ڏُک رو ڀجن ھانَ بڏائي رو گيت
(اُستاد گاوڻ آݪون رَي ݾارُو ھدايت فجر آݪِي ھرڻِي رَي ݾُر تي گايو جاوَي۔ اَي ڀجن دائُود رَي ڀجنون ۾ ھَي۔)
22
اي مھارا ايشوَر، اي مھارا ايشوَر،
ٿَي مھنَي ڪيئون ڇوڙيو ھَي
تُو مھارِي مدد ھانَ دانھن ݾُڻڻ ۾ ڪيئون دير ڪرَي ھَي؟
‏2 اي مھارا ايشوَر،
ھُون ڏِن رات ٿنَي ھيلا ڪرون ھون،
پڻ تُو مھارِي دانھن تي ڌھيون ڪيئون ڪونھي ڏيتو۔
‏3 اي مھارا ايشوَر،
تُو او ھَي جڪَي رِي،
اِسرائيلي قوم بڏائي ڪرَي ھَي۔
‏4 مھورَي ٻاپ ڏاڏون ٿَي تي وِشواس ڪيئو۔
اُوئون ٿَي تي وِشواس ڪيئو ھانَ ٿَي اُوئون نَي ڇوڙايا ھَي۔
‏5 اُوئون ٿَي ݾون فرياد ڪِي ھانَ ٿَي اُوئون نَي ڏُکون ۾ ڇوڙيا ھَي۔
اُوئون ٿَي تي وِشواس ڪيئو
ھانَ ٿَي اُوئون نَي شرميدو ھوئڻ ڪونھي ڏينو۔
‏6 پڻ ھُون تو ڪيڙو ھون۔
اِنسون تو ھائِي ڪونھي۔
ھانَ ݾجا مِنک مھنَي گھٽ ݾمجَھي ھَي۔
‏7 او جڪو مھنَي ڏيکَي ھَي
او ݾجا مھَي تي ھاݾَي ھَي۔
او مھنَي چِڙائي، ڪونڌا لوڏي اِيئون ڪَي ھَي ڪہ،
‏8 جي اِيئي رو وِشواس ايشوَر تي ھَي
تو او اِيئون نَي ڪيئون ڪونھي بچاوتو۔
جي او اُوئون ۾ خُوش ھَي تو او اُوئون نَي بچاشَي۔
‏9 اي مھارا ايشوَر، تُوج ھَي،
جڪو مھنَي مھارِي ما رَي پيٽ ݾون
خير خيريت ݾون ٻاھر ڪاڍي لايو ھَي۔
جڏي ھُون ما رو ڏُوڌ پيتو،
اُوئي ٽيم ݾون تُو مھارِي رُکاݪِي ڪرتو۔
‏10 تُو جنم ݾون مھارِي رُکاݪِي ڪرتو رھيو ھَي۔
جڏي ھُون ما رَي پيٽ ݾون جايو،
اِيئي تي ݾون تُو مھارو ايشوَر ھَي۔
‏11 ھمَي تُو مھَي ݾون اݪگو نِي ھو
ڪيونڪہ ڏُک نيڙا ھَي،
ھانَ ٻيجو ڪو ڀِي مددگار ڪونھي۔
‏12 گھڻَي مارڪڻَي ڍگون
مھارَي چوڌاري گھيرو ڪيئو ھَي۔
جِي ھاوي، بَسن مُلڪ رَي ڍگون آݪِي ڪار
اُوئون مھَي تي گھيرو ڪيئو ھَي۔
‏13 او چيرڻ ڦاڙڻ آݪا بگڙ ھَي،
مھَي ݾارُو آپرا ٻاڪا ڦاڙي ٻيٺا ھَي۔
‏14 ھُون پوڻي آݪِي ڪار بَئي گيو
ھانَ مھارَي ݾجَي ھاڏکَي ٽُوٽَي رَي،
مھارو من ميڻ جھڙو ھوئي گيو
ھانَ او مھارَي سينَي ۾ پِگھرڻ لاگو۔
‏15 مھارِي نڙِي ݾُوڪِي ٺيڪر ھوئِي رِي
ھانَ مھارِي زِبون مھارَي تاݪُو نَي جائي لاگِي ھَي۔
ھانَ ٿَي مھنَي موت رِي مٽِي ۾ مِلائي ڇوڙيو ھَي۔
‏16 بُڇڙون ڪُتون آݪِي ڪار مھنَي گھيرَي ۾ ليئو ھَي۔
اِيئي رَي ڪري ڪہ او مھنَي چيري ڦاڙَي۔
‏17 ھمَي تو مھارَي ݾجَي ھاڏکَي ڏيکيجَي ھَي،
ݾجا دُشمن مھنَي ڏوڙا ڦاڙي ڦاڙي جوئَي ھَي۔
‏18 او مھارا گاڀا آپت ۾ بِݪاوَي ھَي۔
جِي ھاوي، مھارَي گاڀون رَي ݾارُو آپت ۾ پُکا گھاتَي ھَي۔
‏19 اِيئي رَي ڪري اي مھارا ايشوَر تُو مھَي ݾون اݪگو نِي جا۔
ھانَ اي مھارا مددگار،
تُو مھارِي مدد رَي ݾارُو ڇيڪو آ۔
‏20 تُو آئي مھارِي جان نَي تلوار ݾون بچا۔
تُو مھنَي اِيئون ڇِتون ڪُتون ݾون بچا۔
‏21 تُو مھنَي آئي اِيئون بگڙون ݾون بچا۔
جِي ھاوي، ٿَي مھنَي
اِيئون جھيڙَي ڪرڻ آݪون رَي ݾِينگون ݾون بچايو ھَي۔
‏22 ھُون آپرَي ڀايون ۾ ٿارَي نون رو پرچار ڪرين
ھانَ مِنکون ۾ ٿارَي نون رِي جَئي جَئي ڪار ڪرين۔
‏23 پرميشوَر ݾون ٻيئاجڻ آݪون،
ٿي اُوئي رَي نون رِي بڏائي ڪرو۔
يعقُوب رِي پيڙھِي آݪون ٿي اُوئي رَي نون رِي بڏائي ڪرو،
ھانَ اِسرائيلي قوم رِي ݾجِي پيڙھِي ٿي اُوئي رِي عِزت ڪرو۔
‏24 ڪيونڪہ ايشوَر ھر ٽيم
ڏُکِي اِنسون رِي مدد ڪِي ھَي۔
نَڪو اُوئي ڪَي ݾون نفرت ڪِي ھَي
ھانَ نَڪو اُوئي ڪَي ݾون آپرو مونڏو لِڪايو ھَي۔
پڻ جڏي اُوئون ايشوَر نَي ياد ڪيئو ھَي
تو اُوئي اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ھَي۔
‏25 ھُون تموم گھڻَي مِنکون ۾
اُوئي رَي نون رِي بڏائي ڪرين۔
ھانَ ھُون اُوئون رَي رُوبرو آپرِي ڀيٽا رو ٻَليدون ڪرين۔
‏26 غريب کاشَي ھانَ ڍئو ڪرشَي
ھانَ پرميشوَر را پُوجاري اُوئي رِي بڏائي ڪرشَي۔
اُوئون را من ھر ٽيم جيتا رَي۔
‏27 ݾجو جگت پرميشوَر نَي ياد ڪري اُوئي ڏيݾا آشَي۔
جِي ھاوي، ݾجَي قومون اُوئي آگھي نِمشَي۔
‏28 ڪيونڪہ بادشاھي پرميشوَر رِي ھَي۔
اوج ݾجَي قومون رو بادشاھ ھَي۔
‏29 جگت را ݾجا فانِي اِنسون ڍئو ڪرشَي
ھانَ اُوئي نَي نمسڪار ڪرشَي۔
مٽِي ۾ جاوڻ آݪا او ݾجا ٿَي آگھي نِمشَي۔
جِي ھاوي، او ݾجا آپنَي موت ݾون بچائي ڪونھي ݾگھَي۔
‏30 ھيڪ پيڙھِي اُوئي رِي ڀگتي ڪرشَي
ھانَ ٻيجِي پيڙھِي پرميشوَر رَي نون رو پرچار ڪرشَي۔
‏31 جڪو پَڇي آشَي
اُوئون نَي پرميشوَر را ڪوم ݾُڻائي ڪشَي ڪہ،
”پرميشوَر آپرِي قوم نَي ڇوڙايو ھَي۔“