سنت يُوحنا رو تيجو خط
گَيُس رِي بکوڻ
1
اَي خط مھَي يُوحنا رَي طرفون ھَي جڪو وِشواسي مَنڊلِي رو اَگووڻ ھون۔ ھُون اَي خط پيارَي گَيُس نَي لِکون پڙيو جڪَي ݾون ݾچائي رَي ڪري پريم ھَي۔
‏2 اي پيارا، مھارِي اَي پراٿنا ھَي ڪہ تُو ھر حال ۾ خُوش رَي۔ جھڙَي نمُونَي تُو پويتر آتما رِي مدد ݾون ݾاجو ݾُورو رَي ھَي، اِيئج نمُونَي تُو ݾَرير ۾ ڀِي ݾاجو ݾُورو رَي۔ ‏3 جڏي ڪئين وِشواسي ڀائي آيا ھانَ اُوئون ٿارَي بارَي ۾ گواھِي ڏينِي ڪہ تُو ݾچائي ݾون بَي پڙيو، تو مھنَي تموم گھڻِي خُوشِي ھوئِي۔ ‏4 مھارَي ݾارُو اِيئي ݾون وڌيڪ ٻيجِي ڪو ڀِي خُوشِي ڪونھي جڏي مھنَي خبر پڙَي ڪہ مھارا وِشواسي ٻاݪ ݾچائي تي بَي پڙيا۔
‏5 اي پيارا، وِشواسي ڀائي ھانَ ڌاريا مِنک جڪو ٿَي ڪڍي آوَي ھَي، تُو ݾچائي ݾون اُوئون رِي شيوا ڪرَي ھَي۔ ‏6 اُوئون وِشواسي مَنڊلِي نَي ٿارَي پريم رِي گواھِي ڏينِي ھَي۔ جي تُو اُوئون نَي اِيئي نمُونَي مدد ڪري سفر رَي ݾارُو ميلَي ھَي جھڙَي نمُونَي ايشوَر رَي مِنکون رَي ݾارُو ڪرڻ کپَي، تو اَي ڀلِي بات ھَي۔ ‏7 ڪيونڪہ او پرڀُو يسُوع رَي نون رَي ڪري پرچار رَي ݾارُو نڪريا ھَي ھانَ غير وِشواسيون ݾون ڪو ڀِي مدد ڪونھي ليتا۔ ‏8 اِيئي رَي ڪري آپڻو فرض ھَي ڪہ اھڙَي مِنکون رِي مدد ڪرون ڪہ آپي ڀِي اِيئي ݾچائي رَي ڪوم ۾ اُوئون ڀيڙا ھوئون۔
ديتُرفيس رِي مُخالف
‏9 مھَي ٿارِي وِشواسي مَنڊلِي نَي ڪئين لِکيو ھتو پڻ ديتُرفيس جڪو اُوئون ۾ موٽو ھوئڻ رَي ݾارُو ڪرَي ھَي، او مھورِي بات ڪونھي منتو۔ ‏10 اِيئي رَي ڪري جڏي ھُون آئين، تو جڪو ڪوم او ڪرَي پڙيو، اُوئي نَي ياد ڏيرائين ڪہ او مھورَي خلاف خراب باتون ڪرَي ھَي۔ نِي رُگو اَي پڻ پرچار ڪرڻ آݪَي وِشواسي ڀايون نَي آوڻ ڪونھي ڏيتو ھانَ جڪون رِي مرضِي ھَي ڪہ آوَي، اُوئون نَي ڀِي پالَي ھَي ھانَ وِشواسي مَنڊلِي ݾون ڪاڍَي ھَي۔
‏11 اي پيارا، بُڇڙائي رِي نا، پڻ نيڪِي رَي مارگ تي بَي۔ نيڪِي ڪرڻ آݪو ايشوَر ݾون ھَي پڻ بُڇڙائي ڪرڻ آݪَي ڪڏي ڀِي ايشوَر نَي ڪونھي اوݪکيو۔ ‏12 ديميتريُس رَي بارَي ۾ نِي رُگو ݾجائِي مِنک پڻ ݾاچ ڀِي ݾُٺِي گواھِي ڏَي ھَي ھانَ مھي ڀِي گواھِي ڏيئون ھون ھانَ ٿنَي خبر ھَي ڪہ مھورِي گواھِي ݾاچِي ھَي۔
آخري جَئي پرڀُو رِي
‏13 مھنَي تموم گھڻَي باتون ٿونَي لِکڻَي ھَي پڻ مھارِي مرضِي ھَي ڪہ او باتون پينَ ھانَ مَس ݾون نِي لِکون۔ ‏14 پڻ مھنَي اُميد ھَي ڪہ ھُون ٿَي ݾون ڇيڪو مِلين ھانَ اُوئي ٽيم آپي رُوبرو باتون ڪرشون۔ ‏15 ايشوَر ٿنَي ݾُکيو راکَي۔ ايٿ را دوست ٿنَي جَئي پرڀُو رِي ڪَي ھَي، تُو اوٿ رَي دوستون نَي ھر ھيڪ رو نون لئي جَئي پرڀُو را ڪئي۔