نبُوڪدنظر بادشاھ رو موٽَي بَڻ رو ݾپنو
4
نبُوڪدنظر بادشاھ پُورِي دُنيا رَي قومون قبيلون ھانَ نمُونَي نمُونَي رَي ٻولَي ٻولڻ آݪون ڏيݾا اَي نياپو ميلو ڪہ، ”او جگت ۾ ريوَڻ آݪون ݾجون مِنکون، ٿون تي گھڻَي ݾون گھڻِي سلامتي ھووَي۔“ ‏2 مھارِي مرضِي ھَي ڪہ او نِشون ھانَ عجيب ڪوم ٿونَي ݾُڻائُون، جڪَي ايشوَر مھَي ݾارُو ڪيئا ھَي۔ ‏3 ايشوَر رَي نِشونَي ڪترِي نِي خاص ھَي، ‏4 ھُون نبُوڪدنظر بادشاھ آپرِي محلات ۾ ݾُک ݾون ٻيٺو ھتو۔ ‏5 اِيئي تي ھيڪ رات مھَي آپرَي پلنگ تي ݾُوتوڙَي ھيڪ ݾپنو ڏيٺو، جڪَي مھنَي ٻيئاڙي ڇوڙيو۔ مھارَي دِماگ ۾ آيوڙَي اُوئي ݾپنَي مھنَي تموم گھڻو پريشون ڪيئو ھَي۔ ‏6 تو مھَي ھيڪ حُڪم ڪري بابل را ݾجائِي ڏاھا مِنک مھَي آگھي حاضر ڪرڻ رو ڪھيو، اِيئي رَي ڪري ڪہ او مھارَي ݾپنَي رو مطلب ݾُڻاوَي۔ ‏7 اِيئي تي جادُوگر، نجُومي ھانَ ڦال ڪاڍڻ آݪا حاضر ھويا۔ ھانَ مھَي اُوئون نَي آپرو ݾپنو ݾُڻايو، پڻ او مھنَي اُوئي رو مطلب ݾُڻائي ڪونھي ݾگھيا۔ ‏8 نيٺ داني ايل مھارَي ݾومھو آيو، جڪَي رو نون بابل مُلڪ ۾ مھارَي ڏيوتا رَي لاري بيلطشزر راکيوڙو ھَي۔ داني ايل ۾ پويتر ڏيوتا رِي آتما ھَي۔ مھَي آپرو ݾپنو اُوئي نَي ݾُڻاوتَي ڪھيو ڪہ، ‏9 ”او بيلطشزر، جادُوگرون را ݾردارون، مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿَي ۾ پويتر ڏيوتا رِي آتما ھَي ھانَ ڪو ڀِي راز رِي بات ٿَي ݾارُو ڏُکِي ڪونھي۔ اِيئي رَي ڪري جڪو ݾپنو مھنَي لاڌو ھَي، او ݾُڻ ھانَ اُوئي رو مطلب مھنَي ݾُڻا۔
‏10 جڏي ھُون آپرَي پلنگ تي ݾُوتو ھتو تو مھَي ݾپنَي ۾ ڏيٺو ڪہ،
زمين رَي بِچ ۾ موٽو بَڻ اُڀو ھَي۔
‏11 جوتَي جوتَي او بڌتو بڌتو اِترو تو موٽو ھويو،
ڪہ اُوئي را ٽاݪ آڪاش نَي جائي پُگا۔
ھانَ پَڇي او ݾجائِي ڌرتي تي اِيئا اُوئا ڏيکيجڻ ۾ آيا۔ ‏12 اُوئي را پونَ ݾُٺا ھتا ھانَ اُوئي ۾ اِترا تو ڦل ھتا،
جڪَي نَي پُورِي دُنيا را مِنک کائي ݾگھتا۔
جِنار اُوئي رِي ڇان ۾ ٻيݾڻ آݪا ھتا،
ھانَ پکي اُوئي ۾ آپرا آݪا ٺاوتا ھتا،
ݾجون ݾاݾ آݪون رو اُوئي تي گُذارو ھتو۔
‏13 مھَي ݾپنَي ۾ اَي ڀِي ڏيٺو ڪہ، جوئڻ آݪو ھيڪ پويتر آڪاش ݾون اُتري آيو۔ ‏14 اُوئي موٽَي ھيلَي ݾون ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ،
”اِيئي بَڻ نَي باڍي نيچو نوکو،
ھانَ اِيئي رَي ٽاݪَي باڍي ڇوڙو
اِيئي را پونَ ڇوڻو ھانَ ڦل ڌار ڌار ڪرو۔“