نبُوڪدنظر بادشاھ رو ݾونَ رِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪراوڻ
3
نبُوڪدنظر بادشاھ ݾونَ رِي ھيڪ مُورتِي ٺڙائي جڪَي رِي اُونچائي ستاوِي ميٽر ھانَ ويڪرائِي تين ميٽر ھتِي۔ بادشاھ اُوئي مُورتِي نَي بابل صُوبَي ۾ دورا نون رَي ھيڪَي پوٺَي ۾ اُڀي ڪرائي۔ 2 اِيئي ݾون پَڇي نبُوڪدنظر بادشاھ مُلڪ رَي مالڪون، نوابون، منيجرون، صلاح ڪارون، خزانچيون، جَجون، حاڪمون ھانَ صُوبَي رَي ٻيجون ݾجون آفيسرون نَي اَڻايا، اِيئي رَي ڪري ڪہ، او ݾجائِي اُوئي مُورتِي نَي خاص مُورتِي رِي ريت تي ڀيڙا ھووَي۔ 3 ھانَ جڏي او ݾجائِي اُوئي مُورتِي رَي آگھي آئي اُڀا، 4 تو ھيڪ ايلون ڪرڻ آݪو زور زور ݾون ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”ݾجائِي قبيلا ھانَ قومون، پڻ ݾجَي نمُونَي نمُونَي رَي ٻولَي ٻولڻ آݪا، ٿون ݾجون نَي حُڪم ڏينو جاوَي ھَي ڪہ، 5 جڏي ٿي تُوتالَي، بونݾلَي، بينون، ݾاريگَي ھانَ تندُورَي ڀيڙا ٻيجا نمُونَي نمُونَي را باجون رو باجڻ ݾُڻو، تو نبُوڪدنظر بادشاھ رِي اُڀِي ڪرايوڙِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪريا۔ 6 جي ڪَي ڀِي اِيئون نِي ڪيئو، تو اُوئي نَي اُوئيج ٽيم ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺِي ۾ نوکيو جاشَي۔“ 7 جڏي اُوئون نَي اُوئون سازون رو باجڻ ݾُڻيجڻ ۾ آيو، تو ݾجَي قومون ھانَ قبيلا پڻ ݾجائِي ٻولَي ٻولڻ آݪا مِنک نبُوڪدنظر بادشاھ رِي اُڀي ڪرايوڙِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪرڻ لاگا۔ 8 اُوئيج ٽيم تي ڪئينڪہ چُگلِي ھڻڻ آݪا مِنک نبُوڪدنظر بادشاھ رَي نيڙا آئي يھُودي قوم رَي چُگلَي ھڻي 9 ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”بادشاھ سلامت ٿونرِي جَئي جَئي ڪار ھووَي۔ 10 جڏي ڪہ ٿون اَي حُڪم ڏينو ھَي ڪہ، ’جڪو ڀِي مِنک تُوتاليون، بونݾليون، بينون، ݾاريگيون ھانَ تندُورون ڀيڙا نمُونَي نمُونَي رَي سازون رو باجڻ ݾُڻَي، تو اُوئي ݾونَ رِي اُڀِي ڪيئوڙَي مُورتِي نَي نمسڪار ڪرَي۔ 11 پڻ جڪو اُوئي نَي نمسڪار نِي ڪرشَي، اُوئي نَي ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺَي ۾ نوکيو جاشَي۔‘ 12 ھمَي بادشاھ سلامت ڪِي او يھُودي مِنک جڪون نَي ٿون بابل صُوبَي ۾ ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو راکيا ھَي، مطلب سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو، اُوئون ٿونرَي حُڪم رِي ڪو ڀِي پرواھ ڪونھي ڪِي۔ او ٿونرَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪونھي ڪرتا۔ ھانَ نِي اُوئي ݾونَ رِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪرَي، جڪو ٿون اُڀي ڪرائي ھَي۔“13 اِيئي تي نبُوڪدنظر بادشاھ نَي تموم گھڻِي ريݾ ۾ حُڪم ڏينو ڪہ، ”سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو نَي حاضر ڪرو۔“ ھانَ اُوئون تينون نَي بادشاھ ڪڍي لي آيا۔ 14 بادشاھ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي اَي ݾاچِي بات ھَي ڪہ ٿي جوڻ ڪري مھارَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪونھي ڪرتا ھانَ نَڪو اُوئي ݾونَي رِي مُورتِي آگھي جُھڪتا جڪو مھَي ٺڙائِي ھَي۔ 15 ھمَي ݾُڻو، جي ٿي تيار ھو، تو جڏي نَر ݾِينگو، ڍول، تُوتالَي، بينون، دفلِي ھانَ ھر نمُونَي را ساز باجڻ رو ݾُڻو، تو ٿي اِيئي ݾونَي رِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪريا، تو ڀلو ھَي پڻ جي ٿي اِيئون ڪونھي ڪرو، تو اُوئيج ٽيم ٿونَي ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺَي ۾ نوکيا جاشَي۔ پَڇي ھُون جوئين ڪہ او ڪيو ڏيوتا ھَي جڪو ٿونَي مھارَي ھاٿون ݾون آئي بچاشَي؟“ 16 اِيئي تي سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو بادشاھ نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”بادشاھ سلامت، اِيئي بات رَي بچا رَي ݾارُو مھي ڪئين ڪونھي ڪونھ۔ 17 باقي، اي بادشاھ سلامت، مھورو ايشوَر جڪَي رِي مھي ڀگتي ڪرون ھون، اوج مھونَي ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺِي ۾ ݾون ھانَ ٿونرَي ھاٿون ݾون بچاشَي۔ 18 پڻ تو ڀِي بادشاھ سلامت، ٿونَي خبر ھَي ڪہ مھي ٿونرَي ڏيوتائون رِي پُوجا ڪڏي ڀِي ڪونھي ڪرون ھانَ نَڪو ٿونرِي اُڀِي ڪرايوڙِي اُوئي ݾونَي رِي مُورتِي نَي نمسڪار ڪرون۔“
داني ايل رَي دوستون نَي سزا ڏيوَڻ
19 نبُوڪدنظر بادشاھ نَي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو تي ريݾ رَي ڪري اُوئي رو مونڏو ريݾ ۾ ڪاݪو ھوئي گيو۔ تو اُوئي حُڪم ڏينو ڪہ، بٺَي نَي پيل ݾون ڀِي وڌيڪ ݾات گُھمرا تپائو۔“ 20 پَڇي اُوئي آپرَي لشڪر رَي ڪَي طاقت آݪون پھلوونون نَي حُڪم ڪيئو ڪہ، ”اِيئون تينون نَي ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺِي ۾ نوکو۔“ 21 اِيئي تي اُوئون تينون نَي گاڀون ݾُوڌا ٻونڌي، ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺِي ۾ نوکيا۔ 22 جڏي ڪہ بادشاھ رَي سخت حُڪم رَي ڪري باݾڏي رِي بٺِي تموم گھڻِي تيز ڪرائي گئِي ھتِي، اِيئي رَي ڪري سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو نَي بٺِي رَي نيڙا لي جاوڻ آݪا پھلوون تيز باݾڏي رَي تپ رَي ڪري ٻَݪي گيا 23 ھانَ او ٻاڌوڙا تين مِنک ٻݪتَي باݾڏي رَي بَچ ۾ جائي کِريا۔ 24 اِيئي تي نبُوڪدنظر بادشاھ اوچتو يڪدم اُٺيو ھانَ آپرَي مِنکون ݾون پُوڇڻ لاگو ڪہ، ”ڪِي آپون تينون مِنکون نَي باݾڏي ۾ ڪونھي نوکيا؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جِي بادشاھ سلامت آپون اِيئوج ڪيئو ھَي۔“ 25 بادشاھ ڀڙي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ھُون تو باݾڏي ۾ چارون مِنکون نَي ڦِرتا ڏيکون پڙيو، نَڪو ڪو ڀِي ايذا آوتو، جڏي ڪہ چوٿَي مِنک رِي صُورت ڏيوتا رَي ڏيڪرَي جھڙِي ھَي۔“
بادشاھ رِي داني ايل رَي تينون دوستون رِي عِزت ڪرڻ
26 اِيئي تي نبُوڪدنظر بادشاھ ٻݪتَي باݾڏي رِي بٺِي رَي موڏَي ڪڍي نيڙڪو آئي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”اي سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو، ايشوَر رَي ٻونھون، ٻاھر آئو۔“ اِيئي تي او تينئي باݾڏي ݾون ٻاھر نڪري آيا۔ 27 اُوئي ٽيم موٽا موٽا اَگووڻ، ݾردار، اَگووڻ ھانَ بادشاھ را صلاح ڪار ڀيڙا ھويا ھانَ ڏيٺو ڪہ، اُوئون رَي ڏيل نَي ڪئين ڪونھي ھويو۔ ڪيونڪہ اُوئون رو ڪو ڀِي باݪ ڪونھي ٻَݪيو، نَڪو اُوئون رَي گاڀون نَي ڪو جھاݪ لاگِي ھانَ نِي اُوئون ۾ ٻَݪڻ رِي ڪو باݾ آوتِي۔ 28 اِيئي تي بادشاھ نبُوڪدنظر ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو رَي ايشوَر رِي بڏائي ھووَي، جڪَي آپرو فريشتو ميلي آپرَي مِنکون نَي بچايا ھَي جڪون اُوئي تي وِشواس راکيو۔ اُوئون مھَي بادشاھ رو حُڪم ڪونھي منيو ھانَ آپرو آپنَي موت رَي حوالي ڪيئا۔ اِيئون اَي ݾجو اِيئي رَي ڪري ڪيئو ڪہ اُوئون آپرَي ايشوَر ݾون ٽاݪ ڪَي ٻيجَي آگھي ڪونھي جُھڪيا نَڪو ڪيرِي ڀگتي ڪِي۔ 29 اِيئي رَي ڪري ھُون ڀِي اَي حُڪم ڏيئون ھون ڪہ ڪَي ھر ھيڪ قبيلو ھانَ نمُونَي نمُونَي رَي ٻولَي ٻولڻ آݪا جي سدرڪ، ميسڪ، عبدنجُو رَي ايشوَر نَي گھٽ وڌ ڪشَي تو اُوئي نَي باڍي ھانَ ٽُڪڙا ٽُڪڙا ڪيئو جاشَي ھانَ اُوئي رَي گھر نَي بِکوري ڌُوڙ ڪيئو جاشَي۔ ڪيونڪہ ٻيجو ڪو ڀِي ڏيوتا ڪونھي جڪو اُوئي ايشوَر آݪِي ڪار بچائي ݾگھَي۔“
30 پَڇي سدرڪ، ميسڪ ھانَ عبدنجُو نَي ترقي ڏي نبُوڪدنظر بادشاھ بابل صُوبَي ۾ رُتبو ڏينو۔