مِصر مُلڪ ݾون آزادي
مِصر مُلڪ ۾ اِسرائيلي قوم تي ظُلم
1
اِسرائيل يعني يعقُوب را ڏيڪرا جڪو آپرَي آپرَي خاندان نَي لي يعقُوب ڀيڙا مِصر مُلڪ ۾ آيا ھتا، اُوئون را نون اَي ھَي۔ ‏2 روبن، شمعُون، لاوِي، يھُودا، ‏3 اشڪار، زبولُون، بنيامين، ‏4 دان، نفتالي، جد، آشر ‏5 ھانَ يُوسف جڪو پيل ݾون مِصر مُلڪ ۾ ھتو۔ اِيئي نمُونَي يعقُوب را ݾجائِي ستر مِنک مِصر مُلڪ ۾ آيا۔
‏6 تموم گھڻَي ݾالون ݾون پَڇييُوسف، اُوئي را ݾجائِي ڀائي ھانَ اُوئي زمونَي را ݾجائِي مِنک مري گيا۔ ‏7 پڻ اِسرائيلي قوم آݪا تموم گھڻا بڌتا ھانَ طاقت آݪا ھوتا گيا ھانَ او ݾجَي مِصر مُلڪ ۾ بِکرتا گيا۔
‏8 پَڇي مِصر مُلڪ تي ھيڪ نُوئو بادشاھ حڪُومت ڪرڻ لاگو۔ اُوئي نَي يُوسف رَي بارَي ۾ ڪو ڀِي خبر ڪونھي ھتِي۔ ‏9 بادشاھ آپرِي قوم نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، اِسرائيلي قوم آپون ݾون تموم گھڻِي بڌِي رِي ھانَ او طاقت آݪا ھويا را۔ ‏10 اِيئي رَي ڪري آئو، تو آپي اُوئون ݾون چالاڪِي ݾون بون، اِيئون نِي ھووَي ڪہ او اَڃون ڀِي وڌيڪ ھوئي جاوَي ھانَ پَڇي جڏي جنگ ھووَي، تو او آپڻَي دُشمنون ݾون مِلي آپون ݾون بِڙھَي ھانَ مُلڪ ݾون بُوئا جاوَي۔“ ‏11 پَڇي مِصري قوم اُوئون تي اھڙا مِنک راکيا، جڪو اُوئون ݾون زورِي ونگار ۾ ڪوم ڪرائي اُوئون نَي تنگ ڪرَي۔ اُوئون اِسرائيليون ݾون پتوم شھر ھانَ رعمسيس شھر ٺڙايا، جڪون ۾ بادشاھ رَي ݾارُو موٽا موٽا گُدوم ڀِي ٺڙايا۔ ‏12 پڻ جِترو مِصري قوم اِسرائيلي قوم نَي تنگ ڪيئو، او اِتراج بڌتا ھانَ مُلڪ ۾ بِکرتا گيا ھانَ مِصري قوم آݪا اِسرائيلي قوم ݾون ٻيئاجڻ لاگا۔ ‏13 اِيئي رَي ڪري مِصري قوم اِسرائيلي قوم تي سختِي ڪري اُوئون ݾون ڪوم ڪراوڻ لاگا۔ ‏14 او اُوئون ݾون زورِي گارو ھانَ اِيٽون ٺڙاوڻ لاگا ھانَ ٻنِي ۾ ھر نمُونَي رو ڏُکيو ڪوم ڪرايو ھانَ اُوئون رو جيئڻ جَنجال ڪري ڇوڙيو۔
‏15 پَڇي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ، عبراني قوم رَي دايون ۾ ٻي دائَي آپ ڪڍي اَڻائَي، جڪون ۾ ھيڪِي رو نون سِفرا ھانَ ٻيجِي رو نون فوعا ھتو، پَڇي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ‏16 ”جڏي ٿي ڏيکو ڪہ ڪَي عبراني لُگائِي رو ٻاݪ ھوئڻ آݪو ھَي، تو جي ڏيڪرو ھووَي، تو اُوئي نَي ماري ڇوڙيا ھانَ جي ڏيڪرِي ھووَي، تو نِي ماريا۔“ ‏17 پڻ او دائَي ايشوَر ݾون ٻيئاجتَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون مِصر مُلڪ رَي بادشاھ رو حُڪم ڪونھي منيو ھانَ ڇوڪرا جيتا ريوَڻ ڏينا۔ ‏18 اِيئي تي مِصر مُلڪ رَي بادشاھ دايون نَي اَڻائي اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿون اِيئون ڪيئون ڪيئو ھانَ ڇوڪرا جيتا ڇوڙيا؟“ ‏19 دايون فرعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”بادشاھ سلامت، عبراني لُگائَي مِصري لُگايون جھڙَي ڪونھي، او ھِمت آݪَي ھَي ھانَ مھورَي پُگڻ ݾون پيل ٻاݪ جِڻَي ھَي۔“ ‏20 اِيئي نمُونَي اِسرائيلي تموم گھڻا بڌيا ھانَ او طاقت آݪا ھويا۔ ايشوَر دايون نَي برڪت ڏينِي ‏21 ھانَ اُوئون را گھر آباد ڪيئا، ڪيونڪہ او ايشوَر ݾون ٻيئاجتَي۔ ‏22 فرعُون بادشاھ آپرَي مِنکون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”جڏي ڀِي اِسرائيلي قوم ۾ ڇوڪرو پيدا ھووَي، تو ٿي اُوئي نَي نيل دريا ۾ نوکي ڇوڙيا ھانَ جي ڇوڪرِي ھووَي، تو جيتِي ريوَڻ ڏيا۔“