9
جڪو پيل ڏُک آݪَي انڌارَي ۾ ھتا اُوئون را ڏُک ختم ھوئي جاشَي۔ اُوئي اگلَي زمونَي ۾ زبولُون ھانَ نفتالي رَي علائقون نَي ڏُک ڏينا پڻ آخري زمونَي ۾ يردن دريا رَي پيلوڙَي پاݾَي ريوَڻ آݪَي گليل علائقَي رَي قومون نَي عِزت ڏيشَي۔‏2 جڪو انڌارَي ۾ ريتا، اُوئون ھيڪ موٽو اُجاݪو ڏيٺو ھانَ جڪو موت رَي انڌارَي آݪَي مُلڪ ۾ ريتا اُوئون تي اُجاݪو ھويو۔‏6 ڪيونڪہ مھورَي ݾارُو ھيڪ ٻاݪ جايو ھَي ھانَ مھونَي ھيڪ ڏيڪرو ڏينو گيو ھَي۔ بادشاھي اُوئي رَي ڪونڌَي تي ھوشَي ھانَ اُوئي رو نون عجيب صلاح ڪار، طاقت آݪو ايشوَر، ھميشا رو پِتا ھانَ ݾُک ڏيوَڻ آݪو شھزادو ھوشَي۔