23
‏1 پولُوس پنچائِت سمھون ڌيانَ سين جوئي ڪھيو تہ، ’اي اِسرائيلِي ڀايان، ھُون اج تائين سچِي دِل سين اِيشوَر رِي شيوا ڪران پيو۔‘
‏2 اِيئي تي مُک پُوجارِي، جِڪي رو نان حننياہ ھتو، پولُوس وٽ ڀِيٽل ماڙھُوئان نا حُڪم ڏِنو تہ، ’پولُوس نا چماٽان ھڻو۔‘
‏3 تڏھين پولُوس اُوئي نا ڪھيو تہ، ’ڪُوڙا ماڙھُو، اِيشوَر تِنا مار ڏيسي۔ تُون مانھجو فيصلو اِيشوَر ري حُڪمان موجب ڪرڻ سارُون ٻيٺو اَھين۔ پڻ تُون تہ اِيشوَر ري حُڪمان نا ٽوڙي مِنا مار ڏيراڻ رو پيو ڪھين۔‘
‏4 اِيئي تي جڪو ماڙھُو پولُوس نا نيڙا ڀِيٽا تا، اُوئان پولُوس نا ڪھيو تہ، ’تُون اِيشوَر ري مُک پُوجارِي سين گھٽ وڌ ڪِي پيو ٻولين؟‘
‏5 تو پولُوس ڪھيو تہ، ’ڀايان، مِنا خبر ڪو ھتِي تہ اي ماڙھُو مُک پُوجارِي اَھي۔ ڪِي تہ شاستر ۾ لِکيل اَھي تہ، ’آپرِي قوم ري اَگواڻ رِي گِلا ڪرڻِي ڪو اَھي۔‘
‏6 پولُوس نا خبر ھتِي تہ پنچائِت ۾ ٻہ ٽولا اَھين، ھيڪ فرِيسِي ٽولو، آن ٻِيجو صدُوقِي ٽولو۔ اِيئي ڪري اُوئي پنچائِت نا زور سين ڪھيو تہ، ’اِسرائيلِي ڀايان، ھُون فرِيسِي ٽولي رو اَھان، آن مانھجا ٻاپ ڏاڏا فرِيسِي ھتا۔ اي ڪيس مين تي اِيئي ڪري ٿي پيو، ڪِي تہ مِنا اِيئي وات رو پڪو آسرو اَھي تہ اِيشوَر مُئلان نا وۯي جِيتا ڪري اُٺاۯسي۔‘
‏7 جڏھين اُوئي اي وات ڪھِي، تڏھين فرِيسِي ٽولي را ماڙھُو آن صدُوقِي ٽولي را ماڙھُو آپت ۾ وِڙھڻ لگا، آن پنچائِت ۾ ڦوٽ پئي گئِي۔
‏8 اي وات اِيئي ڪري ٿئِي، جو صدُوقِي ٽولي واۯا اِين ڪھين تا تہ مُئل وۯي جِيتا ٿي ڪِنھِي اُٺين، فرِشتا ڪو اَھين، آن مرڻ سين پَڇي ماڙھُو رو جِيوَ ڪو تو رھي۔ پڻ فرِيسِي ٽولي واۯا اي سجين واتين مڃين تا۔
‏9 گوڙ وڌتو گيو، آن نيٺ ڪينهڪ پنڊت جڪو فرِيسِي ٽولي را ھتا، او اُٺي ڀِيٽا، آن سختِي سين ڪھيانتي تہ، ’اَسِين اِيئي ماڙھُو ۾ ڪوئِي ڏوھ ڪو تا ڏيکان۔ اِين ٿي سگھي تو تہ ڪيھِي مُئل ري جِيوَ يا ڪيھِي فرِشتي اُوئي سين واتين ڪرين ھوسين۔‘
‏10 جڏھين جھيڙو وڌي گيو، تو فوج رو وڏو آفِيسر ٻِيھاجڻ لگو متان ماڙھُو پولُوس نا ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ماري نہ ڇڏي۔ اِيئي ڪري اُوئي فوجيان نا حُڪم ڏِنو تہ، ’اَوھِين جائي پولُوس نا پنچائِت سين ڪڍي پَڇو قِلعي ۾ لي جائو۔‘
‏11 اُوئي ئيج رات پرڀُو يسُوع پولُوس وٽ آئي ڀِيٽو، آن ڪھيانتي تہ، ’ھِمٿ رک۔ جين تين اِٿ يرُوشلم شھر ۾ مانھجِي شاھِدِي ڏِنِي اَھي، تِين رُوم شھر ۾ پڻ تُون مانھجِي شاھِدِي ضرُور ڏيئِيس۔‘
يھُوديان رو پولُوس نا مارڻ رو قِسم کڻي
‏12 ٻِيجي ڏِينھ صُبح ري ٽاڻي ڪينهڪ يھُودِي آئي ڀيۯا ٿيا، آن اُوئان آپت ۾ اي خراب رِٿ ٺاھي۔ اُوئان آپرو قِسم کڻي واعِدو ڪريو تہ، ’جِتِي تائين پولُوس نا آپِين نہ ماران، اُتِي تائين نِڪو کائُون نِڪو پِيئان۔‘ ‏13 اي رِٿ ٺاھڻ واۯا ماڙھُو چالِيسان سين گھڻا ھتا۔
‏14 پَڇي اُوئان وڏا پُوجاريان آن آپرِي قوم ري اَگواڻان نا جائي ڪھيو تہ، ’اَسان ڀيۯا ٿي آپرو قِسم کڻيو اَھي تہ، جِتِي تائين اَسِين پولُوس نا نہ ماران، اُتِي تائين نِڪو کائُون نِڪو پِيئان۔ ‏15 اِيئي ڪري ھي اَوھِين آن اَوھانجِي پنچائِت اي باھنو ڪري فوج ري وڏي آفِيسر نا عرض ڪرو تہ پولُوس نا وڌِيڪ واتين پُڇڻ سارُون او اَوھان پنچائِت واۯان وٽ ميلھي۔ اَسِين اُوئي رِي واٽ جوسان، آن اُوئي ري اَوھان وٽ پُجڻ سين اَگ ۾ اَسِين اُوئي نا ماري ڇڏسان۔‘
‏16 پڻ جڪو پولُوس رو ڀاڻيجو ھتو، اُوئي نا اِيئي رِٿ رِي خبر پئِي۔ تو اُوئي قِلعي ۾ جائي پولُوس نا سنڀۯايو۔ ‏17 تڏھين پولُوس فوج ري آفِيسران مان ھيڪي نا سڏ ڪري ڪھيو تہ، ’اِيئي ڇوڪري نا وڏي آفِيسر وٽ تيڙي جائو، ڪِي تہ اِيئي نا وڏي آفِيسر سين ڪينهڪ وات ڪرڻِي اَھي۔‘ ‏18 تو او آفِيسر ڇوڪري نا وڏي آفِيسر وٽ تيڙي گيو، آن اُٿ جائي ڪھيانتي تہ، ’پولُوس قيدِي مِنا سڏ ڪري عرض ڪريو تہ ھُون اِيئي ڇوڪري نا اَوھان وٽ تيڙي آئُون، ڪِي تہ اي اَوھان سين ڪوئِي وات ڪرڻ چاھي تو۔‘
‏19 وڏي آفِيسر اُوئي ڇوڪري نا ھٿ ۾ جھلي ھيڪلائِي ۾ ھيڪي پاسي تيڙي گيو، آن پُڇيانتي تہ، ’تِنا مين سين ڪيھڙِي وات ڪرڻِي اَھي؟‘
‏20 تڏھين ڇوڪري ڪھيو تہ، ’يھُوديان آپت ۾ اَوھان سين اي عرض ڪرڻ رو فيصلو ڪريو اَھي تہ سَواري اَوھِين پولُوس نا ڌرمِي پنچائِت ۾ تيڙي آئو، تہ جين او اي باھنو ڪري اُوئي ري باري ۾ وڌِيڪ صحِيح خبر لي سگھين۔ ‏21 پڻ اَوھِين اُوئان رِي وات متان مڃيا، ڪِي تہ اُوئان را چالِيسان سين وڌِيڪ ماڙھُو واٽ تي لِڪيا ٻيٺا اَھين۔ اُوئان آپرو قِسم اِين کڻيو اَھي تہ، جِتِي تائين اَسِين پولُوس نا نہ ماران، اُتِي تائين نِڪو کائُون نِڪو پِيئان۔ او ھِيڻا ئي سنبري ٻيٺا اَھين، آن رُگو اَوھانجي فيصلي رِي واٽ پيا جوئين۔‘
‏22 تڏھين وڏي آفِيسر اُوئي نا گھڻو ڪھيو تہ، ’اي واتين جڪو تين مِنا سنڀۯائين اَھين، ٻِيجي ڪيھِي نا متان سنڀۯائي۔‘ پَڇي اُوئي ڇوڪري نا جاڻ رِي موڪل ڏِنِي۔
پولُوس نا صُوبي تي راج ڪرڻ واۯي فيلِڪس وٽ ميلھڻ
‏23 اُوئي سين پَڇي فوج ري وڏي آفِيسر ٻِيان نِنڍان آفِيسران نا آپ وٽ سڏ ڪرايا، آن ڪھيانتي تہ، ’ٻہ سو فوجِي، ٻِيجا ستر فوجِي گھوڙان تي چڙھڻ واۯا، آن ٻہ سو فوجِي ڀالان سين وِڙھڻ واۯا، تَيار ڪرو، آن اَوھِين اج رات را قيصريہ شھر سمھان جائو۔ ‏24 گھوڙا پڻ لي جائو، جين پولُوس نا گھوڙي تي چاڙھي راج ڪرڻ واۯي فيلِڪس وٽ سجو سارو پُجائو۔‘ ‏25 پَڇي وڏي آفِيسر اُوئان ڀيۯو اي خط لِکي ميلھيو:
‏26 ’مانَواۯا راج ڪرڻ واۯا فيلِڪس صاحِب، اَوھِين سُکِي رھو۔ اي خط ھُون ڪلوديُس لُوسِياس لِکان پيو۔
‏27 اِيئي ماڙھُو نا يھُوديان جھليو تو، آن ٿوڙھِي دير ۾ مارڻ تي ھتا۔ پڻ ھُون فوجِي لي اُٿ پُجي گيو، آن اُوئان سين بچايو، ڪِي تہ مِنا خبر پئِي گئِي تِي تہ اي رُومِي اَھي۔ ‏28 ھُون اِيئي نا يھُوديان ري پنچائِت ۾ تيڙي گيو، جين خبر لي سگھان تہ يھُودِي اِيئي تي ڪيھڙو ڏوھ ڪڍين تا۔ ‏29 پَڇي مِنا خبر پئِي تہ يھُوديان آپري ڌرم ري واتيان ري ڪري اِيئي تي ڏوھ ھڻيو اَھي۔ پڻ اُوئان اِيئي تي ايھڙو ڪوئِي ڏوھ ڪو ھڻيو جِڪي ري ڪري اِيئي نا موت يا جيل رِي سزا ڏيڻ کپي۔
‏30 جڏھين مِنا خبر پئِي تہ اِيئي ماڙھُو ري خِلاف ھيڪ خراب رِٿ ٺھِي اَھي، تڏھين مين اُوئي نا جلدِي اَوھان سمھون رَوانو ڪريو۔ آن جڪو ماڙھُو اِيئي تي ڏوھ ھڻين پيا، اُوئان نا پڻ مين ڪھيو اَھي تہ او اَوھان وٽ آئي اِيئي ري خِلاف ڪيس ڪرين۔‘
‏31 پَڇي فوجِي حُڪم موجب راتو رات ۾ پولُوس نا اَنتِپترِس شھر تائين لي گيا۔ ‏32 ٻِيجي ڏِينھ پيادا آيَل فوجِي قِلعي سمھان پَڇا گيا ھليا، آن گھوڙان واۯا فوجِي پولُوس نا اَگھو تيڙي گيا۔
‏33 جڏھين او قيصريہ شھر ۾ پُگا، تو اُوئان صُوبي تي راج ڪرڻ واۯي نا خط ڏِنو، آن پولُوس نا پڻ اُوئي ري حَوالي ڪريانتي۔ ‏34 اُوئي خط پڙھي پولُوس نا پُڇيو تہ، ’تُون ڪِھي صُوبي رو اَھين؟‘
جڏھين اُوئي نا خبر پئِي تہ پولُوس ڪِلِڪيہ صُوبي رو اَھي، ‏35 تو اُوئي ڪھيو تہ، ’ھُون تاھجو بيانَ تڏھين ليئِيس، جڏھين جڪو ماڙھُو تاھجي خِلاف اَھين، او پڻ آسين۔‘ پَڇي اُوئي حُڪم ڏِنو تہ پولُوس نا فوجيان ري پھري ھيٺ آپري موحلات ۾ رکين، جڪو اَگي ھيروديس راجا رِي موحلات ھتِي۔