6
14 دائُود رو اُوئي ٽيم جُبو پيريوڙو ھتو ھانَ او پرميشوَر رَي ݾارُو آپرِي ݾجِي طاقت ݾون ناچتو رھيو۔ 15 اِيئي نمُونَي دائُود ھانَ ݾجِي اِسرائيلي قوم خُوشِي ݾون نارا ھڻتا ھڻتا ھانَ نَر ݾِينگا بجاوتا پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ لي آيا۔ 16 جڏي پرميشوَر رِي ݾنڏُوڪ دائُود رَي شھر يروشلم ۾ آئِي، تو سائُول رِي ڏيڪرِي ميڪل درِي ۾ جوئو ھانَ جڏي اُوئي دائُود بادشاھ نَي پرميشوَر رَي ݾارُو ناچتو ھانَ ٽِپا ڏيتو ڏيٺو، تو اُوئي نَي اُوئي تي ريݾ آئِي۔17 پَڇي پرميشوَر رَي وچن رِي ݾنڏُوڪ تنٻُو رَي بِچ ۾ اُوئي رِي جگھا تي راکِي۔ اَي تنٻُو دائُود اِيئي رَي ݾارُو ٺاھيو ھتو۔ پَڇي دائُود پرميشوَر رَي ݾارُو ٻاݪڻ آݪا ھانَ خير خيريت را ٻَليدون ڪيئا۔ 18 جڏي اُوئي اَي ݾجائِي ٻَليدون ڪيئا، تو اُوئي قُدرت آݪَي ايشوَر رَي نون ݾون مِنکون نَي برڪت ڏينِي۔ 20 اُوئي ݾون پَڇي دائُود آپرَي گھري پاڇو آيو اِيئي رَي ڪري ڪہ آپرَي خاندان رِي خير خبر لَي۔ تو سائُول رِي ڏيڪرِي ميڪل، دائُود ݾون مِلڻ رَي ݾارُو ٻاھر آئي ھانَ ڪيوَڻ لاگِي ڪہ، ”اِسرائيلي رَي بادشاھ آج ڪھڙو نِي ݾُٺو نون ڪڍايو ھَي ڪہ آپنَي آپرَي نوڪرون ھانَ نوڪروڻيون آگھي اِيئون اُگھاڙو ڪيئو ھَي جون ڪو بي شرمِي ݾون ڪرَي ھَي۔“ 21 دائُود، ميڪل نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارو اَي حال پرميشوَر آگھي ھَي، جڪَي ٿارَي اَبا ھانَ اُوئي رَي ݾجَي خاندان رِي ھوڏ ۾ مھنَي پسند ڪيئو ھَي ھانَ آپرِي اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو مھنَي بادشاھ ٺاھيو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ھُون ايشوَر رَي ݾارُو ضرُور ناچين ھانَ خُوشِي ݾون ٽِپا ڏئين۔ 22 جِي ھاوي، ھُون آپنَي اَڃون ڀِي وڌيڪ گھٽ ڪرين۔ پڻ جڪون نوڪرون رو ٿَي نون ليئو ھَي اُوئون رِي نظر ۾ ھُون عِزت آݪو ھوئين۔“
23 سائُول رِي ڏيڪرِي ميڪل مرتي دم توڻي بي اولاد رئي۔