئو۔ ‏25 ايشوَر اِسرائيلي قوم تي دايا رِي نظر ڪِي ھانَ اُوئون را ڏُک ڏيٺا۔