7
پرميشوَر نُوح نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو آپرَي ݾجَي ڀاتيون ݾُوڌو ٻيڙَي ۾ چڙھ، ڪيونڪہ مھَي ڏيٺو ھَي ڪہ اِيئي زمونَي ۾ تُوج ھيڪ ݾاچو مِنک ھَي، جڪَي را خيال ھانَ ڪوم ݾُٺا ھَي۔ 2 تُو ݾجائِي حِلال جِنارون را ݾات ݾات جوڙا ھانَ حروم جِنارون رو ھيڪ ھيڪ جوڙو، يعني نَر ھانَ مادَي آپ ڀيڙا لَي 3 ھانَ ھر نمُونَي رَي پکيون ۾ ݾات ݾات جوڙا، يعني نَر ھانَ مادَي لَي ڪہ اُوئون رِي نسل بيتِي رَي۔ 4 ݾاتون ڏِنون ݾون پَڇي ھُون چاليھ ڏِنون توڻي ڌرتي تي ڏِن رات مي برݾائين ھانَ ݾجائِي جِنار جڪو مھَي ٺاھيا ھَي، ختم ڪري ڇوڙين۔“ 5 اِيئي تي نُوح اِيئوج ڪيئو، جون پرميشوَر اُوئي نَي حُڪم ڏينو ھتو۔6 جڏي ڌرتي تي ٻوڏ آئِي ھتِي، تو اُوئي ٽيم نُوح رِي عُمر ڇَي ݾئو ݾال ھتِي۔ 7 نُوح، اُوئي رِي لُگائِي، اُوئي را ڏيڪرا ھانَ اُوئي رَي بوئارَي ٻوڏ ݾون بچڻ رَي ݾارُو ٻيڙَي ۾ چڙھيا۔ 8 ھر نمُونَي را حِلال ھانَ حروم جِنار، پکي ھانَ ڌرتي تي ݾِرڪڻ آݪَي ݾجَي جِنارون را جوڙا، 9 نَر ھانَ مادَي نُوح ڀيڙا ٻيڙَي ۾ چڙھيا، جون ايشوَر حُڪم ڏينو ھتو۔ 10 ݾاتون ڏِنون ݾون پَڇي ڌرتي تي ٻوڏ آئِي۔
11 جڏي نُوح رِي عُمر ڇَي ݾئو ݾال ھتِي، اُوئيج ݾال ٻيجَي مھيڻَي رِي ݾَترَي تاريخ رو پتاݪ ڦُوٽا ھانَ آڪاش را در کُلي گيا 12 ھانَ چاليھ ڏِنون توڻي ڌرتي تي ڏِن رات لاگيتو مي برݾتو رھيو۔ 13 اُوئي ڏِن نُوح آپرِي لُگائِي، آپرَي ڏيڪرون سِم، حام ھانَ يافت ھانَ آپرَي تينون بوئاريون ݾُوڌو ٻيڙَي ۾ چڙھيو۔ 14 ھر نمُونَي را نِنيا موٽا، ڌاريوڙا جِنار، جھنگلِي جِنار، ݾِرڪڻ آݪا جِنار ھانَ ھر نمُونَي را پکي اُوئي ڀيڙا ٻيڙَي ۾ چڙھيا۔ 15 ھر نمُونَي را جِنار جوڙا جوڙا، نُوح ڀيڙا ٻيڙَي ۾ چڙھيا۔ 16 جھڙَي نمُونَي ايشوَر نُوح نَي ڪھيو ھتو، جڪو جِنار ٻيڙَي ۾ آيا، او نَر ھانَ مادَي ھتَي۔ پَڇي پرميشوَر ٻيڙَي رو در ٻاھر ݾون بند ڪري ڇوڙيو۔ 17 چاليھ ڏِنون توڻي ڌرتي تي ٻوڏ رو پوڻي لاگيتو بڌتو گيو ھانَ ٻيڙو اُونچو اُونچو ھوتو گيو۔ 18 پوڻي ڌرتي تي چڙھتو ھانَ تموم گھڻو بڌتو گيو ھانَ ٻيڙو پوڻي ماٿَي تِرڻ لاگو۔ 19 پوڻي ڌرتي تي اِترو تو بڌيو ڪہ دُنيا را موٽا موٽا ڏُونگر ڀِي ٻُوڏي گيا۔ 20 پوڻي بڌتو بڌتو اُوئون ڏُونگرون ݾون اندازن بيݾ ڦُٽ ݾون ڀِي اُونچو ھويو۔ 21 ڌرتي تي ريوَڻ آݪا ݾجائِي جِنار، يعني ڌڻ مال، جھنگلِي جِنار، پکي ھانَ ݾجائِي اِنسون مري گيا۔ 22 جڪو ڪئين ڌرتي تي ھتو ھانَ جڪون ۾ ݾاݾ ھتو، ختم ھوئي گيا۔ 23 اِيئي نمُونَي ايشوَر ڌرتي را ݾجائِي جيوَو، يعني اِنسون، ھر نمُونَي را جِنار، ݾِرڪڻ آݪا جِنار ھانَ پکي مِٽائي ختم ڪري ڇوڙيا، رُگو نُوح ھانَ جڪو اُوئي ڀيڙا ٻيڙَي ۾ ھتا، او بچي گيا۔ 24 پوڻي ڌرتي تي ھيڪ ݾئو پنجاھ ڏِنون توڻي اُڀو رھيو۔