نُوح ھانَ موٽِي ٻوڏ
6
جڏي ݾجِي دُنيا ۾ تموم گھڻا مِنک بڌيا ھانَ اُوئون رَي ڏيڪرَي جائَي، ‏2 تو آڪاشِي مخلُوق عام مِنکون رَي ڏيڪرَي ڏيٺَي ڪہ او ڦُوٽرَي ھَي ھانَ جڪَي نَي جڪو پسند آئِي اُوئي، اُوئي ݾون بيئان ڪيئو۔ ‏3 اِيئي تي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”اِنسون ھميشا جيتو ڪونھي رَي، ڪيونڪہ او فانِي ھَي۔ ھمَي ݾون لي اِنسون ھيڪ ݾئو بيݾ ݾال ݾون وڌيڪ جيتو ڪونھي رَي۔“ ‏4 جڏي آڪاشِي مخلُوق عام مِنکون رَي ڏيڪريون ڪڍي گيا، تو اُوئون را اولاد ھويا، جڪو پِروڻَي زمونَي را مشھُور پھلوون ھتا۔ اُوئي زمونَي ۾ ھانَ اُوئي ݾون پَڇي ڀِي ڌرتي تي راڪاݾ جھڙا ڪنڌار مِنک ريتا۔ ‏5 پَڇي پرميشوَر ڏيٺو ڪہ ڌرتي تي اِنسونون رِي بُڇڙائي بڌِي رِي ھانَ اُوئون را من را خيال ھميشا بُڇڙائي ݾون ڀريجوڙا ھَي۔ ‏6 اِيئي تي پرميشوَر نَي تموم گھڻو ڏُک ھويو ھانَ او پڇتايو ڪہ، ”مھَي ڌرتي تي اِنسون ڪيئون ٺاھيا؟“ ‏7 پَڇي پرميشوَر ڪھيو ڪہ، ”اِنسون جڪون نَي مھَي ٺاھيا ھَي، ڌرتي ݾون مِٽائي ڇوڙين ھانَ اُوئون ڀيڙا ڌرتي تي ريوَڻ آݪا ھر نمُونَي را نِنيا موٽا جِنار ھانَ پکي ڀِي ختم ڪري ڇوڙين، ڪيونڪہ اُوئون نَي ٺائي ھُون پڇتائُون ھون۔“ ‏8 پڻ پرميشوَر نُوح ݾون خُوش ھتو۔
‏9 نُوح رِي بات اِيئون ھَي ڪہ، نُوح آپرَي زمونَي رَي مِنکون ۾ نيڪ ھتو ھانَ او ايشوَر رِي مرضِي تي بيتو۔ ‏10 نُوح را تين ڏيڪرا ھتا، جڪون را نون سِم، حام ھانَ يافت ھتا۔ ‏11 پڻ ٻيجا ݾجائِي اِنسون ايشوَر رِي نظر ۾ بُڇڙا ھتا ھانَ ھر جگھا ظُلم ئِي ظُلم ھتو۔ ‏12 ايشوَر ڌرتي تي نظر ڪِي ھانَ ڏيٺو ڪہ او خراب ھوئِي رِي، ڪيونڪہ ݾجون مِنکون رو اُٺڻ ٻيݾڻ خراب ھتو۔ ‏13 پَڇي ايشوَر نُوح نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي ݾجون نَي ختم ڪرڻ رو فيصلو ڪيئو ھَي، ڪيونڪہ ڌرتي اُوئون رَي ظُلم ݾون ڀريجِي رِي۔ اِيئي رَي ڪري ھُون اِنسون ھانَ اُوئون ڀيڙا ڌرتي تي ريوَڻ آݪا ݾجائِي ݾاݾ آݪا ختم ڪري ڇوڙين۔ ‏14 تُو ديال رِي لڪڙِي ݾون آپرَي ݾارُو ھيڪ ٻيڙو ٺا، اُوئي ٻيڙَي ۾ ڪمرا ٺا ھانَ ٻيڙَي رَي جوڙون ۾ اَندر ٻاھر ڏامر لگائي۔ ‏15 ٻيڙو اِيئي نمُونَي ٺائي ڪہ او ݾاڍِي چار ݾئو ڦُٽ ڏيگھو ھانَ پنجھتر ڦُٽ ويڪرو ھووَي ھانَ پنجيتالي ڦُٽ اُونچو ھووَي۔ ‏16 ٻيڙَي رِي ڇِت ھيٺا چوڌاري ڏوڍ ڏوڍ ڦُٽ را روشندان ٺائي۔ ٻيڙَي رَي ھيڪَي پاݾَي در ٺائي۔ ٻيڙَي ۾ تين منزلون ٺائي، ھيٺلِي، بِچ آݪِي ھانَ ماٿلِي۔ ‏17 ھُون ڌرتي تي ٻوڏ ميلين ڪہ ݾجائِي اِنسون ختم ھوئي جاوَي ھانَ ݾجائِي جِنار جڪو ڌرتي تي ھَي، او مري جاوَي۔ ‏18 پڻ ٿي بچي جاشو۔ تُو آپرِي لُگائِي، آپرَي ڏيڪرون ھانَ بوئاريون ݾُوڌو ٻيڙَي ۾ چڙھي ھانَ ٻوڏ ݾون پَڇي ھُون ٿَي ݾون وچن ڪرين۔ ‏19 تُو آپ ڀيڙا ٻيڙَي ۾ ھر نمُونَي رَي جِنارون را جوڙا، يعني نَر ھانَ مادَي لئي ڪہ او ڀِي ٿَي ڀيڙا جيتا رَي۔ ‏20 ھر نمُونَي را نِنيا موٽا پکي، جِنار ھانَ ݾِرڪڻ آݪَي جِنارون را جوڙا ٿَي ڪڍي آشَي ڪہ او جيتا رَي۔ ‏21 تُو ھر نمُونَي رَي کاوڻ آݪَي شيون آپ ڪڍي ڀيڙَي ڪري راکي، ڪيونڪہ ٿونرَي ھانَ جِنارون رَي ݾارُو اَئيج کاڌو ھوشَي۔“ ‏22 پَڇي نُوح اِيئوج ڪيئو، جون ايشوَر اُوئي نَي حُڪم ڏينو ھتو۔