داني ايل ھانَ اُوئي را دوست بابل شھر ۾
1
يھُودا رِي بادشاھي يھوڪيم رِي بادشاھي رَي تيجَي ݾال، بابل رو بادشاھ نبُوڪدنطر يروشلم شھر تي چڙھائِي ڪِي ھانَ پُورَي شھر رو گھيرو ڪيئو۔ ‏2 ايشوَر يھوڪيم بادشاھ نَي نبوڪدنظر رَي ھاٿون ٻڌايو ھانَ اُوئي ڀيڙو آپرَي گھر يعني ايشوَر رَي گھر را ݾُٺا ٺيڪر ڀِي اُوئي رَي ھاٿ ۾ ڏينا۔ نبوڪدنظر او ݾجو سيمون آپ ڀيڙو لي بابل مُلڪ ۾ آپرَي ڏيوتائون رَي مندر ۾ راکيو، ھانَ ٺيڪر مندر رَي خزونَي ۾ راکيا۔
‏3 پَڇي بادشاھ آپرَي محل رَي چوڪيدار اِسپنز نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”جھالي آيوڙَي اِسرائيلي قوم آݪون ۾ ھانَ بادشاھي بُڻ را، ھانَ ڪئين جوان چُونڊي ڪاڍ۔ ‏4 او جوان اھڙا ھووَي، جڪون ۾ ڪو ڀِي عيب نِي ھووَي، پڻ او ڦُوٽرا، ݾُٺَي نمُونَي را ڏاھا ھانَ ھوشيار، ݾُٺَي عِلم آݪا ھانَ حِڪمت نَي ݾمجھڻ آݪا ھووَي، مطلب اُوئون ۾ اھڙا گُڻ ھووَي تو اُوئون نَي خاص محل رَي ڪوم رَي ݾارُو راکيا جاشَي، ھانَ او ڪلدي مطلب بابلي مِنکون نَي لِکڻ پڙھڻ ݾيکاوَي۔“ ‏5 اِيئي تي بادشاھ آپرَي بادشاھي کاڌَي ۾ ھانَ خاص انگُورون رَي رس ۾ اُوئون رَي ݾارُو ڪئين حِصو مُقرر ڪيئو۔ اُوئون نَي تينون ݾالون ۾ ݾيکڻو ھتو ھانَ پَڇي اُوئون نَي بادشاھ رِي شيوا ڪرڻِي ھتِي۔
‏6 اُوئون چُونڊيوڙون ۾ يھُودا قبيلَي آݪا، داني ايل، حنياھ، ميسائيل ھانَ عزريا او ڀِي ھتا۔ ‏7 محل رَي چوڪيدارون اُوئون تينون را نون مَٽائي ٻيجا راکيا۔ داني ايل رو بيلطشزر، حنياھ رو سدرڪ، ميسائيل رو ميسڪ ھانَ عزريا رو عبدنجُو راکيو۔
‏8 داني ايل آپرَي دِل ۾ پڪو اِرادو ڪيئو ڪہ، او بادشاھي کاڌو ھانَ انگُورون رو رس پيئي آپرو آپنَي پليت ڪونھي ڪرَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي چوڪيدار نَي مِنٿ ڪِي ڪہ او آپنَي اھڙَي نمُونَي رِي پليت پائي ݾون بچائي راکَي۔ ‏9 ايشوَر چوڪيدار رَي دِل ۾ داني ايل رَي ݾارُو دايا ھانَ ھمدردِي پيدا ڪِي۔ ‏10 اَي ھوتَي تو ڀِي چوڪيدار داني ايل نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي مالڪ بادشاھ ٿارَي ݾارُو او طعوم مُقرر ڪري ڇوڙيو ھَي۔ ھُون ٻيئاجون ھون جي ٿنَي اُوئي ٻيجون مِنکون ݾون ڪمزور ڏيٺو تو ٿارَي ڪري مھارو ݾِيݾاگر بڍائي ڇوڙشَي۔“ ‏11مَحل رو چوڪيدار جڪو داني ايل، حنياھ، ميسائيل ھانَ عزريا تي راکيوڙو ھتو، اُوئي نَي داني ايل ڪھيو ڪہ، ‏12 ”ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ تُو مھونَي ڏھون ڏِنون توڻي تُو آپرَي اِيئون شيوادارون نَي رُگو سادو کاڌو ھانَ پيئڻ رو پوڻي ڏي آزمُوتو ڪر۔ ‏13 پَڇي ٿي مھورا مونڏا اُوئون جوانون رَي مونڏون ݾون ڀيٽِي جويا جڪو بادشاھي کاڌو کاوَي ھَي، اِيئي ݾون پَڇي جون ٿي ڀلو ݾمجھو اِيئوج مھون ݾون ڪريا۔“ ‏14 اِيئي تي اُوئي او بات منِي ھانَ ڏھون ڏِنون توڻي اُوئون رو آزمُوتو ڪيئو۔ ‏15 اُوئون ڏھون ڏِنون ݾون پَڇي اُوئون رو ڏيل ھانَ مونڏا چمڪڻ لاگا ھانَ او متاݪا ڏيکيجڻ لاگا، پڻ بادشاھي طعوم کاوڻ آݪا اوٿ را اوٿ ھتا۔ ‏16 اِيئي تي اُوئي چوڪيدار بادشاھي طعوم اُوئون رَي ݾارُو بند ڪيئو ھانَ رُگو سادو کاڌو ڏيوَڻ لاگو۔
‏17 ھانَ ايشوَر اُوئون چارون جوانون نَي ھر نمُونَي رَي عِلم ۾ عقل ھانَ ھوشيار ڪرتو رھيو ھانَ اُوئي داني ايل نَي ݾجَي خيالون ھانَ ݾپنون رِي ݾمجھ ڏينِي ‏18 جڏي نبوڪدنظر بادشاھ رَي ڏينوڙَي حُڪم تي اُوئون ݾجون چُونڊيوڙَي جوانون رو ݾِکيا رو ٽيم پُورو ھويو، تو محل را چوڪيدار اُوئي نَي بادشاھ ڏيݾا لي گيا۔ ‏19 بادشاھ جڏي اُوئون جوانون ݾون ٻوليو تو ݾجون ۾ داني ايل، حنياھ، ميسائيل ھانَ عزريا اُوئون جھڙا ٻيجا ڪو ڀِي نظر ڪونھي آيا۔ اِيئي رَي ڪري بادشاھ اُوئون نَي آپرا ٻونھا ڪري راکيا۔ ‏20 ڏاھپ ھانَ ݾيوڻپ رِي جڪو بات بادشاھ اُوئون ݾون پُوڇِي، اُوئي ۾ اُوئون نَي آپرِي ݾجِي بادشاھي رَي ݾجون جادُوگرون ھانَ نجُوميون ݾون ڏَݾ گُھمرا وڌيڪ ݾُٺو ڏيٺو۔ ‏21 اِيئي نمُونَي داني ايل بادشاھ نبُوڪدنطر رَي محل ۾ اترِي توڻي رھيو، جترِي توڻي اُوئي بابل مُلڪ تي فارس مُلڪ رو بادشاھون رَي بادشاھ خورس جيتي ڪونھي ݾگھيو۔