اليشع نبِي ھانَ نعمان ڪوڙھي
5
نعمان ارام مُلڪ رَي بادشاھ رِي فوج رو ھيڪ موٽو ݾردار ھتو ھانَ بادشاھ اُوئي نَي آپرو خاص مِنک ݾمجھتو اِيئي رَي ڪري نعمان رِي تموم گھڻِي عِزت ھتِي ڪيونڪہ پرميشوَر اُوئي رَي وسيلَي ݾون ارام مُلڪ نَي آزاد ڪرايو ھتو۔ او ھيڪ جنگِي جوڌو ھتو پڻ اُوئي نَي ڪوڙھ رِي بيمارِي ھتِي۔ ‏2 پيل اراميون اِسرائيلي قوم ݾون اوچتِي جنگ ڪِي ھتِي ھانَ اوٿ ݾون ھيڪ نِنڪِي ڇوڪرِي نَي قيد ڪري لي آيا گيا۔ او ڇوڪرِي نعمان رِي لُگائِي رِي ٻونھِي ھتِي۔ ‏3 اُوئي ڇوڪرِي ھيڪ ڏِن آپرِي مالڪيوڻِي نَي ڪھيو ڪہ، ”جي مھارو مالڪ اُوئي نبِي ݾون ملَي جڪو سامريا گون ۾ ھَي تو او اُوئي رِي ڪوڙھ ݾاجِي ڪرشَي رِي۔“ ‏4 نعمان اَي بات جائي آپرَي مالڪ نَي ݾُڻائِي ڪہ اِسرائيل ݾون آيوڙِي ڇوڪرِي اِيئون ڪھيو ھَي۔ ‏5 تو ارام رَي بادشاھ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جا ھانَ ھُون ٿنَي اِسرائيل مُلڪ رَي بادشاھ رَي ݾارُو خط لِکي ڏيئون ھون۔“ پَڇي نعمان آپ ڀيڙِي تين ݾئو پنجاھ ݾير چوندِي، ستر ݾير ݾونَ ھانَ ڏَݾ گاڀون را جوڙا لي بَئير ھويو۔ ‏6 نعمان او خط اِسرائيل رَي بادشاھ نَي ڏينو جڪَي ۾ اَي لِکيوڙو ھتو ڪہ، ”ھُون آپرو اَي خط آپرَي ٻونھَي نعمان رَي ھاٿون ميلون پڙيو اِيئي رَي ڪري ڪہ ٿي اِيئي رِي ڪوڙھ ݾاجِي ڪرو۔“ ‏7 جڏي بادشاھ خط پڙھيو تو اُوئي آپرا گاڀا ڦاڙي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ھُون ايشوَر ھون جڪو ڪينَي مارون جون ڪينَي جيتو ڪرون، تو پَڇي اُوئي ڪيئون اھڙَي مِنک نَي مھَي ڪڍي ميليو ھَي ڪہ ھُون اُوئي نَي ڪوڙھ رِي بيمارِي ݾون ݾاجو ڪرون۔ ٿي جوئو پڙيا ڪہ او مھَي ݾون جنگ ڪرڻ رو بھانو جووَي پڙيو۔“ ‏8 جڏي ايشوَر رَي نبِي اليشع ݾُڻيو ڪہ اِسرائيلي بادشاھ آپرا گاڀا ڦاڙيا ھَي تو اُوئي بادشاھ ڏيݾا نياپو ميليو ڪہ، ”ٿَي آپرا گاڀا ڪيئون ڦاڙيا؟ تُو اُوئي مِنک نَي مھَي ڪڍي ميل تو اُوئي نَي خبر پڙَي ڪہ اِسرائيل مُلڪ ۾ ڪو ايشوَر رو نبِي موجُود ھَي۔“
‏9 اِيئي تي نعمان آپرَي گھوڙون گاڏون ݾُوڌو اليشع نبِي رَي گھر رِي گھٽِي تي آئي اُڀو۔ ‏10 پڻ اليشع ھيڪَي مِنک نَي نياپو ڏي ڪھيو ڪہ، ”جا، ھانَ جائي يردن دريا ۾ ݾات گُھمرا ٽُٻَي ڏي تو ٿارو ڏيل اَگي آݪِي ڪار ݾاجو ھوئي جاشَي۔“ ‏11 اِيئي بات تي نعمان ريݾ ۾ بُوئو ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”مھَي تو اَي ݾوچو ھتو ڪہ او ضرُور ٻاھر آشَي ھانَ مھَي ڪڍي اُڀي پرميشوَر آپرَي ايشوَر رو نون لي مھارِي بيمارِي تي آپرو ھاٿ ڦيري مھنَي ݾاجو ڪرشَي۔ ‏12 ڪِي دمشق رو ابانا دريا ھانَ فرفر دريا رو پوڻي اِسرائيل رَي دريا ݾون ݾُٺو ڪونھي؟ ھُون اُوئون ۾ جائي جھيلين ھانَ ݾاجو ھوئي جائين؟“ اِيئي تي او ريݾ ۾ پاڇو ھٽيو ھانَ اوٿ ݾون بُوئو۔
‏13 اِيئي تي نعمان را نوڪر اُوئي ڪڍي آيا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مالڪ، جي اُوئي نبِي ٿونَي ڪَي موٽَي ڪوم رَي ݾارُو ڪھيو ھووَنت، تو ڪِي ٿي او ڪوم ڪونھي ڪرون تو؟ اُوئي تو رُگو اَي ڪھيو ھَي ڪہ،”جھيل ھانَ ݾاجو ھو۔“ ‏14 پَڇي نعمان اُتريو ھانَ ايشوَر رَي نبِي رِي ڪھيوڙِي بات تي يردن دريا ۾ ݾات ٽُٻَي ڏينَي تو او ݾاجو ھويو ھانَ اُوئي رو ݾجو ڏيل نِنئي ٻاݪ رَي ڏيل جھڙو ھوئي گيو۔ ‏15 پَڇي نعمان آپرَي مِنکون ݾُوڌو ايشوَر رَي نبِي ڪڍي آيو ھانَ اُوئي آگھي اُڀي ڪھيو ڪہ، ”ھمَي مھنَي خبر ھَي ڪہ اِسرائيل رَي ايشوَر ݾون ٽاݪ دُنيا ۾ ٻيجو ڪو ڀِي ايشوَر ڪونھي۔ ھمَي مھربونِي ڪري آپرَي ٻونھَي رَي لايوڙَي ڀيٽائُون قبُول ڪرو۔“ ‏16 پڻ اليشع پالي ڪھيو ڪہ، ”ھُون جيتَي پرميشوَر رو ݾونݾ لي ڪونھ ھون ڪہ مھنَي ڪئين ڪونھي کپَي۔“ تو ڀِي نعمان تموم گھڻو زور ڀريو پڻ اُوئي ليوَڻ ݾون اِنڪار ڪيئو۔ ‏19 اليشع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو خير خيريت ݾون جا۔“ او بَئير ھويو ھانَ ڪئينڪہ آگھو گيو۔ ‏20 تو اليشع رَي نوڪر جيحازي ݾوچو ڪہ، ”مھارَي مالڪ نعمان رَي لايوڙَي شيون ۾ ڪئين ڪونھي ليئو۔ اِيئي رَي ڪري جيتَي پرميشوَر رو ݾونݾ ڪہ ھُون اُوئي لاري جائين ھانَ ڪئين نِي ڪئين لي آئين۔“ ‏21 اِيئي رَي ڪري جيحازي نعمان رَي لاري گيو۔ جڏي نعمان ڏيٺو ڪہ اُوئي لاري ڪو مِنک ناݾتو آوَي پڙيو تو او آپرَي (گڏا گاڏَي) ݾون ھيٺا اُتريو ھانَ اُوئي ݾون مِلي پُوڇو ڪہ، ”خير تو ھَي؟“ ‏22 جيحازي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي مالڪ ڪھيو ھَي ڪہ، ’ھڻون ھڻون مھَي ڪڍي اِفرائيم رَي جابلُو علائقَي ݾون نبيون رَي ٽولَي ݾون ٻي جِڻا آيا ھَي۔ اِيئي رَي ڪري تُو اُوئون رَي ݾارُو پنجٽِي ݾير چوندِي ھانَ ٻي گاڀون را جوڙا ڏي۔‘“ ‏23 اِيئي تي نعمان ڪھيو ڪہ، ”مھربونِي ڪري ستر ݾير چوندِي ھانَ ٻي گاڀون را جوڙا لي جا۔“ نعمان اَي تموم گھڻو ڪھيو ھانَ زورِي ستر ݾير چوندِي ھانَ ٻي گاڀون را جوڙا گوٿلِي ۾ گھاتيا۔ پَڇي نعمان آپرَي ٻيئون نوڪرون نَي ڏينا ھانَ او ݾجو سيمون لي جيحازي رَي آگھي آگھي بيوَڻ لاگا۔ ‏24 جڏي جيحازي جبل رَي نيڙو پُگو تو اُوئي نوڪرون ݾون ݾجو سيمون ليئو ھانَ اُوئون نَي پاڇا ميليا۔ اُوئي او سيمون گھري لِڪائي ڇوڙيو۔ ‏25 پَڇي او آپرَي مالڪ ڪڍي گيو۔ اِيئي تي اليشع اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو ڪيٿ گيو ھتو؟“ تو اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿارو ٻونھو ڪيٿ ڀِي ڪونھي گيو ھتو۔“ ‏26 اِيئي تي اليشع نبِي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارِي آتما اُوئي ٽيم ڀِي ٿَي ڀيڙِي ھتِي جڏي او مِنک ٿَي ݾون مِلڻ رَي ݾارُو آپرَي گاڏَي ݾون ھيٺا اُتريو ھتو۔ ڪِي اَي ٽيم پَشا،گاڀا، زيتُون رَي باگ، انگُورون رَي باگ، رڍون، ڍگون ھانَ نوڪر چاڪر ليوَڻ رو ھَي؟ ‏27 اِيئي رَي ڪري نعمان جھڙِي ڪوڙھ رِي بيمارِي ھميشا رَي ݾارُو ٿنَي ھانَ ٿارِي نسل نَي ھوشَي۔“
جڏي او اوٿ ݾون نڪريو تو اُوئي نَي ڪوڙھ ھوئي گئِي او برف جھڙو آڇو ھوئي گيو۔