28
‏2 اي حزقي ايل، تُو صُور مُلڪ رَي بادشاھ نَي ݾُڻا ڪہ پرميشوَر آپڻو ايشوَر، اِيئون ڪَي ھَي ڪہ،”ٿَي ۾ تموم گھڻِي مگرُورِي آئِي ھَي ھانَ تُو ڪَي ھَي ڪہ، ’ھُون ايشوَر ھون ھانَ ݾمُوندر رَي بِچ ۾ آپرَي تخت تي ٻيٺو ھون۔‘ بيشڪ، تُو آپرو آپنَي ايشوَر ݾمجَھي ھَي، پڻ تُو ايشوَر ڪونھي، رُگو ھيڪ اِنسون ھَي۔“‏11 ايشوَر مھنَي ڪھيو ڪہ،‏12 اي اِنسون ذات را ڏيڪرا صُور رَي بادشاھ رَي ݾارُو ماتم ڪر ھانَ اُوئي نَي ڪَي ڪہ پرميشوَر اِيئون ڪَي ھَي ڪہ تُو ڪمال، ڏاھو ھانَ ڦُوٽراپَي ۾ پويتر ھَي۔‏14 مھَي ٿنَي آپرَي پويتر جبل تي راکيو ھانَ تُو ڪروبي فريشتي آݪِي ڪار آپرَي پونکَي کولي پھرو ڏيتو ھانَ تُو ٻَݪڻ آݪَي پٿرون (خاص پٿرون) رَي بِچ ۾ ريتو۔‏15 تُو آپرَي جنم ݾون نيڪ ھتو، پڻ پَڇي ٿَي پاپ ڪرڻ شرُوع ڪيئا۔‏16 تُو ڪاروبار ۾ ترقي ڪرتو گيو جڪَي رَي ڪري تُو بَئيمون ھويو ھانَ پاپ ڪرڻ شرُوع ڪيئا۔ اِيئي رَي ڪري مھَي ٿنَي پويتر جبل ݾون ڪِن ڏيݾا اُڇلايو، جيٿ تُو پھرو ڏيتو۔ مھَي ٿنَي برباد ڪري ٻَݪڻ آݪَي پٿرون ݾون ڪاڍي ڇوڙيو۔‏17 ٿارو ڦُوٽراپو ٿارَي ݾارُو ڦاݾِي ھويو۔ ٿارَي مونَ مرتبَي ٿنَي اِترو مگرُور ڪيئو ڪہ ٿارِي ݾمجھ مٽِي گئِي، اِيئي رَي ڪري مھَي ٿنَي زمين تي نوکيو ڪہ ٻيجا بادشاھ ٿَي ماٿَي ھاݾا ڪرَي۔