اِستِيفنَس ڌرمِي پنچائِت تي پرڀُو يسُوع نا ماراڻ رو ڏوھ ڏي تو
7
1 پَڇي مُک پُوجارِي اِستِيفنَس نا پُڇيو تہ، ’اي واتين سچين اَھين يا نہ؟‘2 اِيئي تي اِستِيفنَس ڪھيو تہ، ’اي ڀايان آن اَگواڻان، مانھجِي وات سنڀۯو۔ جڏھين آپڻو ڏاڏو اِبراھِيم حارانَ شھر سمھون لڏي جاڻ سين اَگ ۾ مسُوپَتاميہ مُلڪ ۾ ھتو، تڏھين اِيشوَر جڪو روشني جيھڙو اَھي اُوئي نا درشن ڏي 3 اِين ڪھيو تہ، ’تُون آپرو مُلڪ آن مائِيتر ڇڏي اُوئي مُلڪ جا جڪو ھُون تِنا ڏيکاۯِيس۔‘
4 اِيئي تي اُوئي ڪسديان رو مُلڪ ڇڏي حارانَ شھر ۾ آئي رھيو۔ پَڇي جڏھين اُوئي رو ٻاپ مري گيو، تڏھين اِيشوَر اُوئي نا اِيئي مُلڪ ۾ تيڙي آيو، جِٿ اَوھِين اج تائين رھو پيا۔ 5 اُوئي ٽاڻي اِيشوَر اِبراھِيم نا اِيئي مُلڪ ۾ ذرو ئي زمِينَ ڪو ڏِنِي تِي۔ پڻ اِيشوَر اُوئي سين اي واعِدو ڪريو تہ، ’ھُون اي مُلڪ تِنا آن تاھجي اولاد نا ڏيئِيس۔‘ پڻ اُوئي ٽاڻي اِبراھِيم رو ڪوئِي اولاد ڪو ھتو۔ 6 اِيشوَر اُوئي نا اِين پڻ ڪھيو تہ، ’تاھجو اولاد پرديسِي ٿي ھيڪي ٻِيجي مُلڪ ۾ جائي رھسي، جِٿ او چار سو سال غُلام ٿي رھسي آن ماڙھُو اُوئي سين ظُلم ڪرسين۔ 7 پڻ جِڪي قوم را او غُلام ٿي رھسين، ھُون اُوئي قوم نا سزا ڏيئِيس، آن اُوئي سين پَڇي اُوھا نِسري او اِيئي ھند آئي مانھجِي ڀگتِي ڪرسين۔‘
8 پَڇي اِيشوَر اِبراھِيم سارُون طُھر ڪرڻ رِي رسم رکي، تہ جين اي اُوئي پڪي وچن رِي نِشانِي ٿي۔ اِيئي ڪري جڏھين اُوئي رو ڏِڪرو اِضحاق جائو، تڏھين اَٺين ڏِينھ اُوئي رِي طُھر ڪرِي۔ ايھڙي نمُوني اِضحاق رو ڏِڪرو يعقُوب ٿيو، آن اُوئي اِيئي رِي طُھر ڪرِي۔ پَڇي يعقُوب را ٻارھي ڏِڪرا ٿيا، آن اُوئي اِيئان رِي طُھر ڪرِي، جڪو آپڻِي قوم را ٻارھي ڏاڏا اَھين۔
9 اُوئي سين پَڇي آپڻِي قوم را ڏاڏا آپري ڀائِي يُوسف تي ڪڙھڻ لگا، آن اُوئي نا واپاريان وٽ ويچي ڇڏيو، جڪو اُوئي نا مِصر مُلڪ تيڙي گيا۔ پڻ اِيشوَر اُوئي ڀيۯو ھتو، 10 آن اُوئي نا سجيان مُصِيبتان سين ڇڏايانتي، آن اُوئي نا ايھڙو عقل ڏِنانتي جو مِصر ري راجا فرعُونَ وٽ عِزت واۯو ٿي گيو۔ اُوئي يُوسف نا مِصر رو وڏو وزِير ڪري رکيو، آن آپرِي سجِي موحلات اُوئي ري حَوالي ڪريانتي۔
11 اُوئي سين پَڇي سجي مِصر آن ڪنعانَ مُلڪان ۾ ڏُڪاۯ پيو۔ اُوئي ري ڪري گھڻِي تڪلِيف ٿئِي، آن آپڻان ڏاڏان نا ڪِينھ پڻ کاڌو ڪو جُڙتو۔ 12 پڻ جڏھين يعقُوب سنڀۯيو تہ مِصر ۾ ڌانَ اَھي، تڏھين اُوئي آپرا ڏِڪرا، جڪو اَسانجا ڏاڏا اَھين، اُوئان نا پھلڪِي گھوئِي اُٿ ميلھيا۔ 13 پَڇي ٻِيجي گھوئِي يُوسف آپري ڀايان نا آپرِي اوۯکاڻ ڏِنِي، آن راجا نا يُوسف رِي آڪاھ ري باري ۾ خبر پئِي۔ 14 تڏھين يُوسف آپري ٻاپ يعقُوب آن سجان عزِيزان نا آپ وٽ تيڙايا، جڪو پنجھتر جڻا ھتا۔ 15 پَڇي يعقُوب مِصر ۾ لڏي گيو، آن اُٿ او آن آپڻا ڏاڏا مري گيا۔ 16 اُوئي سين پَڇي اُوئان را لاش اُوھا اِيئي مُلڪ ۾ کڻي آئي اُوئان سِڪم شھر ري اُوئي قبر ۾ رکيا، جڪو اِبراھِيم اَگي ھمور نان ري اُٿلي ماڙھُو ري ڏِڪران وٽا چاندِي را سِڪا ڏي لئِي تِي۔ 17 جڏھين آپڻِي قوم اڃان مِصر مُلڪ ۾ ھتِي، تڏھين او ٽاڻو نيڙو آيو تہ اِيشوَر آپرو اِبراھِيم سين ڪريل واعِدو پُورو ڪري۔ اُوئان ڏِينھان ۾ آپڻِي قوم را ماڙھُو اُٿ گھڻا وڌي گيا تا۔ 18 پَڇي مِصر ۾ ھيڪ ٻِيجو راجا راج ڪرڻ لگو، جِڪي نا يُوسف ري باري ۾ ڪوئِي خبر ڪو ھتِي۔ 19 او راجا آپڻِي قوم ري ماڙھُوئان سين ايھڙِي چالاڪِي آن خراب نمُوني سين ھليو جو آپڻان ڏاڏان نا آپرا نِنڍيا ٻاۯيا ٻاھر ڇڏڻا پيا، تہ جين او مري جائي۔
20 اُوئي وقت ۾ مُوسيٰ رو جِنم ٿيو، آن او تمام ملُوڪ ھتو۔ اُوئي نا ٽِن مھِينا ما ٻاپ گھري پاۯيو۔ 21 اُوئي سين پَڇي جڏھين اُوئي نا ٻاھر ڇڏي ڏِنانتي، تڏھين راجا رِي ڏِڪرِي اُوئي نا لي آپرو ڏِڪرو ڪري پاۯيو۔ 22 مُوسيٰ نا مِصريان رو سجو ئي عِلم سِکايانتي، آن او سُٺين واتين آن سُٺا ڪم ڪرڻ ۾ ھُوشيار ٿي گيو۔
23 جڏھين مُوسيٰ چالِيس سالان رو ٿيو، تڏھين اُوئي آپري اِسرائيلِي ڀايان را حال جوڻ رو خيال ڪريو۔ 24 مُوسيٰ جائي جوئي تہ مِصر رو ھيڪ ماڙھُو ھيڪي اِسرائيلِي نا ڪُٽي پيو۔ اِيئي تي مُوسيٰ اِسرائيلِي رِي مدد ڪرِي، آن بدلو ليڻ سارُون مِصرِي نا ماري ڇڏيانتي۔ 25 مُوسيٰ سوچيو پي تہ مانھجا ڀائِي اِين سمجھسين تہ اِيشوَر مانھجي ھٿا اُوئان نا آزاد ڪراسي۔ پڻ او اِين ڪو سمجھيا۔
26 ٻيِجي ڏِينھ مُوسيٰ ٻِيان اِسرائيليان نا آپت ۾ وِڙھتا ڏِٺا۔ اُوئي اِيئان نا سرچاڻ رِي ڪوشِش ڪرِي، آن ڪھيانتي تہ، ’ڀايان، اَوھِين تہ ڀائِي اَھو۔ آپت ۾ ڪِي تا وِڙھو؟‘ 27 پڻ جِڪي آپري ڀائِي نا ڪُٽيو پي، اُوئي مُوسيٰ نا ٺيلھو ڏي ڪھيو تہ، ’تِنا اَسان تي اَگواڻ آن فيصلو ڪرڻ واۯو ڪي رکيو اَھي؟ 28 جين تين ڪال اُوئي مِصرِي ماڙھُو نا ماري ڇڏيو، تِين مِنا پڻ مارڻ چاھين تو ڪِي؟‘ 29 اي وات سنڀۯي مُوسيٰ مِصر ڇڏي ڀجي گيو، آن مِديانَ مُلڪ ۾ جائي پرديسِي ٿي رھيو۔ اُٿ اُوئي را ٻہ ڏِڪرا ٿيا۔
30 چالِيس سالان سين پَڇي سِينا جبل وٽ بيابانَ ۾ ھيڪي فرِشتي ھيڪي ٻۯتل ٻُوٽي ري جھۯان مان مُوسيٰ نا درشن ڏِنو۔ 31 مُوسيٰ اي پرچو ڏيکي حيرانَ ٿي گيو، آن جوڻ سارُون نيڙو جاڻ لگو۔ تڏھين اُوئي نا اِيشوَر رو آواز اِين سنڀۯڻ ۾ آيو تہ، 32 ’ھُون او اِيشوَر اَھان جِڪي نا تاھجا ڏاڏا اِبراھِيم، اِضحاق آن يعقُوب مڃتا۔‘ تڏھين مُوسيٰ ڌُٻڻ لگو، آن اُوئي نا جوڻ رِي ھِمٿ ڪو رھِي۔ 33 اِيئي تي پرڀُو اِيشوَر اُوئي نا ڪھيو تہ، ’آپرِي جُتِي اُتاري ڇڏ، ڪِي تہ جِٿ تُون ڀِيٽو اَھين او پَوِيتر جگھا اَھي۔ 34 بيشڪ مين ڏِٺو اَھي تہ مِصر مُلڪ ۾ مانھجِي چُنڊيَل قوم تي ڪيھڙو ظُلم ٿي پيو، آن مين اُوئان رين رڙين سنڀۯين اَھين۔ تو ھُون اُوئان نا بچاڻ سارُون ھيٺو آيو اَھان۔ ھي ھُون تِنا مِصر مُلڪ ميلھان تو۔‘
35 اي او رو او مُوسيٰ اَھي جِڪي نا آپڻان ڏاڏان قبُول ڪو ڪريو، آن ڪھيانتي تہ، ’تِنا اَگواڻ آن فيصلو ڪرڻ واۯو ڪي رکيو اَھي؟‘ او ساگِي اَھي جِڪي نا اِيشوَر اَگواڻ آن آزاد ڪرڻ واۯو ٺاھي اُوئي فرِشتي ري وسِيلي ميلھيو جِڪي اِيئي نا ٻۯتل ٻُوٽي ۾ درشن ڏِنو تو۔ 36 اُوئي مُوسيٰ اِسرائيلِي قوم نا مِصر سين ٻاھر ڪڍِي۔ اُٿ مِصر ۾، آن پَڇي قُلزم نان ري سمنڊ ۾ آن بيابانَ ۾ چالِيس سالان تائين پرچا آن عجِيب ڪم ڏيکاۯتو رھيو۔ 37 اي او رو او مُوسيٰ اَھي جِڪي آپان اِسرائيليان نا اِين ڪھيو تو تہ ’اِيشوَر اَوھانجِي قوم مان اَوھان سارُون ھيڪ مين جيھڙو اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯو ميلھسي۔‘
38 اي او رو او اَھي جڪو سجِي اِسرائيلِي قوم ڀيۯو بيابانَ ۾ ھتو۔ او اُٿ آپڻان ڏاڏان ڀيۯو ھتو آن اُوئي فرِشتي ڀيۯو جِڪي اِيئي سين سِينا نان ري جبل مٿي واتين ڪرين۔ اِيئي مُوسيٰ نا اِيشوَر را جِيوَن ڏيڻ واۯا حُڪم جُڙيا، جين او آپان تائين پُجائي۔
39 پڻ آپڻان ڏاڏان مُوسيٰ رو ڪھيو ڪو مڃيو۔ اُوئان اِيئي نا ڇڏي ڏِنو، آن اُوئان رِي دِل ۾ مِصر پَڇو جاڻ رو خيال آيو۔ 40 اِيئي ڪري اُوئان ھارُونَ نا ڪھيو تہ، ’او مُوسيٰ جڪو آپان نا مِصر سين ٻاھر ڪڍي آيو تو، خبر ڪو اَھي تہ اُوئي نا ڪِي ٿيو اَھي۔ اِيئي ڪري آپان سارُون مُورتين ٺھرائو، جين او آپڻِي اَگواڻِي ڪرين۔‘ 41 تڏھين اُوئان ھيڪ گابي جيھڙِي مُورتِي ٺاھي۔ پَڇي اُوئي مُورتِي ري نان تي مال چاڙھڻ لگا، آن جڪو اُوئان آپري ھٿان سين ٺاھيو تو، اُوئي تي خُوشِي ڪرڻ لگا۔
42 اِيئي ڪري اِيشوَر اُوئان سين مُونھ ڦيريو آن اُوئان نا ڇڏي ڏِنانتي، تہ جين او جائي آڪاس ري تاران رِي پُوجا ڪرين۔ او وات اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯان ري شاستر ۾ اِين لِکيل اَھي تہ،
’اي اِسرائيليان،
اَوھان چالِيس سال بيابانَ ۾ جڪو مال چاڙھيو،
او مين سارُون ڪو چاڙھيو تو۔ 43 اَوھان تہ مولڪ نان ري ڏيو رو تنبُو آن رِفانَ نان ري تاري رِي مُورتِي آپ ڀيۯا کڻيا تا، جڪو اَوھان پُوجا ڪرڻ سارُون ٺاھيا تا۔ ھي ھُون اَوھان نا آپري مُلڪ سين ٻاھر ڪڍي بابل مُلڪ سين پرھا ميلھي ڇڏِيس۔‘
44 تو او تنبُو جڪو اِيشوَر ڀيۯو رھڻ رِي شاھِدِي ڏيتو، او آپڻي ڏاڏان وٽ بيابانَ ۾ ھتو۔ او اِين رو اِين ٺاھيَل ھتو جين اِيشوَر مُوسيٰ نا ڪھيو تو، آن اُوئي رو نمُونو ڏيکاۯيو۔ 45 اُوئي سين پَڇي او تنبُو آپڻان ڏاڏان نا اُوئان ري وڏا وٽا جُڙيل، آن او اِيئي تنبُو نا لي يشُوع ڀيۯا اِٿ آيا۔ اُوئي ٽاڻي اُوئان اِٿليان ڌاريان قومان ري مُلڪ تي قبضو ڪريو، جِڪان نا اِيشوَر آپڻان ڏاڏان وٽا ڌِڪي ڪڍي ڇڏيا۔ او تنبُو اُوئان وٽ دائُود راجا ري وقت تائين رھيو۔ 46 دائُود نا اِيشوَر رِي ڪِرپا جُڙِي، آن اُوئي اِيشوَر نا عرض ڪريو تہ او ھيڪ گھر اِيشوَر سارُون ٺھرائي، جِڪي نا يعقُوب مڃتو۔ 47 پڻ او سُليمانَ راجا ھتو جِڪي اِيشوَر سارُون گھر ٺھرايو۔ 48 پڻ پرميشوَر تہ ماڙھُوئان ري ٺاھيَل گھران ۾ ڪو تو رھي، جين اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯي لِکيو اَھي تہ،
49 ’اِيشوَر اِين ڪھي تو تہ،
آڪاس مانھجِي گادِي اَھي،
آن ڌرتِي مانھجي پگ رکڻ رِي جگھا اَھي۔
اَوھِين مين سارُون ڪيھڙو گھر ٺاھسو؟
51 پَڇي اِستِيفنَس وۯي ڪھيو تہ، ’اَوھِين تہ ضِدِي ماڙھُو اَھو۔ اَوھانجين دِلان ڪِتين ئي ڦِريَل اَھين، آن اَوھانجا ڪن ڪِتا ئي ٻوڙا اَھين۔ اَوھِين ھميشہ پَوِيتر آتما ري خِلاف ڪم ڪرو تا۔ جين اَوھانجا ڏاڏا ڪرتا، اِين اَوھِين پڻ ڪرو تا۔ 52 اِيشوَر ري نياپو ڏيڻ واۯان مان ڪوئِي ايھڙو ڪو اَھي جِڪي نا اَوھانجي ڏاڏان تنگ نہ ڪريو ھوئي۔ اُوئان اِيشوَر رو نياپو ڏيڻ واۯان نا پڻ مارائي ڇڏيا، جِڪان اَگ ۾ اِيشوَر ري نيڪ شيواڌارِي ري آڻ رِي خبر ڏِنِي۔ آن ھي اَوھان وۯي اُوئي نيڪ شيواڌارِي نا جھلايو آن مارايو۔ 53 اَوھِين او اَھو جِڪان نا اِيشوَر فرِشتان ڀيۯا حُڪم ڏِنا تا، توئي پڻ اَوھِين اُوئان حُڪمان تي ڪو ھليا۔‘
اِستِيفنَس نا مارڻ
54 جڏھين ڌرمِي پنچائِت ري ماڙھُوئان اِستِيفنَس رين اي واتين سنڀۯين، تڏھين او اُوئي تي گھڻا ڪاوَڙيا، آن ڏنت ڪُرٽڻ لگا۔ 55 پڻ اِستِيفنَس پَوِيتر آتما سين ڀرجي آڪاس سمھون چِٽائي جوڻ لگو۔ تڏھين روشني ۾ اِيشوَر اُوئي نا درشن ڏِنو، آن اُوئي پرڀُو يسُوع نا اِيشوَر ري سُبتي پاسي ڀِيٽل ڏِٺو۔ 56 اِيئي تي اِستِيفنَس ڪھيو تہ، ’ھِيڻا مِنا آڪاس کُليَل ڏيکڻ ۾ آئي پيو، آن مُنش پُتر اِيشوَر ري سُبتي پاسي ڀِيٽل اَھي۔‘
57 پڻ اُوئان ماڙھُوئان زور سين رڙين ڪري آپري ڪنان تي ھٿ ڏي بند ڪري ڇڏيا، آن سجا ئي ڀيۯا ٿي اِستِيفنَس تي وۯي آيا۔ 58 او اُوئي نا شھر سين ٻاھر گِينسلي لي گيا، آن اُوئي نا مارڻ سارُون پٿر ھڻڻ لگا۔ جِڪان ماڙھُوئان اُوئي ري خِلاف شاھِدِي ڏِنِي تِي، اُوئان آپرا ٽوئال لي سائُول نان ري ھيڪي جَوانَ مُڙس وٽ ڇڏيا۔ 59 جڏھين اُوئان اِستِيفنَس نا پٿر ھڻيا پي، تڏھين اُوئي اِين دُعا منگِي پي تہ، ’اي پرڀُو يسُوع، تُون مانھجو جِيوَ قبُول ڪر۔‘ 60 تڏھين اُوئي گوڏا کوئي زور سين ڪھيو تہ، ’اي پرڀُو، اي ڏوھ اِيئان تي متان ناکي۔‘ اُوئي اِين ڪھيو، تو اُوئي رو ساس نِسري گيو۔