پرڀُو يسُوع رو جبل تي ماڙھُوئان نا سِکاڻ
5
‏1 جڏھين پرڀُو يسُوع ماڙھُوئان نا ڏِٺو تڏھين او جبل تي چڙھي گيو آن جڏھين ٻيسي رھيو تڏھين اُوئي را چيلا اُوئي ڪنھين آيا۔ ‏2 او اُوئان نا سکاڻ لگو آن ڪھيانتي تہ،
سچِي خُوشِي
‏3 ”ڀاگواۯا او اَھين جڪو دِل را غرِيب اَھين،
ڪِي تہ اِيشوَر رو راج اُوئان سارُون اَھي۔
‏4 ڀاگواۯا او اَھين جڪو ڏُکويل اَھين،
ڪِي تہ اِيشوَر اُوئان نا حونصلو ڏيسي۔
‏5 ڀاگواۯا او اَھين جڪو نِماڻائِي سين ھلين تا،
ڪِي تہ اِيشوَر اُوئان نا زمين را وارث ڪرسي۔
‏6 ڀاگواۯا او اَھين جڪو سچائِي را بُکيا آن تريسا اَھين
ڪي تہ اِيشوَر اُوئان نا ضرور دراپاسي۔
‏7 ڀاگواۯا او اَھين جڪو ٻِيجان تي رحم ڪرين تا،
ڪِي تہ اِيشوَر اُوئان تي رحم ڪرسي۔
‏8 ڀاگواۯا او اَھين جڪو دِل را صاف اَھين،
ڪِي تہ او اِيشوَر نا ڏيکسين۔
‏9 ڀاگواۯا او اَھين جڪو صلح ڪراين تا،
ڪِي تہ او اِيشوَر را ٻاۯ ڪيھراسي۔
‏10 ڀاگواۯا او اَھين جڪو اِيشوَر ري مارگ تي ھَلڻ ري ڪري ستايا جائي تا،
ڪِي تہ اِيشوَر رو راج اُوئان سارُون اَھي۔
‏11 ڀاگواۯا اَوھِين اَھو، جڏھين ماڙھُو مانھجي ڪري اَوھانجِي بي عِزتِي ڪرسين، اَوھان نا ستاسين آن ھر نمُوني را ڏوھ لگاسين۔ ‏12 خُوش ٿيو آن سرھا ٿيو، ڪِي تہ سرگ ۾ اَوھان نا وڏو اَجُورو جُڙسي، ڪِي تہ ايھڙي نمُوني پڻ اُوئان اگي اِيشوَر ري نياپو ڏيڻ واۯان نا ستايا ھتا۔
لوڻ آن سوجھري رو مِثال
‏13 اَوھين اِيئي دُنيا سارُون لوڻ ري جين اَھو۔ جي لوڻ آپرو سواد ڇڏي تہ اُوئي نا وۯي سواد واۯو ڪرڻ سارُون ڪوئِي طريقو ڪو اَھي، آن پَڇي اُڇلايو جاسي آن ماڙھُوئان ري پگان ھيٺا لتاڙجسي۔
‏14 اَوھين سجي دُنيا سارُون روشني ري جين اَھو۔ جڪو شھر ڏُونگر تي اَڏيل اَھي او لِڪي ڪِنھِي سگھي۔ ‏15 ڪوئِي پڻ ماڙھُو ڏِيئو ٻاۯي ڍاڪُون ھيٺا ڪوتو رکي پڻ اُوئي نا اُونچِي جگھا تي رکي تو تہ جين سجان نا روشني جُڙي۔ ‏16 ايھڙي نمُوني اَوھانجِي روشني جڪو اَوھانجا سُٺا ڪم اَھين او ماڙھُوئان اگيا اِين چمڪي آن ماڙھُو او جوئي اَوھانجي آڪاسِي پِتا رِي واکاڻ ڪرين۔
پرڀُو يسُوع رو شاستر ري واتان پوري ڪرڻ
‏17 اَوھين اِين نہ سوچيا تہ، ھُون مُوسيٰ را لِکيل حُڪم آن اِيشوَر ري نياپو ڏيڻ واۯان رين لِکيل واتين ختم ڪرڻ آيو اَھان۔ ھُون شاستر رين واتين ختم ڪرڻ نہ پڻ اُوئان نا پُورين ڪرڻ آيو اَھان۔ ‏18 ھُون اَوھان نا سچ تو ڪھان تہ جِتِي تائين آڪاس آن ڌَرتِي ختم ڪِنھِي ٿي، اُتِي تائين شاستر رو ھيڪ اَکر پڻ ختم ڪِنھِي ٿي، پڻ شاستر رين سجين واتين پُورين ٿيسين۔ ‏19 اِيئي ري ڪري جڪو پڻ رُگو ھيڪ ننڍو حُڪم ٽوڙسي آن ٻِيجان ماڙھُوئان نا پڻ اِين ڪرڻ سکاسي او آڪاسِي راج ۾ سجان سين ننڍو ٿيسي۔ پڻ جڪو اُوئان تي ھلسي آن ٻيجان نا پڻ اِين ڪرڻ سکاسي تہ او آڪاسِي راج ۾ وڏو ٿيسي۔ ‏20 اِيئي سارُون ھُون اَوھان نا سنڀۯائو تو تہ جِتِي تائين اَوھانجِي نيڪِي شاستر جاڻڻ واۯان آن فريسيان رِي نيڪِي سين وڌِيڪ ڪنھِي ٿي اُتِي تائين اَوھين آڪاسِي راج ۾ جائي ڪِنھِي سگھو۔
ڪاوڙ نا ڪرڻ ري باري ۾ سکاڻ
‏21 اَوھان تہ سنڀۯيو ھوسي، تہ اگلي زماني ري ماڙھُوئان نا ڪھيو گيو تو تہ خون نہ ڪرو آن جڪو خون ڪرسي تہ او ڪورٽ ۾ پيش ڪريو جاسي۔ ‏22 پڻ ھي ھُون اَوھان نا سنڀۯائُون تو تہ جڪو آپري ڀائِي سين ڪاوڙيل رھي تو او پڻ ڪورٽ ۾ پيش ڪريو جاسي۔ جڪو آپري ڀائِي نا ڪھي تو تہ اي چريا، او وڏِي ڪورٽ ۾ پيش ڪريو جاسي آن جڪو اُوئي نا ڪھسي تہ اي بيوقوف، او نرگ ري جوت ۾ ٻاۯيو جاسي۔ ‏23 اِيئي ري ڪري جي تُون آپرِي قرباني، قرباني ري جگھا تي لي آئي چاڙھين آن اُٿ تِنا ياد پئي تہ تاھجو ڀائِي تين سين ڪاوڙيل اَھي، ‏24 تو آپرِي قرباني اُٿ ڇڏي پھلڪِي آپري ڀائِي نا جائي پرچا، پَڇي آئي آپرِي قربانِي چاڙھ۔
‏25 جي ڪوئِي ماڙھُو تين تي ڪيس ڪري آن ڪورٽ ۾ لي جائي تہ رستي تي ئي اُوئي سين ٺاھ ڪري ڇڏ متان او فريادِي تِنا جج وٽ لي جائي آن جج تِنا پوليس ري حوالي ڪري آن تون جيل ۾ جائي۔ ‏26 ھُون اَوھان نا سچ تو ڪھان تہ جِتِي تائين پائِي پائِي ڏنڊ رِي ڀري ڪِنھِي ڏين اُتِي تائين اُوھا نِسري ڪِنھِي سگھين۔
بُرو ڪم نہ ڪرڻ ري باري ۾ سکاڻ
‏27 اَوھان سنڀۯيو اَھي تہ اِين ڪھيل اَھي تہ بُرو ڪم نہ ڪرو۔ ‏28 پڻ ھي ھُون اَوھان نا سنڀۯائو تو تہ جڪو ماڙھُو ڪيھي ڏوسي سمھون بُرِي نظر سين جوئي تو اُوئي آپرِي دل ۾ اُوئي ڏوسي سين بُرو ڪم ڪري ڇڏيو۔ ‏29 جي تاھجِي سُبتي انک تِنا دوکو ڏي تہ اُوئي نا ڪڍي اُڇلائي ڇڏ، ڪِي تہ تين سارُون اي سُٺو اَھي تہ تاھجي عضوان سين ڀلين ھيڪ عضوو ھليو جائي پڻ تاھجو سجو بدن نرگ سين بچي جائي۔ ‏30 جي تاھجو سُبتو ھٿ تِنا دوکو ڏي تہ اُوئي نا وڍي اُڇلائي ڇڏ، ڪِي تہ تين سارُون سُٺو اَھي تہ تاھجي عضوان سين ڀلي ھيڪ ھليو جائي پڻ تاھجو سجو بدن نرگ سين بچي جائي۔
طلاق ري باري ۾ سِکاڻ
‏31 اي پڻ ڪھيل اَھي تہ جڪو پڻ آپرِي ڏوسي نا گھر سين ڪڍي ڇڏي تہ او اُوئي نا طلاق نامو پڻ لِکي ڏي۔ ‏32 ھُون اَوھان نا ڪھان تو تہ جڪو پڻ آپرِي ڏوسِي نا بُري ڪم ري ڏوھ بِنا طلاق ڏي تو، تہ او اُوئي ڏوسي نا بُري ڪم ڪرڻ رو ڪھي تو آن جڪو اُوئي طلاق ڏنل ڏوسِي سي پرڻي تو او پڻ اُوئي سين بُرو ڪم ڪري تو۔
قِسم کڻي ري باري ۾ سِکاڻ
‏33 ٻِيجو اَوھان اي پڻ سنڀۯيو اَھي تہ اگلي زماني ۾ ماڙھُوئان نا ڪھيو گيو تو تہ آپرا قِسم نہ ٽوڙو پڻ اِيشوَر اگيا آپرا قِسم پُورا ڪرو۔ ‏34 پڻ ھي ھُون اَوھان نا ڪھان تو تہ قِسم سفا نہ کائو، نڪو آڪاس رو قِسم کڻو ڪِي تہ او اِيشوَر ري گادِي اَھي، ‏35 نڪوئي ڌرتِي رو قِسم کڻو ڪِي تہ او اِيشوَر ري پگان رِي صندلِي اَھي۔ نڪوئي يرُوشلم رو قِسم کڻو ڪِي تہ او وڏي بادشاھ رو شھر اَھي۔ ‏36 نڪوئي آپرو قِسم کڻو ڪِي تہ اَوھين ھيڪ مَٿواۯ پڻ ڪاۯو يا اڇو ڪري ڪوتا سگھو۔ ‏37 پڻ ھوئي يا نا ڪھو، اِيئي سين وڌِيڪ ڪھڻ شيطان رو ڪم اَھي۔
بدلو نا ليڻ ري باري ۾ سِکاڻ
‏38 اَوھان سنڀۯيو اَھي اي ڪھيو گيو اَھي تہ انک ري بدلجي انک آن ڏنت ري بدلجي ڏنت۔ ‏39 پڻ ھي ھُون اَوھان نا ڪھان تو تہ جڪو اَوھان سين بُڇڙائِي ڪري اُوئي سين بدلو نہ ليو۔ پڻ جي ڪوئِي اَوھان نا گل تي چماٽ ھڻي تہ اُوئي نا ٻيجو گل پڻ ڦيرائي ڏيو۔ ‏40 جي ڪوئِي ماڙھُو اَوھان جي خميس ڪھي وات ري ايوزي ۾ ليڻ سارُون اَوھان تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري تہ اُوئي نا آپرو ٽوال پڻ ڏي ڇڏو۔ ‏41 جي ڪوئِي اَوھان نا بيگر ۾ ھيڪ ميل لي جائي، اُوئي ڀيۯو اَوھِين ٻہ ميل جائو۔ ‏42 جي ڪوئِي اَوھان سين منگي اُوئي نا ڏيو، آن جي ڪوئِي اَوھان سين اُڌارو لي اُوئي نا اِنڪار نہ ڪرو۔
دُشمنان سين پريم
‏43 اَوھان سنڀۯيو اَھي تہ اي ڪھيل اَھي تہ آپري دوستان سين پريم ڪرو آن آپري دُشمنان سين نفرت ڪرو۔ ‏44 پڻ ھي ھُون اَوھان نا ڪھان تو تہ آپري دُشمنان سين پريم ڪرو آن جڪو اَوھان نا ستائين تا اُوئان سارُون دُعا منگو، ‏45 تہ جين اَوھانجو پِتا جڪو آڪاس ۾ اَھي اَوھين اُوئي را ٻاۯ ٿي جائو۔ ڪِي تہ او نيڪ ماڙھُوئان آن بُڇڙان تي آپرو ھيڪ جيھڙو ڏِينھ اُگائي تو، سچان آن ڪوڙان ٻنھان تي ھيڪ جيھڙو ميھ ورسائي تو۔ ‏46 جي اَوھِين رُگو اُوئان سين پريم ڪرو تا جڪو اَوھان سين پريم ڪرين تا تو پَڇي اَوھان نا ڪيھڙو انعام جُڙسي؟ ناڪو ليڻ واۯا پڻ اِين ئيج ڪرين تا۔ ‏47 آن جي اَوھين رُگو آپري دوستان نا نمسڪار ڪرو تا تہ ڪيھڙي وڏي وات ڪرِي؟ ڪِي تہ ڌارين قومان واۯا جڪو اِيشوَر نا ڪوتا اوۯکي او پڻ اِين ڪرين تا۔ ‏48 پَڻ اَوھين ھر وات ۾ سچا آن نيڪ ٿيو جين اَوھانجو آڪاسِي پِتا اِيشوَر نيڪ اَھي۔“